لوڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لوڻ

لوڻ هڪ معدني غذا آهي جيڪا حيوانياتي جاندارن لاء تمام گھڻو ضروري آهي، هنجو بنيادي مرڪب سوڊيئم ڪلورائيڊ آهي.

لوڻ جو ذائقو بنيادي ذائقن مان هڪ آهي ۽ هي مقبول ترين گرم مصالحو بہ آهي.

انسان جي استعمال هيٺ لوڻ جون ڪيترين ئي صورتم ۾ ٺهندو آهي: غيرخالص لوڻ(جيئن سامونڊي لوڻ)، خالص لوڻ ( کائڻ وارو لوڻ) ۽ آيوڊين مليل لوڻ. هي سخت ۽ رنگ ۾ اڇو يا خاڪي هوندو آهي، هي سامونڊي پاڻي يا جبلن مان حاصل ڪيو ويندو آهي.

ڪلورائيڊ ۽ سوڊيئم جا عنصر جيڪي لوڻ جا وڏا جز آهن، تمام زنده جسمن جي بقا جي لاء تمام ضروري آهن. لوڻ جسم ۾ پاڻي جي مقدار جي توازن رکڻ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.