ذوالفقار علي ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ذوالفقار علي ڀٽو

ڀٽو ت. 1971
چوٿون پاڪستان جو صدر
چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
عهدو سنڀاليو
20 ڊسمبر 1971 – 13 آگسٽ 1973
نائب صدر نور الامين (1971–72)
ڪوبہ نہ (1972–73)
پيشرو يحييٰ خان
جانشين فضل الاھي چوڌري
نائون پاڪستان جو وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
14 آگسٽ 1973 – 5 جولاءِ 1977
صدر فضل الاھي چوڌري
پيشرو نور الامين
جانشين محمد ضيا الحق (چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور)
ستون پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر
عهدو سنڀاليو
14 اپريل 1972 – 15 آگسٽ 1972
ڊپٽي محمد حنيف خان
پيشرو عبدل جبار خان
جانشين فضل الاھي چوڌري
اٺون ۽ ٻارھون وزير خارجه
عهدو سنڀاليو
15 جون 1963 – 31 آگسٽ 1966
صدر محمد ايوب خان
پيشرو محمد علي بوگرا
جانشين شريف الدين پيرزادہ
عهدو سنڀاليو
20 ڊسمبر 1971 – 28 مارچ 1977
صدر فضل الاھي چوڌري
پيشرو يحييٰ خان
جانشين عزيز احمد
ذاتي تفصيل
پيدائش جنوري 5 1928(1928-01-05)
رتوديرو تعلقو، بمبئي پريزيڊينسي، برطانوي راڄ
(ھاڻوڪو رتوديرو تعلقو، سنڌ، پاڪستان)
وفات 4 اپريل 1979 (عمر 51 سال)
راولپنڊي، پنجاب، پاڪستان
آخري آرامگاهه ڀٽو خاندان جي مزار
قوميت برطانوي راڄ
(1928–1947)
پاڪستاني
(1947–1979)
سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي
ٻيون سياسي
وابستگيون
ڪنونشن مسلم ليگ
(1967ع کان پھرين)[1]
جيون ساٿي نصرت اسفھاني (ش. 1951)[2]
لاڳاپا ڏسو ڀٽو خان
ٻار ٻچا بينظير ڀٽو
صنم ڀٽو
مرتضي ڀٽو
شاھ نواز ڀٽو
ماءُ خورشيد بيگم
پيءُ شاھنواز ڀٽو
مادر علمي جامع ڪليفورنيا، بريڪلي
ڪرسٽ چرچ، آڪسفورڊ
لنڪز ان
پيشو قانوندان، سياستدان
عرفيت قائدِ عوام ("عوام جو اڳواڻ")

ذوالفقار علي ڀٽو (انگريزي ٻولي: Zulfiqar Ali Bhutto؛ پ. 5 جنوري 1928 – و. 4 اپريل 1979)، پاڪستاني بريسٽر ۽ سياستدان ھو، جيڪو 1971ع کان 1973ع تائين پاڪستان جو چوٿون صدر رھيو ۽ 1973ع کان 1977ع تائين پاڪستان جو نائون وزير اعظم رھيو. ھن جي حڪومت 1973ع جو آئين ڏنو، جيڪو اڄ بہ پاڪستان ۾ لاڳو آھي. ھي پاڪستان پيپلز پارٽي جو باني ھو ۽ سندس وفات تائين ان جو چيئرمين پڻ رھيو. ھن جي ڌي بينظير ڀٽو ھن کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي 11ھين ۽ 13ھين وزيراعظم پڻ رھي چڪي. ھن جو ڏوھٽو بلاول ڀٽو زرداري ھن وقت پاڪستان جو وزير خارجہ آھي.

ڀٽو ھڪ متضاد ۽ سحر انگيز شخصيت ھو، ھن کي سيڪيولر ۽ قوم پرست خيالن سبب ساراھيو ويو ۽ سياسي مخالفن خلاف ڪارواين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سبب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. ھن کي پاڪستان جي عظيم اڳواڻن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.[3] ھن جي تنظيم پاڪستان پيپلز پارٽي کي پاڪستان جي وڏي جماعت طور ڏٺو وڃي ٿو، سندس ڌي بينظير ڀٽو ٻہ دفعا پاڪستان جي وزير اعظم رھي[4] ۽ ھن جو نياڻو ۽ بينظر ڀٽو جو مڙس آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر پڻ رھي چڪو آھي.

شروعاتي جيون[سنواريو]

ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي راجپوت خاندان منجهان تعلق رکي ٿو، هو سر شاهنواز ڀٽو ۽ خورشيد بيگم (لکي ٻائي) کي لاڙڪاڻو ڀريان پيدا ٿيو. ذوالفقار سندن پهريون ٻار هيو، سندن پهريون هڪ، سڪندر علي، نمونيا سبب ست سال جي عمر ۾ 1914ع ۾ فوت ٿي ويو ۽ ٻيو امداد علي، جگر جي بيمار (cirrhosis) سبب 39 سال جي عمر سان 1953 ۾ فوت ٿي ويو.[5]

ڀٽي ۾ عوامي ليڊر واريون خوبيون[سنواريو]

ڀٽو صاحب هڪ عوامي شخص ۽ عوامي ليدر هو ( اهيا ڀٽي خاندان جي وڏي خوبي آهي جو هن خاندان جا ماڻهون هميشه عوام سان رهندا آهن پوء ڇو نه موت اچي ورائي محترمه جي شهادت به عوام جي وچ ۾ ٿي.)ڀٽو صاحب عوام سان هميشه عوامي ٻولي ۽ عوامي انداز سان ڳالهائيندو هو. ۽ انهن ۾ رلي ملي ويندو هو ۽ هر ماڻهون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان جو ڪو پنهنجو گهر جو ڀاتي آهي.،ا هيو شايد ڀٽي صاحب جو ڀاڳ چئبو جو مرد عورتون ننڍا وڏا پوڙها ۽ ٻار کيس ساڳي محبت سان ياد ڪندا آهن، توهان ڏٺو هوندو ته سنڌ ۾ جيڪو ٻار اهيو به نه ٿو ڄاڻي ته سياست ڇا آهي حڪومت ڇا آهي پارٽي ڇا ٿيندي آهي، پر اهو ٻار به پيو چوندو آهي جيئي ڀٽو۔ منهنجو والد صاحب....... غلام مصطفه وگهيو...... ٻڌائيندو هو ته هڪ دفعه دادو شهر م ٻوڏ آئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڀٽو صاهب دادو ۾ ٻوڏ جي ستايلن سان ملڻ ۽ انهن جي مدد لاء آيو ۽ اسان ڏٺو ته مٿان مينهن پيو وسي ۽ هيٺان ٻوڏ جو پاڻي هو پر ڀٽو صاحب ٻين ماڻهن سان گڏ انهي ٻوڏ جي پاڻي اندر بيٺو رهيو هو ۽ ماڻهن جا ڏک سور ٻڏي رهيو هو. ۽ اهي ئي شايد هڪ عوامي ليڊر جو خاصيتون هونديو آهن شايد ڀٽو صاحب جي عوام ۾ مقبوليت جو مک سبب به اهيو هو

==ڀٽو جا جلوس جلسه ۽ عوام جو سمنڊ== شايد ڀٽو صاحب اهو پهريون ليڊر هو جنهن جا ايڏا وڏا جلوس جلسه ٿيندا هئا ۽ ڀٽي صاحب جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ نظر ايندو هو توهان کي يقين نه اچي ته توهان پاڻ ڀٽو صاحب جي جلسن جون وڊيو ڏسي سگهو ٿا. ڀٽو صاحب اهو واحد ليڊر هو جنهن سياست کي بند ڪمرن مان ٻاهر ڪڍي کليل روڊ رستن تي آندو ۽ عوام کي ڳالهائن جو حق ڏنو ۽ شعور ڏنو.

ڀٽي صاحب جو مختصر شخصي تعارفSuperscript text نالو.......................... ذوالفقار علي ڀٽو والد جو نالو........................ سر شاهنواز خان ڀٽو والده جو نالو...................... خورشيده بيگم ڄمڻ جي تاريخ................... 5 جنوري 1928ع ڄمڻ جو هنڌ ................................... لاڙڪاڻو سنڌ

پهرين شادي.............. ڀٽو صاحب جي پهرين شادي پنهنجي خاندان مان امير شيرين بيگم سان 1940ع ۾ ٿي. ان وقت ڀٽو صاحب جي عمر 12سال هئي، مگر سندس اها گهرواري گهڻو وقت زنده نه رهي ۽ ان مان ڀٽو صاحب کي ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو ٻئين شادي..... ٻئين شادي 18سيپٽمبر 1951ع ۾ ايران جي هڪ واپاري مرزا محمد اصفهاني جي نياڻي نصرت اصفهاني سان ڪئي جيڪا پوء نصرت ڀٽو بڻجي وئي. . اولاد بينظير ڀٽو.......... 1953ع .....................2007ع غلام مرتضه ڀٽو...... 1956ع ...................1995ع صنم ڀٽو...........1957ع شاهنواز ڀٽو.....1958ع........................1985ع مادري زبان..... سنڌي ڄاڻيندڙ زبانون.... سنڌي، اردو پنجابي، انگريزي ڀائرن جا نالا ــــــــــــــ امداد علي خاب ڀٽو. ۽ سڪندر علي خان ڀٽو

تعليم[سنواريو]

ڪيٿڊرل اسڪول بمبئي..... 1937ع..کان 1947ع يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا امريڪاداخلا.1947ع يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا (يو ايس سي )جي برڪلي ڪيمپس ۾ تبادلو 1949ع پوليٽيڪل سائنس ( آنرز) ۾ گريجوئيشن 1950ع ڪرائسٽ چرچ ڪاليج (آڪسفورڊ) برطانيه ۾ داخلا1950ع آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيه مان(آنرز گريجوئيشن )1952ع اهم سرگرميون۔ ايشاء جي پهرين طالب علم جي حيثيت سان برڪلي اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ شموليت 1954ع ۾ اقوام متحده جي ڇهين ڪانفرنس ۾ خطاب. 25 آڪٽونبر1957ع اقوام متحده ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ۽ سمنڊ جي قانون ۽ ان جي آزادي جي عنوان تي ليڪچر ( شاگردي دوران 1958ع ) اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ يادگار تقرير ( جنهن ۾ ڀٽي صاحب ڪاوڙ ۾ اجلاس دوران ڪاغذ ڦاڙي ۽ اهيو چئي اٿيو هو ته اسان هزار سال جنگ لڙنداسين........................ ڀٽي صاحب جو جناح صاحب ڏانهن خط

جڏهن جناح صاحب پاڪستان جي آزادي لاء ڪوششون ڪري رهيو هو ته ان وقت ڀٽو صاحب اڃان پڙهي رهيو هو ۽ ان پڙهائي دوران هن محترم جناح صاحب کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن اهيو لکيو ته ــــــــــ جيئن ته مان هيئر اڃان اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نه ٿو سگهان پر ايندڙ وقت ۾ مان پنهنجي ملڪ لاء جان به قربان ڪندس. ۽ واقعي ڀٽي صاحب پنهنجي ملڪ لاء پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي. نوڪري ــــــــــــــ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ بحيثيت ليڪچرار1954ع وڪالت ـــــــــ ڀٽي صاحب ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو رام چنداڻي نالي شخص سان وڪالت پڻ ڪئي. سياست جي شروعات ــــــــــــــــــ ڀٽي صاحب سياست جي باقائده شروعات جناب اسڪندر مرزا جي دور ۾ ڪئي هئي.۽ اسڪندر مرزا ڀٽي صاحب جي والد جناب سر شاهنواز ڀٽي جو مهمان بڻجندو هو.

پيپلز پارٽي جو ٺهڻ[سنواريو]

ڀٽي صاهب وزارت خارجه تان استيفعه ڏئي ۽ لاهور ۾ پارٽي ٺاهڻ لاء ڪنوينشن گهرايو مگر ان وقت صدر ايوب خان 144 جو قلم لاڳو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري لاهور ۾ عام جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ جي ڪري، ڀٽي صاحب جي دوست ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر ۾ 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي وئي. ( جڏهن ته پارٽي لاء ٽي نالا تجويز ڪيا ويا هئا. نمبر پهريو پيپلز پروگريسو پارٽي نمبر ٻيون.. پيپلز شوشل پارٽي. نمبر ٽيون... پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پوء آخري نالو چونڊيو ويو)

جنهن ۾ هيٺين مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جناب ڊاڪٽر مبشر حسين، رسول بخش خان ٽالپر ، جي اي رحيم شيخ محمد رشيد معراج محمد خان حيات محمد شيرپاء حق نواز گنڊاپور عاشق ڪليم احمد رضا خان قصوري مير خورشيد حسن مير ۽ انهن شخصِتن کان علاوه 600 ماڻهن شرڪت ڪئي. ۽ پارٽي جا هيٺيان منشور ڏنا ويا اسلام اسان جو دين يقين آ جهموريت اسان جي پاليسي آ طاقت جو محور، سرچشمو عوام آ

  • وزارتويون
  1. Numbered list item

واپار جو وفاقي وزير 1958ع اطلات جو وفاقي وزير 1959ع پيٽرول ۽ توانائي جو وفاقي وزير 1960ع وزير خاجه 1963ع تا 1966ع صدر پاڪستان 20ڊسمبر 1971ع تا 13 آگسٽ 1973ع وزيراعظم پاڪستان ..14 آگسٽ 1973ع تا 5 جولاء 1977ع ڀٽي صاحب جي دور حڪومت جا اهم ڪارنامه اهم صنعتي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو 3جنوري 1972ع مزدور جي حقن لاء پاليسين جو علان 10فيبروري 1972ع اولڊ ايج بينيفٽ وغيره شوشل سيڪيورتي اسپتال جو قيام لينڊ ريفارمز 1مارچ1973ع شملعه معادي تي دستخط مارشل لاء ختم ڪرڻ جو علان 21اپريل 1972ع 1971ع جي جنگ ۾ 90هزار پاڪستاني فوجين کي هندستان جي قيد مان آزاد ڪرائڻ ۽ قبضو ڪيل ايريا واپس ڪرائڻ ( جنهن ايريا جي ڪري 10لک ماڻهون اسان جا پاڪستاني هندستان وٽ وڃن پيا ) نيشنل بوڪ فائونڊيشن جو قيام 24سيپٽمبر 1972ع ڪراچي ۾ پاڪستان جي وڏي نيو ڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح 28نومبر 1972ع اين ڊي ايف سي جو بنياد 5فيبروري 1973ع قائداعظم يونيورسٽي جو بنياد 9فيبروري 1973ع پاڪستان جي آئين جي گڏيل منظوري 12اپريل 1973ع پورٽ قاسم اٿارٽي جو بنياد 27جون 1973ع پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد 30دسمبر 1973ع بينڪن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو علان1جنوري 1973ع علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو بنياد 21مئي 1974ع لاهور ۾ اسلامي سربراه قانفرنس سڏائڻ 22فيبروري 1975ع ( جنهن ۾ پري دنيا جا مسلم حڪمران هت پاڪستان ۾ گڏ ٿيا هئا ) پاڪستان ۾ پهرين سيرت ڪانفرنس جو بنياد 3مارچ 1976ع ڊسمبر 1974ع ۾ ڊاڪٽر قدير خان کي فيملي سميت گهرائڻ ۽ ايٽمي پروگرام لاء ڪم شروع ڪرائڻ. شلوار قميص کي قومي لباس جو درجو ڏيارڻ ( جڏهن ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ۽ ڪلبن ۾ شلوار قميص ۾ اچڻ منع هو پر ڀٽي صاحب ان کي قومي لباس جو درجو ڏياريو ) ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ڪرائڻ شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻه ، ۽ ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه قائم ڪرائڻ قطر، لبيا، ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي روزگار لاء آسانيون پيدا ڪرائڻ ڀٽي صاحب جو نعارو. روٽي ڪپڙا اور مڪان ۽ ڀٽي صاحب جو دور حڪومت ۽ ماڻهن جو اميدون افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڀٽو صاحب جي حڪومت ايترو وقت نه هلي سگهي جو ڀٽو صاحب عوام لاء ڪجهه گهڻو ڪري سگهي هان، دشمنن کيس عوام کان پري ٿي رکڻ چاهيو ان ڪري کيس گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ڀٽي صاحب جو اهيو نعارو روٽي ڪپڙا اور مڪان پورو ٿئي نه سگهيو. ڀٽي لاء عوام جي سوچ "ـــــــــــــــ ڀٽو صاحب جي موجودگي ۾ عوام کي اهيو يقين ٿئي چڪو هو ته هاڻي اسان تي ڪو گهڻو ظلم ڪري نه سگهندو.................................................. ڀٽو صاحب جي وڏي غلطي ــــــــــــــ ڀٽي صاحب باوجود ذهين هجڻ جي به هڪ تمام وڏي غلطي ڪئي ۽ هڪ چالاق، ۽ ڌوڪيباز شخص جنرل ضياء( امريڪا ۾ فوجي ٽريننگ پڻ ورتي ۽ فلسطينين جو قتل عام ڪرايو ) کي پنج سينئرن ماڻهن کان ڪراس ڪرائي کيس پاڪ فوج جو چيف مقرر ڪيو. ۽ کيس مٿان عتبار ڪيو مگر انهيء شخص جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڌوڪو ڏنو ۽ ڀٽي صاحب جي زندگي ختم ڪئي.

ملڪ ڇڏڻ جي آڇ يا موت جي چونڊ ـــــــــــــــــ چيو ويڃي ٿو ته جڏهن ڀٽو صاحب جيل ۾ هو ته اتي هڪ فوجي جنرل پڻ موڪليو ويو، جنهن ڀٽي صاحب کي اهيو چيو ته اگر تون ملڪ ڇڏي وڃين ته ان جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ تون اهڙي ريت زنده بچي ويندين، مگر جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ان جنرل کي اهيو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته هي منهنجو ملڪ آهي. منهنجي ڌرتي آهي مان مرندس به هتي ۽ جيئندس به هتي توهان کي جيڪي ڪرڻو آهي سو ڪيو مان پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ملڪ، پنهنجو وطن نه ڇڏيندس. ۽ ڀٽي صاحب پنهنجي جان ته قربان ڪئي پر پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي. ( جيئن ٻيا ڇڏي ويا هئا ) گرفتاريون ـــــــــــــ پهرين گرفتاري. 12نومبر 1968ع تي حڪومت خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ ڪئي وئي.

5 جولاء 1977ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياء مارشل لا لڳائي قومي اسيمبليون، صوبائي اسيمبليون ختم ڪري پاڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صدر مقرر ٿئي ۽ ڀٽو صاحب کي گرفتار ڪرايو. تنهن کان پوء 28 جولاء 1977ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.

ان کان پوء 3 سيپٽمبر 1977ع تي کيس ڪلفٽن ڪراچي واري رهائش گاه تان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مٿان ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو. ،۽ 13سيپٽمبر تي 1977ع تي وري ٻيهر آزاد ڪيو ويو. 17سيپٽمبر1977ع تي وري ڀٽو صاحب کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ انهي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جناب مسٽر جسٽس يعقوب علي خان کي پڻ ان ڪري هٽايو ويو جو هن نصرت ڀٽو جي مارشل لا لڳائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي منظور ڪري ورتي هئي. ۽ 9 آڪٽومبر1977ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي ذمانت جي درخوست رد ڪئي وئي. ۽ سپريم ڪورٽ جي ڦل بينچ جو سربراه رٽائر جج مولوي مشتاق کي بنايو ويو. ( جيڪو ڀٽي صاحب سان اصل ڪو نه ٺهندو هو جنهن ڀٽي صاحب کي چيو هو ته مون کي سپريم ڪپرٽ جو چيف جسٽس مون کي مقرر ڪر، ، ۽ ڀٽي صاحب هن کي اهيو چئي انڪار ڪيو هو ته تون ان جو اهل ناهين ۽ مولوي کي اهيا به وڏي باه هئي ڀٽي صاحب جي مٿان ) ۽ ان ڇهه مهينن جي ڪاروائي اندر ڀٽي صاحب کي 18 مارچ 1978ع تي ڦاسي جي سزا ٻڌائي. پوء 25 مارچ 1978ع تي سزا معاف ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، انهيء دوران ٻه جج رٽائر ٿئي ويا. ۽ ست ججن مان ٽن ججن ڀٽي صاحب جي سزا کي رد ڪري ۽ معافي جي درخواست کي منظور ڪري ڇڏيو،مگر چار ججن ڀٽي صاحب جي ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو ۽ معافي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. 24 فيبروري 1979 تي ملڪ جي صدر فضل الاهي کان پڻ ان ڪري استيعفه ڏياريو ويو جو هن جناب ڀٽو صاحب جي ڦاسي واري سزا تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڀٽي صاحب کي سزا کانپوء 24 فيبروري 1979ع کان 4 اپريل 1979ع تائين ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو. ۽ کيس طرحين طرحين جو تڪليفون ڏنيون ويون.

آخري ملاقات ـــــــــــــ 3 اپريل 1979ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس گهرواري نصرت ڀٽو ۽ نياڻي بينظير ڀٽو آخري ملاقات ڪرڻ آيا، جڏهن ڀٽي صاحب ٻنهيء کي ملاقات تي گڏ ڏٺو ته هڪ دم انهن کان پڇيائين ته اڄ آخري ملاقات آهي ڇا جو توهان ٻئي گڏ آيون هو، ۽ هنن جڏهن چيو ته ها ته ڀٽي صاحب جيلر کان تصديق ڪئي ۽ جڏهن جيلر کيس اهيو يقين ڏياريو ته ها اڄ اهيا آخري ملاقات آهي. ۽ سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي، تنهن کان پوء ڀٽي صاحب پنهنجون ڪجهه شيون سگار، ۽ ڪتاب وغيره هنن کي ڏنا، ۽ جيلر کي چيو ته منهنجي شيو جو بندو بدت ڪيو وڃي۔ ڇو جو هي دنيا هڪ خوبصورت دنيا آهي، ۽ مان خوبصورت واري حالت ۾ هي دنيا ڇڏڻ چاهيان ٿو۔

ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس جي الزام ۾ 4 اپريل 1979 تي ڦاهي ڏني وئي.

ڀٽو صاحب جي پنهنجي قبر لاء وصيت[سنواريو]

سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ 1969ع تي سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان لطيف ڊي ملهايو ويو جنهن ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي خاص مهمان طور سڏايو ويو ۽ ڀٽي صاحب لطيف صاحب تي ڳالهائيندي پنهنجي قبر لاء به وصيت ڪئي ته مون کي مرڻ کانپوء شاه صاحب جي پيراندي کان دفن ڪيو وڃي. پر افسوس جو ڀٽي صاحب کي رات جي پيٽ ۾ بي رحمي سان قتل ڪري ۽ لانگ بوٽن جي پهري هيٺ کيس مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ۽ تنهن کان پوء به ڪيترا ڏينهن سندس قبر مٿان فوجي پهرو رکيو. ويو، ۽ ڀٽي صاحب جي اها خواهش ۽ وصيت به ظالمن پوري ٿيڻ نه ڏني.

لکيل ڪتاب[سنواريو]

جناب ذوالفقار علي ڀٽو جا لکيل ڪتاب

  1. s Pace keeping By the United Nation

اقوام متحده جي ذريعي قيام پاڪستان پبلشنه هائوس ڪراچي 1967ع

  1. political situation in Pakistan

پاڪستاب جي سياسي صورتحال ويشيا پراڪازن نيو دهلي 1968ع

  1. The myth of independence

آزادي جي داستان آڪسفورٽ يونيورسٽي پريس ڪراچي ۽ لاهور

  1. The Great Tragedy

عظيم سانحو پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي1971ع

  1. Politics of the people

عوامي سياست ( ڀٽو صاحب جي تقريرن، بيانن، ۽ مضمونن جو مجموعو ) پاڪستان پبليڪيشن راولپنڊي

  1. Speeches & statements

تقريرون ۽ بيانات حڪومت پاڪستان اسلام آباد

  1. Bilateralism New Directions

ٻه طرفا تعلقات حڪومت پاڪستان اسلام آباد 1976ع

  1. The third world new Directions

ٽئين دنيا ۽ نيا رستا، ۽ ترجيحات حڪومت پاڪستان اسلام آباد 1976 9 My Pakistan منهنجو پاڪستان لنڊن

  1. My Pakistan

منهنجو پاڪستان بسون سادي پبلڪيشن دهلي 1979ع

  1. If I am Assassinated

جيڪڏهن مان ماريو ويس وڪاس نيو دهلي1979ع

  1. My Execution

منهنجي ڦا سي مصوت ويڪلي انٽرنيشنل لنڊن1980ع

  1. New Direction

نيا رخ نرماراپبلشرز لنڊن1980ع [/I][/B]

حوالا[سنواريو]

  1. "The multipurpose Muslim League". Dawn (newspaper). 13 August 2012. https://www.dawn.com/news/741882/the-multipurpose-muslim-league. 
  2. Chitkara, M.G. (1996). Benazir – a profile. New Delhi: APH Publ. Corp.. p. 69. ISBN 978-8170247524. https://books.google.com/books?isbn=8170247527. Retrieved 8 July 2015. 
  3. Hassan, Nadir (14 April 2011). "In memorian: Zulfikar Ali Bhutto". Dawn. http://www.dawn.com/2011/04/04/in-memoriam-zulfikar-bhutto. "The one person in Pakistan's recent history whose death transcends symbolism is Zulfikar Ali Bhutto. Bhutto gave the country its last and best constitution and by inspiring millions through force of rhetoric....Dawn" 
  4. Pakistan Peoples Party. "Pakistan Peoples Party (PPP)". PPP. PPP medial Cell. وقت 28 October 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 April 2001.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Zulfikar Ali Bhutto | prime minister of Pakistan". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-03-12. 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

ڀٽو صاحب جي ويبسائيٽ جي لنڪ http://npihit.com/ آرڪائيو ڪيا ويا 2013-06-22 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ڀٽو صاحب تي لکيل ۽ ڀٽو صاحب جي لکيل ڪتابن جون لنڪون http://www.bhutto.org/ http://www.bhutto.org/bhutto-trial.php آرڪائيو ڪيا ويا 2013-03-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ڀٽو صاحب جي نالي تي کوليل يونيورسٽي جي لنڪ szabist ZA Bhutto University http://www.szabist.edu.pk/ آرڪائيو ڪيا ويا 2013-07-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سنڌي ڪتاب ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن جي لنڪ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Political_Litrature/Book8/Book_page1.html سنڌي ڪتاب ڀٽي چيو جي لنڪ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Political_Litrature/Main_Political.HTML