پاڪستان پيپلز پارٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جماعت جو باني - قائد عوام

پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان جي ھڪ سياسي جماعت آھِ ۽ ھن وقت پاڪستان جي ٻين وڏي جماعت آھي۔

پيپلز پارٽي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو۔ ھن پارٽي 1970 جون چونڊون اولھه پاڪستان ۾ واضع اڪثريت سان کٽي ورتيون۔

فوج جڏھن اڪثريتي پارٽي عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اسنجو نتيجو اوڀر پاڪستان جي عليحدگي جي شڪل ۾ نکتو۔ ھن مشڪل صورت حال ۾ پيپلز پارٽي ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ ملڪ جي بڄ ڊڪ سنڀالي۔ 1977 ۾ فوج ماضي کان سبق حاصل ڪئي بغير ٻيھر اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ۽ ھڪ فرضي مقدمي ۾ پاڪستان جي تاريخ جي مقبول ترين وزيراعظم کي موت جي سزا ڏني وئي۔ تمام تر رياستي بندوبست جي باوجود پيپلز پارٽي کي ختم نہ ڪري سگھيو ويو۔ محترمہ بينظير ڀٽو جي قتل کان بعد ھن جي قيادت عملاََ آصف علي زرداري جي ھٿ ۾ آھي۔ پاڪستان پيپلز پارٽي ھاڻي به پاڪستان جي وڏي جماعت آھي۔

پيپلز پارٽي جون ڪاميابيون[سنواريو]

  • ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھڪ متفقہ آئين بڻايو ۽ نافذ ڪيو۔
  • پاڪستان جو ایٽمي پروگرام شروع ڪيو۔
  • پاڪستان اسٽيل مل ۽ ھيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا شروع ڪيو۔
  • لاھور ۾ ٻين اسلامي سربراھي ڪانفرنس منعقد ڪئي۔
  • 1971ء جي جنگ کان بعد ڀارت جي قيد کان 90 ھزار فوجين کي آزاد ڪرايو۔

تنقيد[سنواريو]

  • سوشلزم جو نفاذ صنعتن تي سوچڻ سمجھڻ بغير ڪيو ويو۔
  • جاگيردارن کي پارٽي ۾ آندو ويو۔
  • مخالفتن کي دشمني سمجھيو ويو۔
  • جنرل ضياء الحق کي فوج جو سربراھ تعينات ڪيو ويو۔

موروثي[سنواريو]

جماعت کي موروثي جائيداد جي طور تي ھلايو ويندو آھي ۽ جماعت جي اندر چونڊن سان رھنما چونڊڻ جو جمھوري طريقو نہ اپنايو ويندو آھي۔

پڻ ڏسو[سنواريو]

  • پاکستان پیپلز پارٹی پارلیمنٹیرینز
  • پیپلز امن کمیٹی

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]