بنگال
بنگال
বাংলা বঙ্গ | |
|---|---|
ايشيا ۾ خطو | |
![]() | |
| کنڊ | ايشيا |
| ملڪ | |
| وڏا شھر | |
| Area | |
• Total |
232,752 ڪ.م2 (89,866 ميل2) |
بنگال يا بنگالو جو اصل نالو ’بنگه’ يا ’ونگا‘ مان نڪتو آهي. هن علائقي ۾ رهندڙ قوم غيرآريائي هئي، جنهن جو ذڪر ”ٻوڌي ادب“ ۾ ملي ٿو. اڳتي هلي اهو نالو بنگال جي ان علائقي لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جتي اها قوم آباد هئي. ’پال‘ ۽ ’سين‘ راجائن جي دور جو بنگال، گنگا نديءَ جي ڪيٽيءَ وارو علائقو آهي. اهڙيءَ طرح الهندي بنگال کي ”گوراڌا“ ۽ اترئين بنگال کي ”پوندرا ورڌن“ چوندا هئا، ليڪن اهو نالو ڪڏهن ڪڏهن سڄي بنگال لاءِ شمار ٿيندو هو. لفظ بنگال پهريون ڀيرو ’بلبن‘ جي زماني ۾ استعمال ٿيو هو.[1]
تاريخ
[سنواريو]1199ھ/ 1784ع ۾ قطب الدين ايبڪ جو هڪڙو ترڪ سوار بنگال جي سرحد ۾ داخل ٿيو ۽ شهر بنا لڙائيءَ جي مسلمانن جي هٿ چڙهيو. ان بعد بنگالُ دهليءَ جي مسلمان حڪومت جي ماتحت رهيو. 1947ع ۾ قيام پاڪستان جي معاهدي ۾ اوڀر بنگال جي مسلم اڪثريت واري آباديءَ وارو حصو، مشرقي پاڪستان جي نالي سان وجود ۾ آيو.[1]
براعظم پاڪ هڪ صوبو، جيڪوپاڪستان جي آزاديءَ وقت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصو مشرقي پاڪستان جي نالي سان پاڪستان جو حصو رهيو ۽ ٻيو حصو ڀارت کي مليو. مشرقي پاڪستان وارو حصو 1971ع ۾ پاڪستان کان جدا آزاد ملڪ ٿيو. سن 1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ ٽالپر حڪمرانن کي بنگال (بنگالي ۾) ۾ نظربند ڪيو ويو هو. مير عبدالحسين خان ”سانگيءَ“ جو جنم، بنگال جي شهر ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري زماني ۾ ٿيو، جتي سندس والد نظربند هو، جنهن کي مير عبدالحسين سانگي هڪ انگريز خاتون مان ڄائو هو. سانگي اٺن سالن جي عمر ۾ سنڌ ۾ آيو. وڏي هوندي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ياد ڪندي شعر لکيائين[1]:
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Infobox mapframe without OSM relation ID on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no map
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- ايشيا جا علائقا
- بنگلاديش جي جاگرافي
- تاريخي علائقا
- هندستان جا علائقا
- ڀارت جي جاگرافي
- ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي
- نقشن وارا صفحا
