تتر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

تتر
Perdix perdix (Marek Szczepanek).jpg
ڀورو تتر (Perdix perdix)
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): پرڊيسيني
نسل

تتر: (انگريزي: Patridge ) کي انگريزي ۾ چئبو آهي.

تترن جا قسم[سنواريو]

هن جا سنڌ ۾ مک مقامي قسم هي آهن. ٻاٽيرو يا ٻاٽيڀڙ نسل جو تتر جھڙو پکي هن کي انگريزي ۾ سينڊگروز (Sandgrouse) چئبو آهي.


سنڌ ۾ تتر ۽ ٻٽيري جا قسم
نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 بگڙو (ڀورو) تتر گري پيٽرج (Gray Patridge)

فريڪونلينس پانڊيسرائنس

2 ڪارو تتر بليڪ فرينڪولن پيٽرج فريڪونلينس

3 سيسي تتر سي سي پيٽرج

ايموپرڊڪس گيسيئوگولرس

4 پَٽَ تتر ليچٽنسٽائين وارو سينڊگروز ٽيروڪلز ليچٽنسٽائينئي
5 پٽ تتر ڊگوش پن ٽيلڊ سينڊگروز

ٽيروڪلز الڪاٽا

6 ڦلڦلو ڳٽو اسپاٽيڊ سينڊگروز ٽيروڪلز سينيگالوس

7 ٻاٽيڀر چيسٽنٽ سينڊگروز ٽيروڪلز ايڪسسٽس

ان کان علاوه ايراني ۽ ٻيا غير مقامي قسم آهن.

کاڌ خوراڪ ۽ رهائش[سنواريو]

تتر جي مک خوراڪ اناج آهن پر هي ننڍڙا جيت پڻ کائيندا آهن. هن ٻچا شروعاتي 10 ڏينهن تائين صرف جيت هضم ڪري سگھندا آهن. ڌاڃورو: ڌاڃورو، ڍانڍي گاهه جو هڪ قسم آهي، جنهن جي پاڙ ۾ گول، ڪارا ۽ خوشبودار داڻا ٿين ٿا، جيڪي ڏُٿ طور ڪم ايندا آهن. انهن داڻن کي خاص طرح تتر کوٽي کائيندا آهن. هيءَ گاهه سنڌ جي ڍنڍن ۾ به عام جام ٿيندو آهي. هي تتر عموماً جوڙين يا گروهن جي صورت ۾ هلندي نظر ايندا آهن. اڏامڻ جي ڀيٽ ۾ هلڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. مختصر پنڌ تي ٿوري وقت لاءِ اڏامندا آهن.. تتر جي خوراڪ ڀاڄين، پنن، گاهن جي ٻج، وڻ جي ساين ٽارين، رسدار ميون (ٻيرن وغيره) ۽ جيتن تي مشتمل آهن. مقامي سيسي تتر، ٻين تترن ۽ چڪور وانگر اونهاري ۾ مٿانهن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ بدران اتي ئي رهڻ پسند ڪندا آهن.

عام طور هي تتر سڄو ڏينهن ٻوليندا آهن، پر صبح ۽ شام جي پهرن ۾ مسلسل ٻوليندا آهن. سيسي تتر ٽن کان چئن منٽن تائين لاڳيتو ٻولي سگهندا آهن.

نسل جي واڌويجھ[سنواريو]

مارچ ۽ اپريل اڪثر نر تتر ميلاپ لاءِ ٻوليندو آهي. ۽ مادي تتر اپريل ۽ مئي جي وچ ۾ آرو ڪندي آهي. 18 کان 19 ڏينهن ۾ ٻچا آنن مان نڪري ايندا آهن مادي تتر هڪ ئي وقت 8 کان 14 يا وڌ ۾ وڌ 16 بيضا لاهيندي آهي، جيڪي اڇاڻ مائل ملائي رنگ کان پيلسري ڦڪي رنگ جا ٿين ٿا. بيضن جي مٿاڇري سطح بي داغ هوندي آهي. هن جي آري جو عرصو ايڪيهه (21) ڏينهن هوندو آهي، جنهن دوران نر تتر، ماديءَ سان ويجهڙائيءَ ۾ رهندو آهي.

تتر بابت سنڌي ماڻهن ها سنوَڻ[سنواريو]

گهران نڪرڻ وقت جيڪڏهن کاٻي کان تتر جي تنوار ٻڌبي ته تمام سٺو ۽ جي ساڄي تتر ٻولي ته خراب سمجهيو ويندو آهي، ۽ پهچڻ واري جاءِ تي تتر جي ساڄي تنوار کي سٺو ۽ کاٻي تنوارخراب سمجهيو وڃي ٿو.

چاڙهيڪو (تتر جي شڪار جو طريقو)[سنواريو]

شڪار جو هڪ طريقو، جيڪو شام جو واهيري مهل يا صبح جو ساجھر ٿيندو آهي. صبح جي وقت پکي وڻن تي آرام ۾ هوندا آهن، جن کي شڪاري بندوق کڻي اچي ماريندا آهن. هن شڪار ۾ ڪارڙا تتر ماربا آهن. هڪ پاليل ڪارڙو تتر پڃري ۾ وجھي جھنگ ۾ وڃي رکبو آهي. اهو ٻوليندو آهي ته جھنگلي تتر ان جي ٻولي ٻڌي ساڻس وڙهڻ ايندا آهن. شڪاري بندوق سان ڀرسان لڪو ويٺو هوندو آهي ۽ اهڙن جھنگلي تترن جو شڪار ڪندو آهي. - ٿر واري پاسي، ڀِِٽن يا ٽؤنڪن تي چڙهي، وڃايل مال جي ڳولا ڪرڻ کي به چاڙهيڪو چوندا آهن.
مارِي (شڪاري) هن پکيءَ جو شڪارڪن ٿا. ماري/ شڪاري، ٻٽير کي ٻٽير جي رڪارڊ ٿيل ٻوليءَ رستي ڌوڪي سان ڦاسائين ٿا. سنڌ کانپوءِ هيءُ پکي مڪران جي ساحل کان ٿيندو عمان ڏانهن هليو وڃي ٿو. سيسي تتر(See See- Partridge) به ڦاسايو وڃي ٿو ۽ ان جو ڪراچيءَ سميت ٻين ڪيترن شهرن ۾ سرعام وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

تتر (Imperial sandgrouse) هتان جو مقامي پکي آهي. پٽ تتر (Spotted Sandgrouse) ۽ ٻاٽيٻڙ (chestnut bellied sandgrouse) نه رڳو ٻين جنسن کان سرس ٿئي ٿو، بلڪ سڄيءَ سنڌ جي خشڪ علائقن ۾ چڱو خاصو ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ پٽ تتر جون هي ٻئي جنسون سولائيءَ سان واڌويجھه ڪري سگهنديون هيون، پر هنن جي تعداد ۾ تمام گھڻي گھٽتائي ٿي آهي، جنهن جو ڪنهن حد تائين هڪ سبب لاڳيتي خشڪسالي به آهي، جنهنڪري پاڻيءَ جا تلاءَ سُڪي ويا آهن ۽ ٻيو ڪارڻ هن جو لاڳيتو شڪار پڻ آهي.

تتر جو گوشت[سنواريو]

ڪارو ۽ اڇو تتر جن کي شڪاري لذيذ گوشت سبب وڏي شوق سان شڪار ڪندا آهن. ڪنهن زماني ۾ هي تتر عامجام ٿيندا هئا، جڏهن ته هاڻي ڪجھه وقت کان وٺي انهن جي انگ ۾ وڏي گھٽتائي آئي آهي ۽ ڪيترن هنڌن تان ته بلڪل ختم ٿي ويا آهن، جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن ۾ خاص طور غير قانوني شڪار ۽ انهن جا ماڳ ختم ٿي وڃڻ آهي. ڪارو تتر گھڻي ڀاڱي پوکي راهيءَ وارن هنڌن، خاص ڪري ڪمند جي آسپاس جام ٿيندو آهي. اهڙن هنڌن تي جيئن ته جيت مار دوائن جو ججهو استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪارڙوتتر جيتخور هئڻ ڪري مرندڙ جيت ۽ ڪيئان کائي ٿو، جنهنڪري انهن دوائن جو زهر، پکيءَ جي وَهه/ چرٻيءَ يا جنمي سرشتي (reproductive system) ۾ گڏ ٿي، ان جي واڌويجھه (Infertility) ختم ڪري ڇڏي ٿو. جيتمار دوائن ۾ موجود ڪينسري مادا آنن تي اهڙو اثر ڪن ٿا، جو ٻچن جي ڦٽڻ کان اڳ ۾ ئي آني جو ٻاهريون خول ٽٽي پوي ٿو.

ٻيا قسم[سنواريو]

ڀاڙو: تتر جو ھڪ قسم، جيڪو قد جو ننڍو ۽ رنگ جو ميرانجھو ٿيندو آھي، ان جي بدن تي چِٽ ٿيندا آھن. نر تترجي ڳچيءَ ۾ ڪارو ليڪو ٿيندو آھي، هن کي ’ڀونئتريو‘ به چوندا آهن.

حوالا[سنواريو]