سچل سرمست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سچل سرست
پيدائش1739
درازا، خيرپور
وفات1829
عهدڪلاسيڪي
علائقوسنڌي صوفي شاعر
مڪتبه فڪراسلامي صوفي
شعبه عمل
شاعري
اهم نظريا
صوفياڻه شاعري، صوفياڻو فلسفو، ۽ صوفياڻي شاعري


عبدالوھاب المعروف سچل سرمست(انگريزي: Abdul Wahab Sachal Sarmast ) سنڌ جو جڳ مشھور سنڌي شاعر ھيو. سچل سرمست جي پيدائش 1739ع ۾ اڳوڻي خيرپور رياست جي ننڍي ڳوٺ درازا ۾ ھڪ مذھبي گهراڻي ۾ ٿي. ان جو اصل نالو ته عبدالوھاب ھيو، پر سندس صاف گوئي کي ڏسي ڪري ماڻھو کيس سچل يعنی سچ ڳالھائڻ وارو چوڻ لڳا، پوءِ ان جي شاعري جا شعلا ڏسي ڪري کين سرمست به چيو ويو. سندس والد جو نالو ميان صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو نالو صاحب ڏنو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس تخلص سچل، سچو ۽ سچي ڏنو آهي ۽ فارسيءَ ۾ آشڪارا آهي. سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر رضه سان ملي ٿو. ھن سنڌي کان علاوه عربي، سرائيڪي ،پنجابي ،اردو ،فارسي ۽ بلوچي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪئي جنھن سبب کيس شاعر ھفت زبان سڏيندا هئا. سچل جي سموري زندگي جذب ۽ جلال ۾ گذري. سندس حياتيءَ ۾ درگاهه تي سماع ٿيندو هو. سچل سرمست کي پنهنجي دور جو منصور ثاني سڏيو ويو آهي[1].

خاندان[سنواريو]

سچل سرمست جو خاندان حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد مان ھجڻ ڪري فاروقي سڏبو ھو[2]. حضرت عمر رضه جن کي حضرت عبدالله بن عمر رضه مان شيخ شھاب الدين فاروقي نالي پوٽو ھيو جيڪو حجاز مان لڏي عراق آيو ۽ سنڌ جي فتح وقت پلٽڻ صوبيدار جي حيثيت ۾ عرب فوج ۾ شامل ھيو ۽ سيوھڻ جو گورنر ٿيو ۽ ٻن سالن بعد ۹۵ ھ ۾ وفات ڪيائين[2]. هُن کان پوءِ هن جو پٽ شيخ محمد باقي، تنهن کان پوءِ ان جو پٽ شيخ عبدالطيف ۽ ان کان پوءِ ان جو پٽ شيخ محمد اسحاق سيوهڻ تي لڳاتار حڪومت ڪندا رهيا. اهڙيءَ طرح هن فاروقي خاندان جي سيوهڻ تي برابر سوا سؤ سال کن يعني 617 هجريءَ تائين حڪومت رهي[2]. سندن آخري حاڪم شيخ محمد بن شيخ محمد اسحاق فاروقي هو، جنهن کي سلطان محمود غزنويءَ لاهي سندس وظيفو مقرر ڪيو. شيخ محمد فاروقيءَ رمضان سنه 221 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس خاندان سيوهڻ مان خداآباد ۽ خدا آباد کان ٿرپارڪر هجرت ڪئي[2]. شيخ محمد فاروقيءَ جي اوڻيهين پيڙهيءَ ۾ ھڪ وڏو عالم مخدوم نور الدين سنڌ ۾ وڏو نالو ڪيو[2]. سندس شجرو ھيئن ھيو: مخدوم نورالدين ولد مخدوم رضي الدين ولد مخدوم عبدالعزيز ولد مخدوم محمود ولد مخدوم ابوالفتح ولد محمد اسماعيل ولد محمد يوسف ولد سليمان ولد محمد ولد ابو سعيد احمد ولد برهان الدين ولد عبدالعزيز ولد عبدالوهاب ولد عبدالمطلب ولد برهان الدين ولد احمد ولد عبدالله ولد يونس ولد شيخ محمد فاروقي[2]. مخدوم نورالدين جي پٽن مان مخدوم ميان ابو سعيد لڏي اچي راڻيپور جي لڳ ويٺو ۽ خليفي جّمار جي ذريعي شيخ بهاءَالدين زڪريا ملتانيءَ جو مريد بڻيو[2]. تنهن کان پوءِ خيرپور جي حاڪم مير سهراب خان (وفات سنه 1830ع) جي اهلڪار جي حيثيت ۾ هن خاندان جي هڪ فرد نالي ميان احمد کي سندس وفاداريءَ جي عيوض وڌيڪ زمينون عطا ٿيون[2]. مٿي ذڪر ڪيل مخدوم ابوسعيد جي نائين پيڙهيءَ ۾ خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحب ڏنو سنه 1101 هجريءَ ۾ پيدا ٿيو جيڪو سچل سرمست جو ڏاڏو هو[2] جيڪو پڻ شعر ۽ سخن جو صاحب ھو[1]. جنھن کي ٻه فرزند ميان عبدالحق پهريون (ولادت 1120 هجري ۽ ميان صلاح الدين[2].خواجه محمد حافظ 91 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1192 هجريءَ ۾ وفات ڪئي[2] سندس وڏي پٽ ميان صلاح الدين کي سنه 1152 هجري مطابق 1739ع ۾ هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو سندس پڙڏاڏي جي پٺيان ”عبدالوهاب“ رکيو ويو، پر سندس چاچو ميان عبدالحق پهريون کيس پيار وچان سچيڏنو، سچل يا سچو سڏيندو هو ۽ اڳتي هلي پاڻ ”سچل“ جي ئي نالي سان مشهور ٿيو[2].

ننڍپڻ، تعليم ۽ تربيت[سنواريو]

سچل ڇهن ورهين جو هيو، ته سندس پيءُ خواجا صلاح الدين گذاري ويو[2]. جنهن جي قبر سچل جي درڳاهه جي دروازي جي ٻاهران ساڄي هٿ طرف آهي[2]. پيءُ جي وفات کانپوءِ سچل جي پالنا سندس ڏاڏي خواجا محمد حافظ ڪئي ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس چاچي خواجا عبدالحق ڪئي[2]. جڏهن سچل ستن سالن جو هو، ته کيس شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ ڏٺو.[2]. چيائين ته:

”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو[2]!“

— شاھ عبداللطيف ڀٽائي

سچل 12 ورهين جي ڄمار ۾ حافظ عبدالله قريشي صديقيءَ وٽ قرآن شريف ياد ڪيو[2]. سچل 14 سالن جي عمر تائين سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي چاچي خواجا عبدالحق وٽ حاصل ڪئي. ھن بنيادي عربي فارسي ٻولي جي تعليم پنھنجي خاندان جي بزرگ، چاچي ۽ سھري خواجا عبدالحق کان حاصل ڪئي۔

شادي ۽ اولاد[سنواريو]

سچل سائينءَ جي شادي سندس انهيءَ ئي مرشد چاچي ميان عبدالحق جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان پُٽ به ڄائس، جنهن جو نالو نياز علي يا مؤجود علي چيو ٿو وڃي[2]. هي ڪِڪو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو.شاديءَ کان ٻن سالن کان پوءِ سندس گهر واري به گذاري ويئي ۽ تنهن کان پوءِ سڄيءَ زندگيءَ ۾ ٻي شادي نه ڪيائين[2]. اهڙيءَ طرح سندس ڪوبه اولاد زندهه ڪونه رهيو[2].


سچل جي شاعري ۾ ڏنل فڪر[سنواريو]

سچل سرمست جي پيدائش سنڌ جي روايتي مذھبي گھراڻي ۾ ٿي. پر ھنن پنھنجي شاعري ۾ پنھنجي خانداني ۽ ان وقت جي مذھبي روايتن کي ڀڃي ڪري پنھنجي محفلن ۾ ھندو مسلم جو فرق مٽائي ڇڏيو. ھن جي عقيدتمندن ۾ ڪيترائي ھندو به شامل آهن. سچل سرمست تصوف ۾ وحدت الوجود جو قائل ھو.

ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري
وحدت جنين وساري، تِن تَن مٽي اڻاسي

— سچل

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي زندگين ۾ ستر ورھن جو فاصلو آھي۔ سچل ستر سالن کانپوءِ جڏھن صوفياڻي شاعري ۾ آيو ته ان جي وجدانیت به منفرد ھئي. ھنن سان گڏ صوفي ازم جي موسيقي به سرمستي جو سفر ڪيو ۽ شاھ ڀٽائي جي ڀيٽ ۾ نرم لھجي واري فقيرن سان سچل جي فقيرن جو اندازِ يبان منفرد ۽ بيباڪ ھيو۔ سچل سرمست سنڌ جي ڪلھوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانوں جي اھڙي دورِ اقتدار ۾ زندگي گذاري، جڏھن مذھبي ڪٽرپڻو پنھنجي عروج تي ھو. ھنن پنھنجي آس پاس مذھبي نفرتن کي ڏسي ڪري سنڌي ۾ چيو:

مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا، شيخي پيري بيحد بڀلايا.

— سچل

جنھن جو سادو ترجمو هي آھي تہ مذھبن ملڪ ۾ ماڻھن کي مايوس ڪيو ۽ شيخي، پيريءَ انھن کي ڀل ۾ وجھي ڇڏيو آھي۔ سنڌ جي جاگيردارانه نظام ۽ مذهبي پيشوائيت يعني ٿياڪريسيءَ جي سنگم ۽ اتحاد کان پوءِ جا ذهني ۽ فڪري بغاوت پيدا ٿي، انهن باغين مان سچل به هڪ آهي. سچل، منصور ۽ عطار جو مداح به آهي، ۽ پوئلڳ به آهي. ’عطار‘ لاءِ ته ايتري قدر به چوي ٿو ته

عطار نه بود آن که خدا بود خدا ٻود! خير.

— سچل

سچل سائين ”هم اوست“ جي فلسفي ۾ رتل هو. اهوئي سبب هو جو پاڻ پنهنجو چڱو موچارو ڪلام پنهنجن ئي هٿن سان برباد ڪري ڇڏيائين[2]. وجد ۾ اچي ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون چئي ڇڏيندو هو، جو جڏهن انهيءَ جي وضاحت ڪرڻ لاءِ چيو ويندو هوس ته جواب ڏيندو هو[2]:

,

.... چوڻ واري چيو هوندو، اسان کي ته ڪا خبر ڪانهي!

سچل سائينءَ جو آخري زمانو ميرن جي صاحبيءَ ۾ ٿو اچي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هوندي هئي[2]. سچل جو فارسيءَ ۾ تخلص ”آشکار“ ۽ ”خدائي“ آهي. سندس فارسي ڪلام جو هڪ مجموعو ”ديوان آشکار“ آهي، مير علي مراد خان جي ڪوشش سان شايع ٿيو[2].

سچل جو لکيل ڪلام[سنواريو]

سچل جي فقيرن سندن ڪلام گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو. هن ڪتابن مان ڪيئي پاڻ ساڙائي ۽ ٻوڙائي ڇڏيا ته متان ماڻهو گمراهه ٿي شريعت کان منهن نه موڙين ۽ وڃي ڪفر۾ نه پون. سندس وفات وقت سندس ڪل بيت 936400 هئا. سچل سرمست جو ڪلام سنڌي43، اردو، عربي، فارسي ۽ سرائيڪي ۾ موجود آھي. سچل جو ڪلام عربي، فارسي، هندي، سرائيڪي، سنڌي ۽ لتاني ۾ موجود آهي. ۽ سندس ڪلام، دنيا جي وڏن وڏن شاعرن فردوسي، هومر ۽ ڪاليداس پارن جي بيتن کان به ججهو آهي. سندس ڪلام جا بيت 9 لک 36 هزار 6 سو ۽ 6 آهن! سچل پنهنجي دور جي بي روح مذهب ۽ بي مغز نظام جي خلاف بغاوت ڪئي، ورنه هو قرآن جو حافظ به هو ۽ صوم و صلواة جو پابند به هو، ۽ وحدانيت ۽ رسالت جو قائل به[3].

مزار لڳ سجاده نشين جو ٺھيل تخت

وڌيڪ فارسي ڪلام: عشق نامه (1962ع)، گداز نامه (1962)، درد نامه (1963)، تار نامه (1963ع)، رهبر نامه (19644ع)، وحدت نامه (1964ع)، وصلت نامه (1965ع)، بحر تِاويل (1966ع)، راز نامه (1968) ۽ ديوان خدائي قاضي علي اڪبر درازيءَ مرتب ڪري شايع ڪرايا[2]. سچل سائينءَ جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ٻن جلدن ۾ رسالي جي صورت ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڀاءٌ مرزا علي قلي بيگ (وفات 1912ع) 1902ع ۾ مرتب ڪيو، جنهن کي ماستر هريسنگهه سکر واري، ابوالعلى پريس آگري مان ڇپائي پڌرو ڪيو[2]. مرزا صاحب جي چوڻ مطابق سچل سائينءَ جو سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ڪلام، نوَ لک، ڇٽيهه هزار، ڇهه سؤ ڇهه (936606) شعرن تي مبني آهي[2]. مرزا صاحب جو مرتب ٿيل رسالو رڳو سنڌي بيتن ۽ سرائڪي ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. البت ٽيهه اکريون انهيءَ کان الڳ آهن[2].

درگاھ جو ٻاھريون ڏيک

سندس عقيدتمند علي اڪبر درازيءَ کيس هفت زبان شاعر سڏيو آهي، پر سچل سرمست پنجن زبانن: سنڌي، سرائڪي، هندي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، جڏهن ته ڄاڻ ستن زبانن جي رکندو هو، جنهن ۾ عربي ۽ پنجابي زبانون شامل آهن[1]. پنجاب جي ڪن محققن سچل جي سرائيڪي شاعريءَ کي پنجابي قرار ڏنو آهي[1].

سچل جا ھم عصر شاعر ۽ عقيدتمند[سنواريو]

جي همعصرن ۾ نانڪ يوسف، صديق فقير سومرو، شاهن فقير، غلام علي فقير، خليفو ڪرم الله، خليفو گل محمد هالائي، آخوند عزيز الله، صوفي دلپت ۽ ٻيا اعلى پايي جا شاعر شامل هئا[1]. سچل جي زماني ۾ مير سهراب خان سنڌ جو حڪمران هو[1]

وفات[سنواريو]

سچل سائين گهڻيءَ رياضت جي باوجود آخر عمر تائين نهايت تندرست رهيو. پڇاڙيءَ ۾ خلوت نشيني اختيار ڪري چڪو هو ۽ فرمائڻ لڳو:

”برائي سلام سرڪار دو عالم تياري مي کنم!“

— سچل

اهڙيءَ طرح آخرڪار 14 رمضان المبارڪ سنه 1442 هجريءَ (1829ع) ۾ وفات پاتائين[2]. سچل سرمست جي وفات وقت عمر 90 سال ھئي.

سچل جي مزار

پاڻ پنهنجي ڏاڏي خواجه محمد حافظ، پنهنجي مرشد چاچي خواجه عبدالحق ۽ سخي ميان قبول محمد سان گڏ هڪ ئي مقبري ۾ مدفون آهي[2]. هي مقبرو رياست خيرپور جي واليءَ مير رستم خان ٺهرايو. تنهن کان پوءِ سخي ميان قبول محمد جي ڏينهن ۾ گنبذ تي نيل ۽ چئن ئي ڪنڊن تي نيلون ۽ ڪاشيءَ جو سمورو ڪم سردار محمد بخش جي اهتمام سان ٿيو[2].

سچل جو عُرس[سنواريو]

سچل سرمست جو عُرس هر سال 13 رمضان تي شروع ٿيندو آهي.[4] ٽن ڏينھن جو عُرس دارازا شريف، راڻينپور ڀرسان شروع ٿيندو ۽ 15 رمضان تائين جاري رھندو آھي.[5] [6] هن جي شاعري تي لاڳاپيل موسيقي ڪنسَرٽِ، ادبي ميڙاڪو (ڪانفرنس)، عُرس جو حصو آهي.[7]

مزار اندر سندس قبر

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 [ https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%B3%DA%86%D9%84%20%D8%B3%D8%B1%D9%85%D8%B3%D8%AA] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 2.26 2.27 2.28 2.29 2.30 2.31 [ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Sufism/Book12/Book_page3.html] ڪتاب: سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ ؛ ليکڪ: ڊاڪٽر تنوير عباسي;ايڊيشن پھريون ،1981.
  3. سچل سرمست- غلام احمد گرامي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  4. "197th Urs of Sachal Sarmast to begin from Ramazan 13th". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-05-20. 
  5. "198th Urs celebrations of Sachal Sarmast get underway". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-05-20. 
  6. "AUQAF DEPARTMENT , GOVERNMENT OF SINDH.". sindh.gov.pk. حاصل ڪيل 2019-05-20. 
  7. Newspaper, From the. "Sachal’s Urs begins today". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-05-20.