بلوچي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


بلوچي:Balochi : (سانچو:Lang-bal, Balòči) ھڪ اولھ ايراني ٻولي آهي[1] اھا بلوچن جي ٻولي آهي جيڪاپاڪستان، ايران،افغانستان ۽ اومان ۾ ڳالھائي ويندي آھي.ھن ٻوليءَ جا گھٽ ۾ گھٽ اٺ حروف علت Vowels آھن جن مان پنج وڏا ۽ ٽي ننڍا آهن.[2].بلوچي ٻوليءَ جا ٻہ وڏا لھجا آھن : 1.مندواڻي ۽ 2. مزاري.[3] پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي بلوچ قبيلن جي ٻولي بلوچي آهي. ھن ٻوليء جي ترقيء لاءِ بلوچستان يونيورسٽي ۾ بلوچ اڪيڊمي ڪم ڪري رھي آھي.

تاريخ[سنواريو]

بلوچي ٻولي جو سلسلو ڏکڻ اوڀر ايران۾ ڳالھائجندڙ قديم ٻولين سان ملي ٿو. بلوچ قبيلا بلوچستان ۾ اتر اوڀر ايران مان آيا ء پاڻ سان ھيء ٻولي بہ کڻي آيا. ھن ٻوليء جو پھريون ماھوار رسالو 1952 ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو پر اھو بہ گھڻو عرصو ھلي نہ سگھيو.ان کان پوءِ 1960 ۾ سرڪاري رسالو ڪوئيٽا کان مجلہ اولس جي نالي سان جاري ٿيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي.ڄام ورڪ، مست توڪلي، گل خان نصير، آزاد جمال الدين، ن.م.دانش، بانل دشتياري (نازبيبي) مشھور بلوچي اديب ۽ شاعر آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Eastern Iranian languages". Encyclopedia Iranica. "Baluchi, a North-Western Iranian language, is spoken chiefly in Pakistan, in the south-eastern corner of the Iranophone area."
  2. See Farrell (1990) for Southern Balochi (as spoken in Karachi, Pakistan, and Axenov (2006) for Western Balochi as spoken in Turkmenistan.
  3. Dames, Mansel Longworth (1922). A text book of the Balochi language. Lahore: Government Print of Punjab. p. 1. https://archive.org/stream/textbookofbaloch00damerich#page/n3/mode/2up.