تيل
ڏيک
تيل، ”تر“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”تل“ ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”جو سڻڀو آهي“. آڳاٽن لوڪن ڏٺو تہ تر هڏ جا سڻڀا آهن، تہ ڪنهن وقت انهن مان تيل پيڙي ڪڍڻ جو هنر ڳولي لڌائون ”تيل“ لفظ ”تل“ (تر) مان ٺهيو آهي ۽ بنيادي معنيٰ ئي اٿس ”ترن جي پيدائش“. ماڻهو پوءِ ٻين ٻجن مان تيل پيڙڻ سکيا تہ اهو بہ ”تيل“ سڏجڻ ۾ آيو. هن وقت ڳالھ جي چٽائيءَ لاءِ چئون سرنھن جو تيل يا مٺو تيل، ڄانڀي جو تيل يا ڪوڙو تيل وغيره. ھن وقت بادامين، کوپرن بلڪ مڇيءَ مان بہ تيل ڪڍن ٿا ۽ اهو بہ ”تيل“ سڏجي ٿو، نہ تہ اصل رڳو ترن جي تيل کي ”تيل“ چوندا هئا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي؛ چوٿون ايڊيشن 2004ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5. Missing or empty
|title=
(مدد)}