قائداعظم جا چوڏھن نقطا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قائداعظم جا چوڏھن نڪتا :(انگريزي: Fourteen Points of Jinnah ) جيڪي محمد علي جناح آئيني سڌارن واري پلان ۾ مسلمانن جي سياسي حقن کي محفوظ بڻائڻ لاء پيش ڪيا ھيا. 1929 ۾ انڊيا جي آئيني معاملن جي حل لاءِ ڪل جماعتي ڪانفرنس سڏائي وئي جنھن ۾ رپورٽ جوڙڻ لاء موتي لال نھرو جي سربراهي ۾ ھڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. اھا رپورٽ تيار ٿيڻ بعد نھرو رپورٽ جي نالي سان مشھور ٿي جنھن ۾ انڊيا جي ڊامينن رياست جي قيام جو مطالبو ڪيو ويو ۽ الڳ چونڊ جي نظام جي مخالفت ڪئي وئي ۽ پنجاب ۽ بينگال ۾ مسلمانن لاء سيٽون محفوظ رکڻ جي مخالفت ڪندي مسلمانن جي ڪنھن بہ مطالبي کي تسليم نہ ڪيو ويو. جنھن ڪري محمد علي جناح کي اختيار ڏنو ويو تہ مسلمانن طرفان مستقبل جي آئين لاء تجويزون پيش ڪري. محمد علي جناح اھڙي طرح چوڏھن نقطا پيش ڪيا جيڪي پوء پاڪستان جي قيام تائين مسلم ليگ جي مطالبن ۾ شامل رھيا.

چوڏھن نقطا[سنواريو]

  • مستقبل جو آئين وفاقي ھجي ۽ باقي معاملا صوبن جي سپرد ڪيا وڃن.
  • سمورن صوبن کي ھڪجھڙي خودمختياري ڏيڻ جي ضمانت ڏني وڃي.
  • ملڪ جا سمورا قانونساز ادارا مؤثر ۽ مناسب نمائندگي جي چٽن اصولن جي بنياد تي ٺھڻ کپن جن ۾ ھر صوبي اندر اقليتن کي نمائندگي ڏني وڃي ۽ ڪنھن بہ اڪثريت کي يا برابري کي متاثر نہ ڪيو وڃي.
  • مرڪزي قانونساز اداري ۾ مسلمانن جي نمائندگي ٽئين حصي کان گھٽ نہ ھوندي
  • مذھبي گروھن جي نمائندگي الڳ چونڊ تحت ٿئي جيڪا اڳ ئي لاڳو ٿيل آھي. تنھن ھوندي بہ ھر مذھبي ڪميونٽي کي گڏيل چونڊ جي عيوض ان الڳ طريقي تان دستبردار ٿيڻ جو اختيار ڏنو وڃي.
  • جيڪڏهن ڪا بہ علائقائي تقسيم لازمي ھجي تہ اھا مسلمانن جي اڪثريت کي متاثر نہ ڪندي.
  • ھر مذھب وارن کي پنھنجي عقيدي تي ھلڻ جي آزادي، عبادت، رسمن جي بجاوري , تشھير، جماعت ٺاھڻ ۽ تعليم جي حقن جي ضمانت ڏني ويندي.
  • ڪوبہ قانونساز ادارو، جيڪڏهن ڪنھن مذھبي ڪميونٽي جي چئن حصن مان ٽي حصا رد ڪن تہ، ڪوبہ اھڙو بل يا ٺھراء پاس نہ ڪندو جنھن سان ان مذهبي ڪميونٽي جي مفاد کي ڪو نقصان رسندو ھجي
  • سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان الڳ ڪيو وڃي.
  • ٻين صوبن وانگر سرحد ۽ بلوچستان صوبن ۾ بہ ھڪجھڙا سڌارا آندا وڃن.
  • مسلمانن کي رياست جي ۽ مقامي خودمختيار ادارن ۾ نوڪرين جي حصي ڏيڻ لاء خاطر خواه بندوبست ڪيا وڃن.
  • آئين ۾ مسلمانن جي ثقافت، تعليم ۽ ٻولي، مذھب، مذھبي قانونن، خيراتي ادارن ۽ کين مدد واري گرانٽ ڏيڻ جي تحفظ لاء خاص ضمانتون ڏنيون وڃن.
  • مرڪزي ۽ صوبائي ڪابينه ۾ مسلمانن کي ٽئين حصي جي جيتري نمائندگي لازمي ڏني وڃي.
  • صوبائي رياستن جي منظوري کانسواءِ آئين ۾ تبديلي جي اجازت نہ ڏني وڃي.