خضدار
Khuzdar خضدار | |
|---|---|
Khuzdar city | |
| Coordinates: 27°48′N 66°37′E / 27.800°N 66.617°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | بلوچستان |
| وقتي علائقو | UTC+5 (PST) |
| ڊائلنگ ڪوڍ | +92848 |
خضدار انگريزي (Khuzdar) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو شهر آهي جيڪو ڪوشڪ ندي جي کاٻي ڪناري تي واقع آهي. ڏکڻ بلوچستان (جھلوان يا جھالاوان) جو اهم ۽ تاريخي شهر ۽ ضلعو پڻ آهي. هت سنڌي، بواهوي ۽ بلوچي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هن شهر ۾ ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن به آهي. تعليمي حوالي سان هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ انجينيئرنگ يونورسٽي پڻ آهي. هن شهر گنجان آبادي وارو شهر پڻجي ويو آهي. هن جي موسم وڍ، ڪوئٽه ۽ قلات جي ڀيٽ ۾ گرم آهي. هت مختلف موات جا باغ پڻ آهن. خضدار اهم شاهراھ وسيلي ڪراچي ۽ ڪوئٽه سان ڳنڍيل آهي.[1]
تاريخ
[سنواريو]ھينري پاٽينجر جو 1810 ۾ سفر
[سنواريو]شهر ننڍڙو آهي، منجهس پنجن سوَن کان وڌيڪ گهر ڪونه آهن. اهو جبلن جي وچ ۾ هڪ ماٿريءَ ۾ ٺهيل آهي ۽ چوڌاري ننڍو مٽيءَ جو ڪوٽ اڏيل اٿس. ڪوٽ جي اندر ٻه- ٽي باغيچا آهن، جن ۾ موسم تي انگور، انجير، شڪربالا ۽ باداميون، صوف وغيره پيدا ٿيندا آهن. جڏهن اسان اتي هئاسين، تڏهن وڻن ۾ پن ڪونه هئا ۽ تهه سيارو هو. گرميءَ جي موسم ۾ قنبراڻيءَ قوم جو سردار ۽ قلات جي حاڪم محمود خان جو سالو مير مراد علي، خوزدار ۾ رهندو آهي. هو ان وقت ڪڇ گنداوا. ويل هو، پر سندس نائب جو هڪ بيحال ٻڍو ماڻهو هو، سو اسان سان ملڻ آيو، چيائين ته معاف ڪجو جو ڪالهه شام جو اوهان سان ملي نه سگهيس، منهنجي طبيعت ناساز هئي. اسان چيس ته اسان مير صاحب لاءِ لس جي ڄام جو خط آندو آهي، پر اسان کي ساڻس گڏجڻ جي اميد هئي، تنهنڪري خط پاڻ وٽ رکيوسين. خوزدار جا رهاڪو اڪثر ملتان ۾ شڪارپور جا هندو آهن، انهن جي شهر ۾ ايتري هلندي آهي جو شهر جي دروازي جون ڪنجيون روز رات جو مکيه برهمڻ جي حوالي ڪيون وينديون آهن، اتي برهمڻن جي نُک جا ڪيترا ماڻهو رهندا آهن. اهي ڪالي ماتا جي مندر ۾، جو هنن اتي ٺهرايو آهي خدمت ڪندا آهن. هو بدچلن ۽ بدڪار ماڻهو آهن، ۽ اسان جي هوندي سمورو وقت تماڪ پيئندا، ڀنگ کائيندا ۽ باهه تي ويٺا هوندا هئا، انهن اوَگڻن ڪري، هو ضعيف ۽ قبل از وقت ٻڍا نظر ايندا هئا. انهن برهمڻن جي ڪري بازار هميشه ڀرپور هوندي آهي. انهن ٻه چرخيون به ٺهرايون آهن جي هڪ نهر جي زور تي هلنديون آهن، جا ماٿر مان وهي ٿي.[2]
تعليم
[سنواريو]پاڪستان ضلعي تعليمي درجابندي 2017ع موجب، خضدار ضلعو تعليمي اسڪور انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ڪيل 141 ضلعن مان 122هين نمبر تي هو. هن انڊيڪس ۾ ضلعي اندر سکيا، صنفي برابري ۽ شاگردن جي تعليم جاري رکڻ جي شرح کي نظر ۾ رکيو ويو هو.
2014–15ع ۾ ضلعي جي 10 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر واري آباديءَ ۾ خواندگيءَ جي شرح 45 سيڪڙو هئي، جڏهن ته عورتن ۾ اها شرح رڳو 26 سيڪڙو هئي.[3]
پرائمري کان پوءِ واري تعليم تائين پهچ ضلعي جو هڪ اهم مسئلو آهي، ڇاڪاڻتہ 87 سيڪڙو اسڪول پرائمري سطح جا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ هاءِ اسڪول ضلعي جي سرڪاري اسڪولن جو رڳو 5 سيڪڙو آهن. اها صورتحال 2016–17ع جي داخلا جي انگن اکرن مان پڻ ظاهر ٿئي ٿي، جڏهن پهرين کان پنجين جماعت تائين 23,848 شاگرد داخل هئا، جڏهن ته نائين ۽ ڏهين جماعت ۾ رڳو 698 شاگرد داخل هئا.
صنفي اڻبرابري پڻ ضلعي جو هڪ مسئلو آهي. ضلعي جا رڳو 30 سيڪڙو اسڪول ڇوڪرين جا اسڪول آهن. ڇوڪرين جي تعليم تائين پهچ ضلعي جو هڪ اهم مسئلو آهي، جيڪو عورتن ۾ خواندگيءَ جي گهٽ شرح مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو.
ان کان سواءِ، ضلعي جي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. الف اعلان جي ضلعي تعليمي درجابندي 2017ع موجب، پرائمري اسڪولن جي بنيادي ڍانچي جي لحاظ کان ضلعو پاڪستان جي 155 ضلعن مان 127هين نمبر تي هو. مڊل اسڪول جي سطح تي اهو 155 ضلعن مان 133هين نمبر تي هو. هن درجابنديءَ ۾ اسڪولن ۾ موجود بنيادي سهولتن، جن ۾ پيئڻ جو پاڻي، استعمال لائق بيت الخلا، بجليءَ جي دستيابي، چوديواريءَ جي موجودگي ۽ عمارت جي مجموعي حالت شامل آهن، کي نظر ۾ رکيو ويو هو. هر پنجن مان چئن کان وڌيڪ اسڪولن ۾ بجلي موجود نه هئي. هر ٽن مان هڪ اسڪول ۾ بيت الخلا نه هو ۽ هر ٻن مان هڪ اسڪول کي چوديواري نه هئي. هر ٽن مان هڪ اسڪول ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي موجود نه هو. خضدار ضلعي ۾ 48 خانگي اسڪول آهن؛ سن رائز اسڪول پهريون خانگي اسڪول هو، جيڪو 1992ع ۾ قائم ٿيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Khuzdar - Wikipedia
- ↑ ڪتاب:سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر؛ ليکڪ: ھينري پاٽينجر؛ايڊيشن: 1993؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ Pakistan Bureau of Statistics (2016). Pakistan Social and Living Standards Measurement Survey 2014-15. Islamabad: Government of Pakistan, p. 111. [Accessed 6 Aug. 2018].