کيرٿر جبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
کيرٿر جابلو سلسلو, کيرٿر جبل جون قطارون (وڏي ۾ وڏي چوٽي:ڪتي جي قبر)
Kirthar park.jpg
کيرٿر نئشنل پارڪ جو منظر جيڪو سنڌ جي جھنگلي جيوت جو ھڪ وڏو علائقو آهي.
اوچي سطح
چوٽي ڪتي جي قبر
بلندي 2٬151 m (7٬057 ft)
امتياز [اوزا تبديل: needs a number]
اڪيلائي [اوزا تبديل: needs a number]
مقانيت
نالو
مقامي نالو کير ٿر جبل
كوه کیر تھر
جاگرافي
کيرٿر جبل is located in Pakistan
کيرٿر جبل
جڳهه ڪراخ، بلوچستان
Countries Flag of Pakistan.svg پاڪستان
State/Province ايشيا

کيرٿر جبل: کيرٿر جبل جون قطارون:

سليمان جبل جي ڏکڻ ۾ کيرٿر جبل جون قطارون شروع ٿين ٿيون جيڪي سنڌونديءَ جي ھيٺاھين ميداني علائقي جي اولهندي ڪناري سان گڏوگڏ ھلن ٿيون ھي ننڍا ۽ خشڪ جبل آھن، جن جي ڏکڻ ۾ حب ۽ لياري نديون وھن ٿيون. جيڪي ڪراچيءَ ويجھو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون.

کيرٿر جبلن جي قطار(انگريزي: The Kirthar Mountains) اردو: كوه کھیرتھر پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۽سنڌ ۾ واقع آهي .[2] ھي جبل سنڌوندي جي ھيٺين حصي ۽ بلوچستان جي اوڀر پاسي واري ميداني علائقي جي وچ ۾ جبلن جو کوڙ ننڍين وڏين قطارن تي مشتمل آھي جيڪي اتر کان ڏکڻ طرف عربي سمنڊ تائين سنڌ بلوچستان سرحدن جي ٻنھي پاسن تي ڦھليل آھن. اتر ۾ انھن جي بلندي 8000 فٽن تائين ۽ ڏکڻ پاسي 4000 فٽن تائين آھي [3] ھن جبل جي سڀ کان اوچي چوٽي ڪتي جي قبر آھي جيڪا ڏاڙھيارو ۾ واقع آهي ، ٻيون چوٽيون باروغ ۽ گورک آھن. باروغ بروهي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني وڏو موٽو جبل آھي. اتي اڄ بہ ساسولي بروھي رھندڙ آھن ۔ ھيءُ 190 ميل، 310 ڪلوميٽر ڊگھي جابلو قطار آھي ۽ بلوچستان ۾ مولا درياھ (مولا نئين) کان وٺي ڪري ڏکڻ ۾ ڪراچي جي ڪيپ مواري وٽان عربي سمنڊ تائين وڃي ٿو۔

ٿڌيون چوٽيون[سنواريو]

کيرٿر جابلو سلسلي ۾ مولا ندي کان ڏکڻ طرف گاج ندي تائين اوچيون چوٽيون آهن جيڪي سمنڊ جي سطح کان مٿي هجڻ ڪري نهايت ٿڌيون آهن. اهي چوٽيون سنڌ جي سرحدن ۾اچي وڃن ٿيون. انهن ۾ “ڪتي جي قبر“ سمنڊ جي سطح کان لڳ ڀڳ 7000 فوٽ مٿي آهي. “ڪچرڪ“ چوٽي بہ ايتري ئي مٿانهين آهي. گورک هل اسٽيشن 5688 فوٽ اوچي چوٽي آهي جتي جون جولاءِ ۾ گرمي پد 17 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو آهي.

قديم تهذيبي آثار[سنواريو]

گيرٿر جابلو سلسلي ۾ ٽڪرين جو سلسلو هيٺ مٿانهين نموني سان آهي جيڪي ڀونءِ وگيانيءَ جي علم موجب مختلف قسم جون جابلو ٽڪريون آهن. کيرٿر جي ڄمار تمام وڏي ڪٿي وئي آهي. کيرٿر ۾ برساتن ۾ نئيون وهن ٿيون جن جي ڍورن ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو سو ڪافي عرصي تائين بيهي ٿو. ان کان علاوه پاڻي جا قدرتي چشما به جام آهن. انهن چشمن ۽ ڍورن جي ڪناري سنڌ توڙي بلوچستان جي سرحدن ۾ قديم تهذيبي آثار تمام گهڻا آهن. سالاري نئي، گاج نئي، نلي نئي، ڪڪڙاني نئي، انگئي نئي، نئيگ نئي، نغاول نئي کان علاوه ٻيين نئين جي ڍورن ڪناري قبل مسيح کان عيسوي سن جي دورن جي جبلن تي چٽسالي (Rock Carving) موجود آهي. ان کان سواءِ سالاري ويجهو هراڙ وادي ۾ بستي، گاج ڪناري ڪيتريون ئي قديم بستيون، نئي نري يا نلي وٽ کانئونٿي بستي، ڪارو ڪوٽ، ميان جو ڪوٽ، غازي شاھ يا گاجي شاھ دڙو، نئيگ ۾ لکمير جي ماڙي، گورنڊي جا دڙا ۽ ٻين بستين جا آثار آهن جيڪي اين جي مجمدار موجب آمري، نال، قلي تهذيب ۽ سنڌو تهذيب جا همعصر آهن ته ڪي ڪنجهي جي دور جون بستيون آهن. هن سلسلي ۾ نلي ۽ ڪائي وارويون غارون به آهن تہ لڪي جبلن ۾ رنيڪوٽ به آهي. فاسلس ته لاتعداد مليا آهن.

رهندڙ ماڻهو[سنواريو]

کيرٿر جابلو سلسلي ۾ سنڌي، بلوچ ۽ بروهي رهن ٿا جن جو ميل جول به پاڻ ۾ رهي ٿو.

گئلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Arbita or Arbitani according to Ptolemy, named after a local tribe, the Arabitae
  2. ".:: Wildlife of Pakistan ::.". www.wildlife.pk. 
  3. "Kirthar Range - mountain region, Pakistan".