بينظير ڀٽو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا
Benazir Bhutto
بينظير ڀٽو

در عهدو
19 October 1993 – 5 November 1996
صدر Wasim Sajjad
Farooq Leghari
اڳيون Moeenuddin Ahmad Qureshi (Acting)
جانشین Malik Meraj Khalid (Acting)
در عهدو
2 December 1988 – 6 August 1990
صدر Ghulam Ishaq Khan
اڳيون Muhammad Khan Junejo
جانشین Ghulam Mustafa Jatoi (Acting)

در عهدو
17 February 1997 – 12 October 1999
اڳيون Nawaz Sharif
جانشین Fazal-ur-Rehman
در عهدو
6 November 1990 – 18 April 1993
اڳيون Khan Abdul Wali Khan
جانشین Nawaz Sharif

Chairperson of the Pakistan Peoples Party
در عهدو
12 November 1982 – 27 December 2007
Acting: 12 November 1982 – 10 January 1984
اڳيون Nusrat Bhutto
جانشین Asif Ali Zardari
Bilawal Bhutto Zardari

پیدائش 21 جون 1953(1953-06-21)
Karachi, Sind, Pakistan
وفات 27 ڊسمبر 2007 (عمر 54 سال)
Rawalpindi, Punjab, Pakistan
جاءِ دفن Garhi Khuda Bakhsh, Pakistan
گھرواريون Asif Ali Zardari (1987–2007)
رشتيدار Bhutto family (by birth)
Zardari family (by marriage)
ٻار Bilawal, Bakhtawar, Asifa
مادر علمي Harvard University
Lady Margaret Hall, Oxford
St Catherine's College, Oxford
دستخط

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي نياڻي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا.

ذاتي پسمنظر[سنواريو]

پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين سان هو. جڏهن ته سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان شهر سان آهي.بينظير سندن وڏور ڌيءَ هئي. هي پاڻ ۾ چار ڀائر ڀيڻون هئا، جن مان هاڻي صرف هڪ ڀيڻ صنم ڀٽو حيات آهي.

بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام حسين عورت هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي، جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي افنديءَ سان واسطو رکي ٿو. آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر رھي چڪو آهي. کيس ٽي ٻار، هڪ پٽ بلاول ۽ ٻه نياڻيون بختاور ۽ آصفه آهن.

تعليم[سنواريو]

بينظير ڀٽو کي ابتدائي تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي مسز جيننگ جي نرسري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هن 1958ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري (Convent of Jesus and Mary) ۾ داخلا ورتي. ننڍپڻ ۾ هوءَ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهي نينگر هئڻ سان گڏ تمام ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي. ستن سالن جي عمر ۾ جڏهن سندس والد جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو ته سندن ڪٽنب راولپنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پهرين کيس ”پريزنٽيشن ڪانوينٽ“ (Presentation Convent) ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ ڪوهه مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. هن دور ۾ هن کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو. ڪتابن ۾ هن کي تاريخ، آتم ڪهاڻيون ۽ اگاٿاڪرسٽيءَ جون جاسوسي ڪهاڻيون پسند هيون. بينظير کي ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو به شوق هو ۽ هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غيرنصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، ان ڪري سندس استاد کيس گهڻو ڀائيندا هئا. ننڍي عمر کان ئي مختلف پرڏيهي ملڪ گهمڻ ۽ گهر ۾ ٿيندڙ سياسي گفتگوءَ جي ڪري هن ۾ سياسي شعور موجود هو.

جڏهن سندس والد وزير خارجه بڻيو، تڏهن سندس مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿيو ۽ ان وقت جي ڪابينا ۾ عمر ۾ ننڍي ۾ ننڍو وزير هئڻ جي باوجود گهڻن تي ڀاري هو. 1965ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي، جنهن کان پوءِ ڀٽي صاحب جا ايوب خان سان اختلاف ٿي پيا، ان ڪري هو سندس حڪومت کان ڌار ٿي ويو. هي اهو دور هو، جنهن ۾ بينظير کي تمام ويجهي کان ملڪ جي حالتن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو. 1966ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڀٽو صاحب وڏو مقبول سياسي ليڊر بنجي اڀريو ۽ هي خاندان ڪراچيءَ واپس موٽي آيو ۽ بينظير وري ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان هن صرف 15 سالن جي عمر ۾ ’او‘ ليول جو امتحان ڏنو. ان کان اڳ 1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پئجي چڪو هو، جنهن جو چيئرمئن ڀٽو صاحب بڻيو ۽ بينظير صرف چوڏهن سالن جي عمر ۾ ان جي بنيادي پنجن ميمبرن ۾ شامل هئي. ڪجهه وقت گرامر اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ هوءَ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هلي وئي. اهو 1969ع جو سال هو. انهيءَ دور ۾ ويٽنام جنگ خلاف ٿيندڙ ڪيترن مظاهرن ۾ شرڪت ڪيائين، اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ چندا گڏ ڪيائين ۽ ڪاليج جي ٻين ڪيترين سرگرمين ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتائين، جنهنڪري هوءَ ڪاليج ۾ گهڻي مشهور ٿي وئي.

سياست ۾ آمد[سنواريو]

1970ع جي چونڊن ۾ اولهه پاڪستان مان پيپلز پارٽيءَ جي اڪثريت سان چونڊجڻ مهل هوءَ آمريڪا ۾ هئي. ان کان پوءِ اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيون ۽ جنگ لڳي، اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو، ڀُٽي صاحب کي باقي رهيل پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنايو ويو. ان دور ۾ بينظير ڀٽو جيئن 1972ع ۾ اونهاري جي موڪلن ۾ پاڪستان آئي ته ڀٽو صاحب کيس پاڻ سان هندستان وٺي ويو، جتي کيس شملي ۾ اندراگانڌيءَ سان ملڻو هو. ان ملاقات 18 سالن جي نوجوان بينظير جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو. عملي سياست جو سندس اهو پهريون تجربو هو، جتي هوءَ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن وارن جي توجهه جو مرڪز بڻجي وئي هئي. اتان موٽي هوءَ وري واپس آمريڪا پڙهڻ هلي ويئي. اتي پنهنجي چئن سالن واري ڪورس کي پورو ڪري سياست ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ پاڻ مختصر عرصي لاءِ پاڪستان اچي، وري پنهنجي والد جي خواهش مطابق آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي داخلا ورتائين، جيڪو پاڻ به اتان پڙهيو هو. جنهن وقت 14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ جو آئين نافذ ڪيو ويو، بينظير پاڪستان ۾ آيل هئي. ان کان پوءِ ڀٽو صاحب مختلف دورن ۾ هن کي پاڻ سان وٺي ويندو هو، ان ڪري هن کي ڪيترن مشهور ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن ۾ هينري ڪسنجر به شامل هو. لاهور ۾ 1974ع ۾ ڪوٺايل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ به هوءَ شامل ٿي هئي، جتي هن کي مصر جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي شاهه فيصل، لبيا جي ڪرنل قذافي، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين سان ملڻ جو موقعو مليو. ان کان سواءِ گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جي اميرن سان به ملي. اها سندس لاشعوري تربيت هئي، جيڪا سندس والد ڪري رهيو هو. ان سال آڪسفورڊ ۾ بينظير کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. ان کان ڪجهه وقت پوءِ هن انهيءَ يونين جي صدر لاءِ چونڊ وڙهي ۽ 1977ع ۾ هوءَ پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنهن اهو عهدو ماڻيو هو.

هوڏانهن پاڪستان ۾ نين چونڊن جو چؤٻول هليل هو. پي. اين. اي نالي ساڄي ڌر جي پارٽين جي اتحاد اسلامي نظام جي نعري هيٺ هيٺ ماڻهن کي گمراهه ڪيو ته به ڀٽي صاحب جي پارٽي 60 سيڪڙو اڪثريت سان ڪامياب ٿي، پر پوءِ مٿس چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جو الزام هڻي هڙتالون ڪيون ويون ۽ احتجاجي سياست ڪئي وئي. 1977ع ۾ پڙهائي پوري ڪري ڊگري وٺي بينظير واپس وطن آئي ۽ پنهنجي پيءُ جي پاران بين الصوبائي رابطه ڪميٽيءَ جي خاص صلاحڪار بڻائڻ کانپوءِ ان حيثيت ۾ سندس آفيس ڀرسان ٻي آفيس ۾ ويهڻ لڳي. 4 جولاءِ 1977ع تي مخالف ڌر سان معاهدو ٿيڻ کان پوءِ جنرل ضياءُالحق اوچتو 4 ۽ 5 جولاءِ جي وچ واري رات ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. ڀٽي صاحب جي نظربنديءَ کان پوءِ بينظير پنهنجي خاندان سان ڪراچيءَ موٽي آئي. ڀٽي صاحب جي غيرموجودگيءَ ۾ بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽيءَ جي قائم مقام چيئرپرسن بنايو ويو ۽ بينظير کي سندس سيڪريٽريءَ طور ذميواريون ڏنيون ويون. هن جي ڀائرن کي ماءُ ملڪ کان ٻاهر اماڻي ڇڏيو هو ته جيئن اهي پنهنجي پيءُ جي آزاديءَ لاءِ دنيا جي ضمير کي جاڳائڻ جو ڪم ڪن. ڀٽي صاحب جو ڪيس هلندو رهيو، بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي بار بار گرفتار ۽ آزاد ڪيو ويو، ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن سهالا پوليس ڪيمپ ۾ ته ڪڏهن سکر جيل ۾. جڏهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ وارو فيصلو ٿيو، ان وقت اهي ٻئي سهالا جيل ۾ هيون. ان کان پوءِ کين ڀٽي صاحب سان ملاقات لاءِ راولپنڊيءَ نيو ويو، جيڪا ساڻس سندن آخري ملاقات هئي. ڀٽي صاحب جي شهادت جتي بينظير کي دنيا جي هن وڏي ڏک کان آشنا ڪيو، اتي منجهس وڏي تبديلي آندي، جو پوءِ هوءَ بيحد بهادر، بي ڊپي، پراعتماد ۽ بيباڪ عورت بنجي اڀري. محترمه پنهنجي ڪتاب ”ڊاٽر آف دي ايسٽ“ جي پهرين سٽ اها لکي هئي ته ”مون پنهنجي هن زندگيءَ جو پاڻ انتخاب نه ڪيو، پر ان مون کي چونڊيو هو.“ حالتن هن کي فولاد بڻائي ڇڏيو. بعد ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي بيماريءَ سبب کيس پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرپرسن ۽ پوءِ چيئرپرسن بنايو ويو.

1981ع ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ هلي، جيڪا 1983ع ۾ عروج تي پهتي. مارچ 1981ع ۾ پي. آءِ. اي جو هڪ جهاز اغوا ٿيو، جنهن جو الزام سندس ڀائرن تي لڳائي بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي وري گرفتار ڪيو ويو، جتي ٻئي 1982ع تائين قيد رهيون. ان کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو سخت بيمار ٿي پئي ۽ ڊاڪٽرن ڦڦڙن جي ڪينسر جو مرض تشخيص ڪيو، جنهن جي علاج لاءِ کيس ولايت وڃڻ جي اجازت ملي ۽ بينظير کي ڪراچيءَ واري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. 1984 ۾ بينظير کي ڪن ۾ شديد سور پيو، جنهن جي علاج لاءِ ولايت وڃڻ جي کيس اجازت ملي. ائين هوءَ ايندڙ ڇهن سالن لاءِ ملڪ کان ٻاهر هلي ويئي. لنڊن ۾ هن ڪن جي آپريشن ڪرائي.1985ع ۾ فرانس ۾ سندس ڀاءُ شاهنواز جي اوچتي وفات زهر ڏيڻ سان ٿي ته پاڻ فرانس هلي وئي ۽ سندس ميت کڻائي، پاڪستان واپس آئي. اهو سندس زندگيءَ جو ٻيو سانحو هو، جنهن سان کيس منهن ڏيڻو پيو. ڀاءُ کي پنهنجي پيءُ جي ڀرسان دفن ڪرايائين. ان وقت جنرل ضياءَ کيس نظربند ڪرايو. بهرحال هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي قتل ڪيس جي پوئواريءَ خاطر وري ڪجهه وقت لاءِ ٻاهر هلي ويئي.

عملي سياست[سنواريو]

1986 ۾ جڏهن هوءَ لاهور واپس پهتي ته لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. سندس اهڙي شايان شان واپسيءَ کان پوءِ 1987 ۾ سندس شادي آصف علي زرداريءَ سان ٿي. 10 اپريل تي اوجهڙي ڪئمپ واري واقعي کان پوءِ 29 مئي1987تي جنرل ضياءَ، محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ۽ اسيمبليون ختم ڪيون ۽ چونڊن جو اعلان ڪيو. 17 آگسٽ 1987 تي جنرل ضياءِ جو جهاز هوا ۾ ڦاٽي پيو ۽ هو ڌرتيءَ ۽ آڪاش جي وچ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو. ظالم آمر جو اهڙو انت اچڻ تي پاڪستان جي ماڻهن جو خدا جي انصاف تي ايمان اڃا پختو ٿيو. غلام اسحاق خان ملڪ جو صدر مقرر ٿيو، جنهن بنا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جي خلاف بينظير پٽيشن داخل ڪئي، ان وقت جڏهن بنا پارٽي اليڪشن خلاف بينظير جي پٽيشن سپريم ڪورٽ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن جو چوٻول ٿيو، ته ان وقت بينظير، بلاول ڀٽو کي جنم ڏئي بلاول هائوس ۾ شفٽ ٿي چڪي هئي.

چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ حڪومت جي برطرفي[سنواريو]

چونڊن ۾ هن جي پارٽيءَ خلاف نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ آءِ. جي. آءِ نالي اتحاد ٺاهيو ويو هو. بينظير چونڊ مهم لاءِ ڪامياب دورا ڪيا ۽ پارٽيءَ کي منظم ڪيو. 1988ع واريون اهي چونڊون پيپلز پارٽيءَ کٽيون ۽ 2 ڊسمبر 1988ع تي ايوان صدر ۾ بينظر ڀٽو وزارت عظميٰ جو قسم کنيو. سموري دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ هوءَ پهرين مسلمان عورت ۽ پهرين سنڌياڻي هئي، جيڪا ڪنهن اسلامي ملڪ جي وزيراعظم بڻي هئي. 12 ڊسمبر تي قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ ورتائين. سندس اهو دور اختلافن سان ڀريل هو. پنجاب ۾ آءِ. جي. آءِ (نواز شريف) جي حڪومت هئي، جيڪي مرڪز سان ٺهي نه پئي هليا، سنڌ ۾ ايم. ڪيو. ايم حڪومت ۾ شامل هئي، پر لساني ڇڪتاڻ معمول بڻيل هئي. بلوچستان ۾ اڪبر بگٽي ساڻس ڪو نه ٺهيو ۽ اتان جون حالتون به صحيح ڪونه هيون. هوءَ ”سياسيات“ ۽ ”بين الاقوامي تعلقات“ جون ڊگريون رکندڙ هڪ قابل عورت هئي، هن پاڪستان کي دولت مشترڪه ۾ شامل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون. هن پنهنجي خارجه پاليسيءَ ۾ انقلابي تبديليون آنديون. ڀارت، آمريڪا، چين ۽ اسلامي ملڪن سان دوستيءَ جا ناتا وڌايا. پهرين نومبر 1989ع تي سندس حڪومت مخالفن سندس خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي. ان کان پوءِ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ ٿيل آپريشن ۾ فوج جي مداخلت کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون ۽ نسلي فساد ڀڙڪي اٿيا. 5 آگسٽ 1989ع تي ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان ٽيليويزن تان قوم کي خطاب ڪري بينظير حڪومت کي برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.

ان کان پوءِ نگران حڪومت غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي ڏني وئي ۽ نين چونڊن جو اعلان ٿيو. چونڊون ٿيون ۽ نوازشريف حڪومت ٺاهي، نئين اسيمبليءَ ۾ بينظير مخالف ڌر جي ليڊر چونڊي وئي. 6 نومبر 1990ع تي هن مخالف ڌر جي اڳواڻ طور اسيمبليءَ کي خطاب ڪيو. سنڌ ۾ حڪومت ڄام صادق عليءَ کي ڏني وئي، جنهن پيپلز پارٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو کي گهڻو نقصان پهچايو. بينظير ڀٽو جي وَر آصف زرداريءَ تي ڪيترائي الزام هڻي مقدما قائم ڪيا ويا.

ٻيھر وزيراعظم چونڊجڻ ۽ برطرف ٿيڻ[سنواريو]

1992ع ۾ نواز شريف کي ساڳئي قسم جا الزام هڻي غلام اسحاق خان برطرف ڪيو ۽ اسيمبليءَ کي ختم ڪري بلخ شير مزاريءَ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. 1993 جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون ۽ بينظير کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بنايو ويو. 13 نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو. ڪجهه وقت سانهن ستيءَ سان حڪومت ڪرڻ کان پوءِ وري وڳوڙ شروع ٿي ويا. ڪراچي انساني قتل گاهه بنجي وئي هئي، ٽارچر سيل ۽ ٻورين ۾ بند لاش روز جو معمول بنجي چڪا هئا. نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان صنعتون پنجاب منتقل ٿيڻ لڳيون. ڌرين سان ٺاهه ٿيندا ۽ ڊهندا رهيا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو هو. 1995 جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري بينظير جو مخالف ٿي بيٺو.

20 سيپٽمبر 1995ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ ميرمرتضيٰ ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو. هوءَ جهڙوڪر ٽُٽي پئي. اڃا صدمي ۾ هئي ته 5 نومبر تي کانئس حڪومت به کسي وئي. قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي سندس سرڪار کي برطرف ڪيو ويو. 1996ع جي ان زوال ۾ جن ٽن ماڻهن جو هٿ هو، اهي ٽئي سندس آندل يا مقرر ڪيل هئا، جن ۾ صدر فاروق لغاري، جنرل جهانگير ڪرامت ۽ جسٽس سيد سجاد علي شاهه شامل هئا.

هڪ ڀيرو وري چونڊن جون تياريون ٿيون. سنڌ جو نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي کي ڪيو ويو. چونڊون ٿيون، انهن ۾ تمام گهٽ ماڻهن حصو ورتو. بهرحال 17 فيبروريءَ تي نواز شريف جي حڪومت قائم ٿي. 1997ع جي پڇاڙيءَ ۾ بينظير کي وري ڪيترن ڪيسن ۾ ڪورٽن کي منهن ڏيڻو پيو. جدوجهد جي طويل سفر ۽ مخالفن وٽان ملندڙ تڪليفن کيس اڃا عوام جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو.

جلاوطني[سنواريو]

1999ع ۾ جڏهن پاڻ ملڪ کان ٻاهر هئي ته سندس ور کي اذيتون ڏنيون ويون ته جيئن هو اڻ ڪيل ڏوهن جو اعتراف ڪري. 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو.

وطن واپسي ۽ شھادت[سنواريو]

بينظير، دبئيءَ ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 179 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. بينظير کي مارڻ جي ان سازش ۾ سندس دشمن ڪامياب نه ٿيا. هن جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه آئي. ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪندي هن سمورن خطرن جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ۽ جلسا ڪيا. هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ بعد جڏهن جنرل مشرف ملڪ جي عدليه کي هٽايو ته هن نظربند چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي گهر جي ٻاهران وڃي جلسو ڪيو ۽ چيو ته سندس چيف جسٽس اهو ئي آهي.

27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جلسي تان واپسيءَ مهل عوام جي زبردست محبتن ۽ نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته هڪ ڀيرو وري مٿس گوليون وسايون ويون ۽ -بم- ڦاڙيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي. اهو نه صرف سنڌ جو، پر پاڪستان جو انتهائي وڏو نقصان آهي، جنهن جو پورائو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهي. سموري دنيا ۽ پاڪستان سندس ڏک محسوس ڪيو، پر سنڌ جي ماڻهن ان کي بنهه ذاتي ڏک سمجهي، لڙڪ لاڙيا ۽ سخت احتجاج ڪيو. سندس شهادت، سنڌ ۾ نئون ادب، شاعري ۽ نئون ولولو پيدا ڪيو. هو کيس ”مارئي ملير جي“، ”سنڌ راڻي“ ۽ ”شهيد راڻي“ جهڙن نالن سان ياد ڪن ٿا.

عظمت[سنواريو]

محترمه بينظير صاحبه جي خداداد ذهانت ۽ سياسي بصيرت جو سڄي دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن پنهنجي اقتدار دؤران ۽ اقتدار کان پوءِ ڪيترين ئي صعوبتن جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. وزارت عظميٰ’’ دوران مٿس ڪيترائي الزام هنيا ويا، پر وقت جون حڪومتون اهي ثابت ڪري نه سگهيون. والد بزرگوار جي شهادت، ٻن ڀائرن جي شهادت، والده جي مسلسل بيماري، قيد ۽ نظربندي ۽ خاوند جي مختلف الزامن تحت مسلسل نظربندي ۽ گرفتاري وغيره، پر پوءِ به سنڌ جي هن نياڻيءَ حوصلو نه هاريو ۽ پرڏيهه ۾ رهي پنهنجي پارٽيءَ جي قيادت ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آتم ڪهاڻي ’ڊاٽر آف دي ايسٽ‘ نالي سان لکي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مراد علي مرزا ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو سجاد بخاريءَ ”مشرق ڪِي بيٽِي“ جي نالي سان ڪيو آهي. ان کان سواءِ سندس ٻي تصنيف “Pakistan: the Gathering Storm” نالي سان شايع ٿي چڪي آهي. سندس آخري ڪتاب Reconciliation: Islam and The West پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، جنهن جو نالو آهي ”سرچاءُ“. هي ڪتاب حسين بادشاهه ترجمو ڪيو آهي.

27 ڊسمبر 2007ع پاڪستان جي تاريخ جو سياهه ترين ڏينهن هو، جڏهن لياقت باغ راولپنڊيءَ ۾ محترمه بينظير ڀٽو تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ سندن اباڻي قبرستان ۾ پنهنجي شهيد والد ۽ ڀائرن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس ابدي آرامگاهه آهي. جتي هر سال سندن ورسيءَ تي هزارين ماڻهو اچي کين ڀيٽا ڏيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.