صوف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صوف
ھني ڪرسپ ڪلٽيوار وارو ميوو
صوف جي وڻ جا گل
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): مالوس
جنس: Template:Taxonomy/مالوس{. ڊوميسٽيڪا
حياتياتي نالو
مالوس ڊوميسٽيڪا
مارٽز بالٿاسر, 1803


صوف (انگريزي: Apple )هڪ مٺو ۽ کائڻ لائق ميوو آهي جيڪو صوف جي وڻ ۾ ٿيندو آهي.  صوف هزارين سالن کان ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ڦۡٽي ٿو. صوف کي نورس، يوناني ۽ يورپ جي عيسائي سميت ڪئي مذهبن ۾ به اهميت حاصل آهي.صوف جو وڻ گهڻي ڀاڱي ٻج ۾ ڦٽندو آهي. 2014 ۾ دنيا ۾ 84.6 ملين ٽن صوفن جي بيداوار ٿي. جنهن مان 48 سيڪڙو چائنا ۾ پيدا ٿيا.

ڏيهي صوف ننڍڙا ٿيندا آهن. اسين ولايتي صوف جو ذڪر ٿا ڪريون، جي وڏي قد جا ٿا ٿين، جي يورپ ۾، ايران ۾، قنڌار ۾ ۽ هندستان جي جبلن ۾ ٿين ٿا. انهن جا چار پنج قسم ٿا ٿين. انهن ۾ تمام چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي. ڪچا به کائبا آهن ۽ مُربي ۾ به وجهبا آهن ۽ رڌي به ڪم ايندا آهن.هي صوف قلمن هڻڻ سان ۽ پيوند ڪرڻ سان ٿيندا آهن. جنوريءَ ۽ فيبروريءَ ۾ قلم هڻجن. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ هو گل ڪندا آهن ۽ ڦر جهليندا آهن، جو اپريل ۽ مٽي ۾ پچندو آهي. جنوريءَ ۾ سندن پاڙون اگهاڙيون ڪري ڇڏيندا آهن. پندرهن ڏينهن کان پوءِ چڱي ڳائي ڀاڻ سان ڀري ڇڏيندا آهن. جڏهن ميوو ڀرجڻ لڳي، تڏهن ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي. قلم هڻڻ کان پوءِ جڏهن گونچ ڪڍن، تڏهن انهن جون چڪيون ڪڍي ٻئي هنڌ رکجن. هيٺيون ٻه ٽي اکيون ڇڏجن ٻيو مٿيون ٽڪر وڍي ڇڏجي. انهن ٻن ٽن اکين مان به جيڪا مضبوط ٿئي ۽ زور وٺي وڃي اُها ڇڏجي، ٻيون ماري ڇڏجن. ٽن فوٽن تائين سڌو مٿي چڙهڻ ڏجيس. پيوند مارچ ۾ ڪجي. رائي واري زمين صوفن لاءِ چڱي آهي. صوف کي هندستاني ۽ فارسيءَ ۾ سيب چوندا آهن، ۽ انگريزيءَ ۾ ائپل. جي زمين چڱي هوندي ۽ آبهوا موافق هوندي ته صوف جو وڻ تمام گهڻي مدت تائين جٽاءُ ڪري ۽ ڦر ڏئي ٿو. ٻن سَون ورهين ۾ ته شڪ ئي ڪونهي.[1]

تجارت[سنواريو]

ڏھن وڏن ملڪن جي صوف جي پیداوار ( 11 جون 2008)
ملڪ پیداوار - ٽن
 چین 27507000
 يونائيٽيڊ اسٽيٽس 4237730
 ایران 2660000
 ترڪي 2266437
 روس 2211000
 اٽلي 2072500
 ڀارت 2001400
 فرانس 1800000
 چلي 1390000
 ارجنٽائن 1300000
 دنیا 64255520
ماخذ: FAO

غذائیت[سنواريو]

Apples, with skin (edible parts)
Nutritional value per 100 g (3.5 oz)
توانائي 218 kJ (52 kcal)
13.81 g
کنڊ 10.39
خوراڪ وارو فائبر 2.4 g
0.17 g
0.26 g
وٽامن Quantity
%DV
وٽامن اي
0%
3 μg
0%
27 μg
29 μg
[[ٿيامن | (B1)]]
1%
0.017 mg
[[Riboflavin|Riboflavin (B2)]]
2%
0.026 mg
[[Niacin|Niacin (B3)]]
1%
0.091 mg
[[Pantothenic acid|Pantothenic acid (B5)]]
1%
0.061 mg
Vitamin B6
3%
0.041 mg
[[Folate|Folate (B9)]]
1%
3 μg
Vitamin C
6%
4.6 mg
Vitamin E
1%
0.18 mg
Vitamin K
2%
2.2 μg
معدنيات Quantity
%DV
ڪيلشيم
1%
6 mg
فولاد
1%
0.12 mg
ميگنيشيم
1%
5 mg
ميگنيز
2%
0.035 mg
فاسفورس
2%
11 mg
پوٽيشيم
2%
107 mg
سوڊيم
0%
1 mg
جست
0%
0.04 mg
Other constituents Quantity
پاڻي 85.56 g
Fluoride 3.3 µg

Percentages are roughly approximated using US recommendations for adults.

طب[سنواريو]

نالا: عربي ۾ تفاح، فارسي ۾ سيب، هندي وغيره ۾ ڪهتل، سختڪا، سکنا ۽ سوکٽ.
اثر: مٺو صوف گرم تر ۽ کٽو صوف سرد خشڪ،
سڃاڻپ: مشهور ميوو سائي، ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جا گول داڻا ٿين ٿا.
خاصيت: دل ۽ دماغ کي فرحت ۽ معدي ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا. خفقان، گرم تپن ۽ اندرين حرارتن کي گهٽائين ٿا. مني ۽ قوت باهه وڌائين ٿا، سيني، سلهه، خشڪ کنگهه لاءِ مفيد آهي. بک وڌائين ٿا، سوداوي بيمارين ۾ فائدو ڪن ٿا. هن جو مربو طاقت واري شيءِ آهي[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو