اسڪندر مرزا
اسڪندر مرزا | |
|---|---|
اسڪندر مرزا
(1899–1969) | |
| پاڪستان جو پھريون صدر | |
| عهدي ۾ 23 مارچ 1956 – 27 آڪٽوبر 1958 | |
| وزير اعظم | محمد علي (1956) حسين شھيد سھروردي(1956–57) ابراهيم اسماعيل چندريگر (1957) فيروز خان نون (1957–58) جنرل ايوب خان (acting) |
| کان اڳ | پاڪستان جو آئين، 1956 |
| کان پوءِ | جنرل ايوب خان |
| پاڪستان جو چوٿون گورنر جنرل | |
| عهدي ۾ 7 آگسٽ 1955 – 23 مارچ 1956 (قائم مقام صدر پاڪستان 7 آگسٽ 1955 – 6 آڪٽوبر 1955) | |
| بادشاهه | ايلزبيٿ II |
| وزير اعظم | محمد علي بوگرا (1955) چوڌري محمد علي (1955–56) |
| کان اڳ | ملڪ غلام محمد |
| کان پوءِ | عھدو ختم ڪيو ويو |
| پاڪستان جو وزير داخلا | |
| عهدي ۾ 24 آڪٽوبر 1954 – 7 آگسٽ 1955 | |
| وزير اعظم | محمد علي بوگرا |
| کان اڳ | مشتاق احمد گرماڻي |
| کان پوءِ | اي ڪي فضل الحق |
| رياستن ۽ سرحدي علائقن جي وزارت | |
| عهدي ۾ 24 آڪٽوبر 1954 – 7 آگسٽ 1955 | |
| وزير اعظم | محمد علي بوگرا |
| گورنر مشرقي پاڪستان | |
| عهدي ۾ 29 مئي 1954 – 23 آڪٽوبر 1954 | |
| گورنر جنرل | ملڪ غلام محمد |
| وزير اعلیٰ | ابو حسين سرڪار |
| کان اڳ | چوڌري خليق الزمان |
| کان پوءِ | محمد شھاب الدين (Acting) |
| ڊفينس سيڪريٽري | |
| عهدي ۾ 2 آڪٽوبر 1947 – 6 مئي 1954 | |
| وزير اعظم | لياقت علي خان (1947–51) خواجہ ناظم الدين (1951–53) محمد علي بوگرا (1953–54) |
| وزير | لياقت علي خان |
| کان اڳ | پاڪستان جي رياست جو قيام |
| کان پوءِ | اختر حسين |
| ريپبلڪن پارٽي جو نائب صدر | |
| عهدي ۾ 1955–1958 | |
| صدر | فيروز خان نون |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | اسڪندر علي مرزا 13 نومبر 1899 مرشد آباد، بينگال، برٽش انڊيا ھاڻي: ويسٽ بينگال، ڀارت |
| وفات | 13 نومبر 1969 (عمر 70 سال) لنڊن, انگلينڊ،يونائيٽيڊ ڪنگڊم |
| وفات جو ڪارڻ | دل بند ٿي وڃڻ ڪري |
| تدفين جي جاءِ | تھران, ايران |
| شھريت | (1899–1947) (1958-1969) (1947–1969)[1] |
| قوميت | بينگالي |
| سياسي پارٽي | ريپبلڪن پارٽي (1955–59) |
| ٻيون سياسي وابستگيون | مسلم ليگ (1950–55) |
| الما ميٽر | رايل ملٽري اڪيڊمي سينڌرسٽ بمبئي يونيورسٽي |
| شهري اعزاز | |
| فوجي خدمت | |
| سروس/شاخ | |
| پورھئي جا سال | 1920–1954 |
| عهدو | |
| يونٽ | انڊين آرمي ڪور آف ملٽري سروس |
| جنگيون | وزيرستان واري مھم، 1936 انڊو پاڪستان جنگ،1947 |
| فوجي اعزاز | |
ميجر جنرل اسڪندر مرزا 13 نومبر 1899ع ۾ ڄائو، 6 آڪٽوبر 1955ع کان 23 مارچ 1956ع تائين پاڪستان جو گورنر جنرل، 23 مارچ 1956ع کان 27 آڪٽوبر 1958ع تائين ملڪ جو صدر رهيو.
پيدائش ۽ تعليم
[سنواريو]سيد اسڪندر مرزا 13 نومبر تي مرشد آباد بنگال ۾ ڄائو هو. سيد محمد فتح علي جو پٽ هو، جيڪو بنگال جي آخري نواب منصور علي خان جو پوٽو هو. ائين اسڪندر مرزا جو شجرو مير جعفر سان ملي ٿو. سندس ننڍپڻ بمبئي ۾ گذريو، شروعاتي تعليم ايلفُنسٽن ڪاليج مان ۽ پوءِ بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.
فوجي ۽ سول خدمتون
[سنواريو]بعد ۾ رائل ملٽري اڪيڊمي سئينڊهرسٽ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد برطانوي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ مختلف علائقن ۾ فرض انجام ڏيندو رهيو. ڪجهه سال فوج ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هو سول سروس ۾ شامل ٿيو، مختلف قبائلي علائقن ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ طور نوڪري ڪرڻ بعد 1946ع ۾ پهرين جوائنٽ ڊفينس سيڪريٽري ۽ پوءِ ڊفينس سيڪريٽري ٿيو. برٽش انڊين آرميءَ کي انڊين ۽ پاڪستان آرميءَ ۾ ورهائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ خدمتون
[سنواريو]پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسڪندر مرزا کي هن نئين ملڪ جو سيڪريٽري دفاع مقرر ڪيو ويو. 1954ع ۾ کيس هنگامن ۽ سياسي بيچيني روڪڻ لاءِ اوڀر پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن محمد علي بوگرا وزير اعظم ٿيو ته پاڻ وزير داخلا ٿيو. 1955ع ۾ قائم مقام گورنر جنرل ٿيو. سندس ئي دور ۾ اوڀر پاڪستان کي اولهه پاڪستان سان برابري ڏيڻ جي نالي ۾ اولهه پاڪستان جي سمورن صوبن کي ملائي ون يونٽ ٺاهيو ويو. اسڪندر مرزا ون يونٽ جو وڏو حامي هو ۽ ذاتي طور مذهب کي رياستي معاملن کان ڌار رکڻ ۾ ويساهه رکندڙ هو. ان جي باوجود 1956ع ۾ هن جو جهڪاءُ مذهب ڏانهن گهڻو هو. اسڪندر مرزا جڏهن گورنر غلام محمد کي هٽائڻ بعد گورنر جنرل ٿيو ان زماني ۾ هن ٻي شادي ناهيد مرزا سان ڪئي. ناهيد مرزا ايراني خاتون هئي، جيڪا ان کان اڳ ايران ۾ پاڪستان جي فوجي اتاشي جي زال هئي.
1956ع ۾ جڏهن پاڪستان جو پهريون آئين ٺهيو ته اسڪندر مرزا ملڪ جو پهريون صدر ٿيو. سندس صدارت جي ٻن سالن دوران ملڪ سخت سياسي انتشار جو شڪار رهيو. ٻن سالن جي عرصي ۾ چار وزيراعظم آيا.
مارشل لا لڳائڻ ۽ جلاوطني
[سنواريو]1958ع ۾ جڏهن اسڪندر مرزا ڏٺو ته 1956ع جو آئين ملڪ ۾ گهوٽالي جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو. هن ايوب خان کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ايوب خان اسڪندر مرزا کي هٽائي پاڻ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي ويو. اسڪندر مرزا کي جلا وطن ڪيو ويو.
خاندان
[سنواريو]کيس پهرين زال مان ٻه پٽ ۽ چار ڌيئرون آهن، جڏهن ته ٻي زال ناهيد مان ڪو به اولاد نه ٿيس.
وفات
[سنواريو]مرزا 1969ع ۾ وفات تائين لنڊن ۾ جلا وطني جي زندگي گذاري. سندس وفات وقت يحيٰ خان جي فوجي حڪومت هئي، جنهن سندس ميت پاڪستان آڻڻ ۽ دفنائڻ جي اجازت نه ڏني. بعد ۾ سندس لاش تهران نيو ويو، جتي شاهه ايران حڪومت جي سربراهه وانگر سندس تدفين ڪئي.[2]
ورثو
[سنواريو]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Rahman, Syedur (2010). "Introduction". Historical Dictionary of Bangladesh (google books) (انگريزي ۾). Plymouth, UK: Scarecrow Press. ص. li. ISBN 9780810874534. 30 March 2017 تي حاصل ڪيل.
Scarecrow Press, Rahman
- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد., اصل نسخو مان 2019-11-13 تي محفوظ ڪيل, 2019-12-17 تي حاصل ڪيل