اسلام آباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسلام آباد
اسلام آباد
گاديءَ جو هنڌ
Islamabad, Pakistan Monument.jpg
Long Exposure of Blue Area Islamabad.JPGParliament House, Islamabad by Usman Ghani.jpg
Faisal Mosque close up (cropped).jpg
Islamabad- Under dark clouds.jpeg
کاٻي کان ساڄي پاسي: يادگار پاڪستان،شھر جو واپاري مرڪز بليو ايريا ، پاڪستان جي قومي اسيمبلي،فيصل مسجد، مارگلا پھاڙن وارو نيشنل پارڪ
اسلام آباد is located in Pakistan
اسلام آباد
اسلام آباد
اسلام آباد is located in Asia
اسلام آباد
اسلام آباد
پاڪستان منجھ مقام
جاگرافي بيهڪ: 33°43′N 73°04′E / 33.717°N 73.067°E / 33.717; 73.067مڪانيت: 33°43′N 73°04′E / 33.717°N 73.067°E / 33.717; 73.067
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
انتظامي علائقو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري
قيام 1960
حڪومت
 • قسم پارليامينٽري ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ
 • Governing body اسلام آباد ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي
 • چيئرمين سي ڊي اي عثمان باجوا
 • ڊپٽي ڪمشنر ڪيٽن(ر) مشتاق احمد
 • ميئر نواز ليگ جو شيخ انصار عزيز
پکيڙ[1]
 • گاديءَ جو هنڌ ٩٠٦٫٥ ڪ.م٢ (٣٥٠٫٠ ميل٢)
 • زميني ٨٩٧٫٧ ڪ.م٢ (٣٤٦٫٦ ميل٢)
 • آبي ٨٫٨ ڪ.م٢ (٣٫٤ ميل٢)  0.97%
 • شھري ٢٢٠٫١٥ ڪ.م٢ (٨٥٫٠٠ ميل٢)
 • Rural ٤٦٦٫٢٠ ڪ.م٢ (١٨٠٫٠٠ ميل٢)
 • پارڪ ٢٢٠٫١٥ ڪ.م٢ (٨٥٫٠٠ ميل٢)
بلند ترین  پیمائش ٦٢٠ ميل (٢٬٠٠٠ ft)
گھٽ ترین  پیمائش ٤٩٠ ميل (١٬٦١٠ ft)
آبادي (2017 Census)[2]
 • گاديءَ جو هنڌ ٢,٠٠٦,٥٧٢

اسلام آباد (انگريزي ٻولي: Islamabad) هن وقت جي ملڪ پاڪستان جو گادي جو هنڌ آهي، هي شهر تمام خوبصورت پهاڙن جي وچ ۾ آهي.[5]

تفصيل[سنواريو]

پاڪستان جو وفاقي گاديءَ جو هنڌ، جيڪو راولپنڊيءَ کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.هن شهر کان اڳ ملڪ جي گادي جو هنڌ ڪراچي شهر هو پر فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ هي شهر خاص طور رٿابنديءَ سان وفاقي گادي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو هو، جيڪو،سمنڊ جي سطح کان 1650 کان 2000 فوٽ اُتاهينءَ تي مرگلا پهاڙين ۾ -آباد- آهي. هن شهر جي اڏاوت 1961ع ۾ شروع ٿي ۽ 1967ع ۾ تڪميل تي پهتي. هيءُ شهر 350 چورس ميلن تي پکڙيل آهي. هتي حڪومتي انتظام هلائڻ لاءِ وفاقي سيڪريٽريٽ جون عاليشان عمارتون آهن. ايوان صدر ۽ -پارليامينٽ- هائوس پاڻ ۾ لڳو لڳ آهن. انهن جي ويجهو صدارتي محل، اسٽيت -بئنڪ- ۽ قومي اسيمبليءَ جون عمارتون آهن. ثقافتي سيڪٽر ۾ نئشنل لائبرري، نئشنل ميوزيم، آرٽس ڪائونسل ۽ ريڊيو -پاڪستان- جون عمارتون آهن. ڪاروباري لحاظ کان هتي سپر مارڪيٽ، جناح مارڪيٽ، ستاره مارڪيٽ ۽ ميلوڊي وغيره آهن. -اسلام- -آباد- جي ڪاروباري زندگيءَ ۾ بلو ايريا کي هڪ خاص مقام حاصل آهي. -اسلام- -آباد- جو مرڪزي ۽ تعمير جي لحاظ کان سڀ کان پهريون ۽ مشهور عوامي چوڪ ”آب پاره“ آهي، جنهن کي -اسلام- -آباد- جي دل چيو ويندو آهي. هتي فن تعمير جو شاهڪار فيصل مسجد آهي، جنهن جي ڊزائن ترڪيءَ جي مشهور معمارن ٺاهي هئي. -اسلام- -آباد- ۾ انٽرنئشنل اسلامي يونيورسٽي، نئشنل يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽئڪنالاجي، يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگئيجز، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ قائداعظم يونيورسٽي مشهور درسگاهون آهن. -اسلام- -آباد- جي معروف تربيت گاهن ۾ نيوڪليئر انسٽيٽيوٽ، اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ، گورنمينٽ پُولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ، هائڊرو ڪاربن انسٽيٽيوٽ، نئشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن وغيره شامل آهن. مقتدره قومي زبان، -اڪادمي ادبيات پاڪستان- ۽ لوڪ ورثي جا ادارا ۽ -اشاعت- گهر به -اسلام- -آباد- جا معروف سرڪاري ادارا آهن. -اسلام- -آباد- جي سير تفريح وارين جاين ۾ شڪر پڙيان، راول ڊئم، دامن ڪوهه، -اسلام- -آباد- پارڪ، عوامي مرڪز، نورپر شاهان، -بري- -امام- جو مقبرو، مرغزار ۽ 50 ايڪڙن تي پکڙيل روز ائنڊ جيسمين گارڊن وغيره ذڪر لائق آهن. هيءُ شهر، خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. -اقوام متحده- جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اوٿانٽ، هن شهر کي ”ايشيا جو برازيل“ ڪوٺيو هو. -جولاءِ- 1980ع ۾ هن شهر کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.[5]

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]


Noia 64 apps xeyes.png پڻ ڏسندا[سنواريو]

سانچو:پاڪستان جا وڏا شهر سانچو:پاڪستان جي سياسي ورهاست سانچو:پاڪستان جي قومي ۽ صوبائي گاديءَ جا هنڌ سانچو:فهرست ايشيائي گاديءَ جا هنڌ بلحاظ خطا سانچو:پاڪستان جا ڏهه لک کان وڌيڪ آباديءَ وارا شهر سانچو:اسلام آباد جي نواح