روجھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هن جانور کي سائنسي ٻوليءَ ۾ (Boselaphus Tragocamelus) چوندا آهن. هن کي انگريزي ۾ Nilgai (نيل گاءِ) چيو ويندو آهي.

روجھه (جانور): روجهه، جابلو ۽ ريگستاني جانور آهي. هن کي جابلو ڳئون به سڏيو ويندو آهي.

جسم جي بناوٽ[سنواريو]

روجھه جو رنگ عام طرح ڪارو، ڀورو ۽ ڳاڙهـو ٿيـندو آهـي. ان جي جسماني بناوت ڳئون جھڙي ٿيندي آهي ۽ ان جي ڳچيءَ تي ننڍا وار ٿيندا آهن. نر روجهه جي مٿي تي ڪارا سڱ ٿيندا آهن. هيجانور عام طور ٽولن جي صورت ۾ گھٽ گهمندو آهي. اڪثر اڪيلو گھمندو آهي. صبح شام چاري لاءِ ڦرندو رهندو آهي.

نسل جي واڌويجھ[سنواريو]

مادي روجھ 2 سالن ۾ بالغ ٿيندي آهي ۽ نر 4 کان 5 سالن ۾ بالغ ٿيندو آهي. ه‏ؤنين ته سڄي سال ميلاپ ڪري سگھن ٿا پر نومبر جي وچ کان مارچ تائين هنن جي لڳ جي مند آهي. روجھه جي مادي، اٺن مهينن ۾ ٻچا ڄڻيندي آهي، جيڪي پيدائش وقت ڪمزور هوندا آهن. روجھه نيم صحرائي علائقن ۾ به ملي ٿو. هن جي طبعي عمر 10 سال آهي.

روجھ بابت شاعري[سنواريو]

. شاهه لطيف، سُر ديسيءَ ۾ روجھه جو ذڪر ڪيو آهي:[سنواريو]

’روجهه‘ ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حَب ۾،

ڪيچين جي ڪڙي ٿيئي، توءِ تنين جي تات،

ٻاروچاڻي ذات، منان مون نه وسري.