ڪوئيٽا
ڪوئيٽا
Quetta ڪوئڻه | ||||||
---|---|---|---|---|---|---|
| ||||||
Etymology: Pashto: ڪواتہ جو قلعو | ||||||
سانچو:Pluralize from text: لٽل لنڊنانگريزن جو زلزلي کا اڳ تعريف ۾ ڏنل نالو. سانچو:Pluralize from text | ||||||
جاگرافي بيهڪ: 30°11′N 67°00′E / 30.183°N 67.000°E | ||||||
ملڪ | پاڪستان | |||||
صوبو | بلوچستان | |||||
ضلعو | ڪوئيٽا | |||||
ضلعو قائم ٿيو | 1876 | |||||
Government | ||||||
• Type | ميونسپل ڪارپوريشن | |||||
• ڪوئيٽا جو ميئر | ڊاڪٽر ڪليم الله خان [1] | |||||
• ڊپٽي ميئر | يونس بلوچ | |||||
Area | ||||||
• Total |
2,656 ڪ.م2 (1,025 ميل2) |
ڪوئيٽا (Quetta) صوبي بلوچستان ۽ ضلعي ڪوئيٽا جو گاديء جو ھنڌ آھي۔ ھي صوبي بلوچستان جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ھن کي ميون جو ڳڙھ بہ چيو ويندو آھي۔ ھي 1,680 ميٽر (5,510 فٽ ) جي سطح سمنڊ کان اوچائي تي وسي ٿو۔ اھڙي طرح ھي پاڪستان جو اوچائي تي وسندڙ اڪيلو اھم شھر آھي۔ 896,090 ماڻھن جي آبادي ھن کي بلوچستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ پاڪستان جو ھڪ اھم شھر بڻائي ٿي۔
ڪوئيٽا ڊيورنڊ ليڪ کان ڏکڻ پاسي اترين بلوچستان ۾ بولان گلي سان وسي ٿو۔
نالو
[سنواريو]ڪوئيٽا جو نالو پنجابي / سنسڪرت لفظ ڪوٽ تان ٺھيو آھي جنھن جو مطلب آھي قلعو۔ سيالڪوٽ، مٺڻ ڪوٽ ملندڙ لفظ آھن۔
تاريخ
[سنواريو]ڪوئيٽا ھڪ پراڻي نگري آھي۔ ھي چئن اوچن جبلن سان گھريل آھي۔ چلتن، زرغون ۽ مھردار ھن جا جبل آھن۔ لکتن ۾ پھريون دفعو ھن جو نالو ڇھين صدي ۾ آيو جڏھن ھي ايران جي ساساني سلطنت جو حصو ھئي۔ بنواميه جي وقت ھي مسلمانن جي ھٿ لڳي۔ ھي شھر مغل سلطنت جو بہ حصو رھيو۔ 1839 ۾ پھرين انگريز افغان جنگ ۾ انگريزن ھن شھر کي ھٿ ڪري ورتو۔ 1876 ۾ سلطنت برطانيہ جو حصو بڻجي ويو۔ 31 مئي 1935 تي ھتي ھڪ وڏو زلزلو آيو جنھن ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو تہ 30 کان 60 ھزار تائين ماڻھو مري ويا ۽ شھر جو وڏو حصو تباھ ٿي ويو وچ۔ ايران ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار جو رستو ھجڻ جي سبب ھي شھر اڳتي وڌڻ لڳو۔ 1947 ۾ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ھي شھر بلوچستان جي گادي جو ھنڌ آھي.
تصويرون
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ ڪوئيٽا سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- شهر
- بلوچستان، پاڪستان
- بلوچستان جا شهر
- پاڪستان جا شهر
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون