ڪڇ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
kaccha jillō, gujarāta rājya
kaccha rājyajō pratika ī. sa. 1893

”ڪڇ“ (Kachhu) لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ڪڇ“ معنيٰ ڪنڌي يا ڪنار, ڪڇ پرڳڻو اُپٻيٽ آهي: ٽن پاسن کان سمنڊ جون ڇوليون ڇلڪا ڏيئي ان جو پٽ پييون پسائين. تنهنڪري اهو ”ڪڇ“ يعني سمنڊ جو ڪناري وارو ملڪ سڏجي ٿو. اتي جيڪا سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، سا ”ڪڇڪي“ سڏجي ٿي. عيسوي ستين صديءَ ۾ ڪڇ ملڪ سنڌ جي صاحبي هيٺ هو ۽ پوءِ به ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌ جي سمن راجپوتن پنهنجو دڳو ڄمايو هو، سنڌي ماڻهن جي حڪومت اوڏهين ٿي، ته سنڌي ٻوليءَ جي پکيڙ به انهن پاسن ڏي ٿيو. جنهنڪري اڄ سنڌي نه رڳو ڪڇ جا جاڙيجا، لهاڻا ۽ ڀاٽيا ڳالهائين ٿا، پر ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي ۾ به سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي.

ڪڇڪي ٻولي[سنواريو]

ڪڇڪيءَ جي اچارن ۾ ڦير آهي، ۽ ڪيترا لفظ ۽ اصطلاح ٻيا ٻيا اٿس. هيٺين ڳالهين ۾ ڪڇڪي ٻولي لاڙ جي ٻوليءَ سان مشاهبت رکي ٿي: 1- لفطن جي پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍيو ڇڏين.

2- ”اِ“ جي اُچار جي عادت گهڻي اٿن ”منجهان“ لفظ جي منڍ ۾ ”اِ“ جو اُچار ڪن ٿا.

3- اُچارن کي سُسائين ٿا. ”ڏنائينس“ بدران چون ”ڏنينس“ ۽ ”پڇائينس“ بدران چون ”پڇينس“.

4- ”هه“ جو اچار ڪيترن لفظن مان ڪڍيو ڇڏين. ”تنهن“ ۽ ”ڪنهن“ بدران چون ”تين“ ۽ ”ڪين“ ”تين ڪي رحم آيو“ يعني تنهن کي رحم آيو. ’ڪينجو نينگرو اچي تو‘ يعني ڪنهن جو نينگر (ڇوڪر) اچي ٿو.

5- ”اِتان“ ۽ ”جتان“ بدران ’اِئان‘ ’جئان‘ چون ٿا، يعني وچ وارو ’ت‘ اکر ڪڍي ڇڏين.

6- ڪيترن لفظن جي وچ مان ’ر‘ ۽ ’ڙ‘ جو اچار ڪڍيو ڇڏين، جهڙوڪ: گايون چارڻ بدران چون گئو چايڻ. ’او کُسي ڪيڻ لڳا‘ يعني هو خوشي ڪرڻ لڳا.

7- عام صورت ۾ ”اين“ جو ڊگهو اچار گڏين ٿا. جهڙوڪ: جانور، جناورين؛ ڏينهن- ڏيئين، ’جهجهي جهپاٽين سين‘ يعني گهڻن ڌڪن سان.

8-آءٌ ’ڪُرو‘ ڪرييان؟- مان ڇا ڪران؟- ائين ”يه“ جو اُچار بدلائي گڏين ٿا.

9-’اُو‘’اَن‘۽’پنڊ ضمير ڪم آڻين ٿا،۽’اوهان‘ بدران’اَن چون ٿا‘ اَن ”ڪُرو“ ڪريان؟ اهو ڪرو لفظ لاڙي ۾ ڪونهي. ڍاٽڪي ٻوليءَ وانگر ڪڇڪيءَ ۾ ”ئو“ بدران ”نو“ چون، پر ”هو“ بدران ”ئو“ چون ٿا. جهڙوڪ: ’تو جو ڀاءُ مري ويو ئو‘، يعني تنهنجو ڀاءُ مري ويو هو.

”آءٌ ماريو آهيان“ بدران چون ’آءٌ مارائو آهيان‘- ٿر ۾ به ائين چون.

ڪڇڪي گاڏڙ سنڌي تي گجراتيءَ ۽ راجسٿاني ٻولين جو اثر[سنواريو]

’مون جو روپيو وڃائجي پيو هوئو، سو لهجي آوِيو.‘ (لڀي آيو يعني لڌو). ”هو“ بدران هوئو ۽ ”آيو“ بدران ”آوِيو“چون.ساڳيءَ طرح ”هواسين“يا”هواسُون“بدران ڪڇڪيءَ ۾ چون ”هوئون“ – هيءُ راجسٿاني ٻولين جو نمونو آهي.

گجراتي ۽ راجسٿاني ٻولين وانگر، ڪڇڪيءَ ۾ ’تون‘،’ئي‘،’آني‘ ۽ ’ني‘ حرف ڪم. آڻين ٿا. جهڙوڪ:

1- ”ملڪيت منجهان نون جو ڪو مون جي پتي ٿئي، سي مُوڪي ڏي‘ يعني ملڪيت منجهان جيڪان پتي منهنجي ٿئي، سا مون کي ڏي.

2- ’رامجي ڀين ٿي اُونچو آئي“ يعني رامجي، ڀيڻ کان اُوچو يا ڊگهو آهي. اُن ٿي کاسو = هن کان خاصو.

3- آءٌ ڪلياڻجي وٽ ويندوس، ائي تين ڪي (تنهن کي) چوندوس، نه تو جو مال نٿو وڪائجي (وڪامي). لاڙ ۾ به ”ني“ چون- مثلاً، پنج ئي ٻه ست يعني پنج ۽ ٻه ٿيا ست.

(4) ’کائي تي‘ معنا کائي ڪري.

(5) ’ٿوريج ڏيئين پٺيان‘ يعني ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ. ’مال مڙي تو جو آهي‘ يعني هيءُ مال سڀ تنهنجو ئي آهي. اهو زور ڀرائيندڙ حرف ”ج“ گجراتي ۽ راجسٿاني ٻولين جو آهي.

ڪڇڪي جا لفظ ۽ اصطلاح[سنواريو]

ڪڇڪيءَ ۾ ڪيترا لفظ الڳ آهن ۽ ڪن جا رڳو اچار ڦريل آهن. جهڙوڪ:

اورکڻ =سڃاڻڻ،ٻاپو =بابو،ٻايڙي =ٻائي،اڍي =اڍائي، پڳ =پير، پڳٽي =دڪي، ڦڳائڻ =اُڇلڻ، جهمڻ =کائڻ، کائو =کانو، گائو، گانو، ڏونگري = بصر، روسڻ = ڪُهڻ، ڏيس وٽو معنيٰ شهر نيڪالي، ترارين جي تر پيئي يعني ترارين جو ڦهڪو لڳي ويو. ڪڇي جي شعر جو نمونو

مَيـا ڀــري مـال، اوڍي اُچارا ڪيا، نه ڄاڻا ٻي ڳال، ڪيهر هليو ڪڇ ڏي.

يعني ڄام تماچي جي ڀاءُ ڄام اوڍي اٺن تي مال ڀري لاڏاڻو ڪيو(لڏي ويو). چيائين ته مان ٻي ڪا ڳالهه ڄاڻائي ڪا نه يعني مان پنهنجي مرضيءَ موجب هلندس. ائين چئي هي شير مڙس ڪڇ ڏي هليو ويو.

سورٺي شعر جو نمونو

ڪاٺياوڙ جي سورٺ (سوراشٽر) پرانت (ضلعي) ۾ اهير، چارڻ، مير ۽ ٻيا ڪيترا سنڌ جي آڳاٽن رهاڪن مان آهن. سورٺي ٻوليءَ ۾ سندن ٿورو شعر چيل آهي. جهڙوڪ:

اُتــر ســيڙهيون ڪڍيون ڏونگر ڏمريام، هنئڙو تڙڦي مڇي جئن، ساجن سنڀريام.

اتر کان ٿڌي هوا (سيءُ جون سيرو (وهڪون) پيون اچن. جبل مون تي ڪاوڙيا آهن يعني سيءَ سبب جبل ٺري ويا آهن ۽ مون کي پير رکڻ نٿا ڏين ۽ ڄڻ ته مون تي ڪاوڙيل آهن- سڄڻ ياد پيم، ته منهنجو هنيو (دل) مڇيءَ وانگر ترڦڻ لڳو. [1]

حوالا[سنواريو]