ڳيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايشيا ۽ يورپ جو ڳاني وارو ڳيرو
راجھستان ۾ ھڪ ڳيرو
ڳيري جي ٻول
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): اسٽريپٽوپيليا
جنس: Template:Taxonomy/اسٽريپٽوپيليا{. ڊيڪا آڪٽو
حياتياتي نالو
اسٽريپٽوپيليا ڊيڪا آڪٽو
(فرائويلڊسزڪي, 1838)

ڳيرو (انگريزي: Dove ) هڪ خوبصورت پکي آهي، جيڪو ڪبوتر جي خاندان سان تعلق رکي ٿو. ڳيري جي ڊيگهہ 28 کان 32 سینٽي ميٽر ٿيندي آهي.سندس جسم هلڪي ڀُوري رنگ جو هوندو آهي. ھن پکي کي امن جو نشان سمجھيو ويندو آھي.

جامع سنڌي لُغت[سنواريو]

سنڌ ۾ ملندڙ ڳيرو

ڳيرو

جامع سنڌي لُغت مطابق ڳيري جو جمع ڳيرا مادي ڳيري ۽ اُن جو جمع ڳيريون اَٿس. فارسي ۾ اِن کي فاخته چون ٿا. پکيءَ جو هڪ قسم آھي. وڏو اڇو اهو ڳيرو ڪڙڪٽ ننڍي ڳيري، ٻاٻيهو ننڍو ڳاڙهو ڳيرو.


سنڌي لوڪ ڏاهپ ۾[سنواريو]

  • ڳيري کي هاري طرفان طعنو

نمڪ کائي جن جو، تِن سان ٿي جهيڙي،

هڻي لَت لاتير کي، جيڪر وِجهان ڪيري،

جهڙا قاعدا ٿي ڦوري، ته سِڪائيندينءَ اسان کي سَنگ کان.

  • ڳيري کي وِنتي

جي الله ڏنهون پُڳِي، ته امر نہ مڃيندو ڪير !

باقي اهڙا کنيئي پير، ته سڀ سِڪنداسين سنگن کان

  • ڳيرو بُنيادي طرح هڪ سست ۽ عاشق مزاج پکي آهي. برسات جو صفا ڀاڙيو آهي. مِينهن وَسڻ کانپوءِ کيس ڊوڙائي ڊوڙائي بہ پڪڙي وٺبو آهي. پُسيل حالت ۾ ڪنهن کي ڏِسي چئبو آهي؛ “اَڙي صفا ڳيرو لڳو پيو آهين.

سنڌي شاعري ۾[سنواريو]

ڏڪي پَٽ تي ڳيرو، تنبي اُڀ تي باشو- استاد بخاري آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

سنڌ ۾ ڳيري جا قِسم[سنواريو]

  • ڳاني ڳيرو
  • ڳاڙهي ڳاني ڳيرو / ڳرٽ ڳيرو
  • طوطڻ ڳيرو

ڳاني ڳيرو[سنواريو]

هن جو انگريزي نالو Eurasian Collared Dove آهي. ۽ سائنسي نالو Streptopelia decaocto آهي.

30 کان 34 سينٽي ميٽر جي ڊيگھ وارو ڳيرو پوري سنڌ کان علاوه هند، چين کان ويندي يورپ تائين عام آهي. ٻهراڙين ۾ اِن جي جادوئي گھگھو! گھگھو!هڪ شاعراڻو پُراسرار ۽ روحاني ماحول طاري ڪري ٿي. ٽولين جي صورت ۾ يا اڪيلو نظر ايندو. جيتوڻيڪ نَر مادي هڪجھڙا ٿين ٿا پر نابالغ ڳيري کي ڳانو ڪونه ٿئي. چُهنب ڪاري ۽ پير ڳاڙها ٿيندا اَٿس.

هن ڳيري جو رَنگ ناسي سُرمائي ڀُورو ٿئي ٿو. پَرن جو پويون حصو ڪي قدر ڪارڙو، ڪنڌ تي ڪاري رنگ جو اڌ ڳانو اٿس. کُليل وڻڪار جي ميدانن ۽ کيتن ۾ ڏِسجي ٿو. جھنگلي ٻِج، اَن، ٻير ۽ چوپائي مال جو کاڌو کائي ٿو. جنهن مهل اُڏامندو آهي تہ پَرن ۽ پُڇ هيٺان اڇا ڪارا کَنڀ ظاهر ٿيندا اَٿس. ڪاٺڙين جو آکيرو ٺاهي ٿو.

ڳاڙهي ڳاني ڳيرو / ڳرٽ ڳيرو[سنواريو]

هن جو انگريزي نالو Red Turtle Dove آهي. ۽ سائنسي نالو Streptopelia tranquebarica آهي.

هن جا ٻيا هي نالا ؛ قمري، ڪُرڪٽ، ڳِرٽ ڳيرو

هِن ڳيريءَ جي ڊيگھ 22 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. اِنجي جي سِسي ميرانجھري سُرمائي ٿئي ٿي ۽ ڪنڌ تي ڪاري رنگ جو ڳانو رکيل اَٿس. پُٺي ۽ پير تيز سروٽي رنگ جا ۽ پيٽ هلڪو سروٽي ٿئي ٿو. پَرن جون چوٽڙيون ۽ پُڇ ڪارو اَٿس، باقي پيٽ سُرمائي ڀُورو اَٿس. هي پکي سڄي هند اُپکنڊ ۾ عام آهي. صحرائي علائقن ۽ گھاٽن ٻيلن ۾ رهڻ کان پاسو ڪري ٿو.

طوطڻ ڳيرو[سنواريو]

هن جو انگريزي نالوLittle Brown Dove آهي. ۽ سائنسي نالو Streptopelia senegalensis آهي.

25 سينٽي ميٽر ڊيگھ اَٿس. نر ماد هڪجھڙا ٿين ٿا. رنگ ۾ سڄو سروٽي ڳاڙهو، ڪلهي تي سُرمائي چِٽا، پَرن جا پاسڙا ڪارا سُرمائي، ڇاتي ناسي گُلابي ۽ پيٽ اَڇو ٿئي ٿو. اها ڳيري اڪثر ڪري گھرن جي ڇِتين، ورانڊن ۽ رستن تي نظر ايندي آهي، جنهن مان لڳي ٿو تہ اِها انسان سان ڪافي مانوس آهي. وڻڪار ۽ پوک واري ماحول ۾ رهي ٿي. گھاٽن ٻيلن ۾ رهڻ کان پاسو ڪري ٿي.

نسل جي واڌويجھ[سنواريو]

مادي ٻه آنا ڏيندي آهي. نر ۽ مادي ٻئي گڏجي واري واري سان آرو ڪندا آهن. 14 کان 18 ڏينهن جي آري کان پوءِ ٻچا آنن مان نڪرندا آهن. آنا لاهڻ خوراڪ جي موجودگي سان ٻَڌل آهي. اڪثر ڪري 3 کان 4 دفعا ٻچا ڪندا آهن.

مَسڪن[سنواريو]

ڳيرو ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان،ڀارت ۽ سريلنڪا۾ ملي ٿو، پر اِنکان علاوه ٻين ملڪن ۾ بہ ملي ٿو. هي وڻن، زمين ۽ عمارتن ۾ آکيرو ٺاهيندو آهي.

حوالا[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]

برسات ۽ مهمان اچڻ جو اُهڃاڻ بڻيل عاشق مزاج پکي ڳيرو- نواز ڪنڀر

ڳيرو - نواز ڪنڀر

مناظرو هاريءَ ۽ ڳيري جو- خان محمد

ڳيرو ڳائي گيت امن جا- ڪتاب سنڌ ۽ سچ جي ساڃاھہ- مصنف مشڪور ڦلڪارو

ڳيرو- مشڪور ڦلڪارو

پکي- امر جليل