مواد ڏانھن هلو

سچل سرمست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سچل سرمست
سچل سرمست
لقب
  • حضرت فقير
  • عطارِ سنڌ
  • منصورِ ثاني
  • شاعرِ هفت زبان
ٻيا نالاسچو سرمست، شاهه دراز، عشق جو اوتار، سلطان العارفين
ذاتی
جنم
عبدالوهاب فاروقي

ت.1739ع
وفات1827ع
درازا شريف، ٽالپر دور جو سنڌ (هاڻوڪو سنڌ، پاڪستان)
مذھباسلام[1][2]
عروجٽالپر دور
والدين
  • خواجه صلاح الدين فاروقي[3] (والد)
شاخسني[4][5]
نسبفاروقي[6]
قابل ذڪر ڪمسچل جو ڪلام، ديوانِ آشڪار، مثنوي نامه، ديوانِ خدائي، نقطهٔ تصوف[7]
ٻيا نالاسچو سرمست، شاهه دراز، عشق جو اوتار، سلطان العارفين
قلمي نالوسچل
سلسلوشاهه درازي (سلسلو، قادريه)
فلسفوتصوف
مرتبو
استادخواجه عبدالحق فاروقي[8]
مريدخواجه عبدالحق فاروقي
شاگرد
  • فقير نانڪ يوسف، محمد صالح قادري، محمد صلاح جيهو، گهرام جتوئي، بيدل[9]
اثرانداز
شروعاتشاهه درازي طريقي ۾ (قادريه جي شاخ)
وسطي خواجه عبدالحق فاروقي[10]





سچل سرمست اصل نالو "عبدالوھاب"، سنڌ جا جڳ مشھور سنڌي شاعر ۽ صوفي بزرگ ھئا. سچل سرمست جي پيدائش 1739ع ۾ اڳوڻي خيرپور رياست جي ننڍي ڳوٺ درازا ۾ ھڪ مذھبي گهراڻي ۾ ٿي. ان جو اصل نالو ته عبدالوھاب ھيو، پر سندس صاف گوئي کي ڏسي ڪري ماڻھو کيس سچل يعنی سچ ڳالھائڻ وارو چوڻ لڳا، پوءِ ان جي شاعري جا شعلا ڏسي ڪري کين سرمست به چيو ويو. سندس والد جو نالو ميان صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو نالو صاحب ڏنو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس تخلص سچل، سچو ۽ سچي ڏنو آهي ۽ فارسيءَ ۾ آشڪارا آهي. سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر رضي الله عنه سان ملي ٿو. ھن سنڌي کان علاوه عربي، سرائيڪي ،پنجابي، اردو، فارسي ۽ بلوچي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪئي جنھن سبب کيس شاعر ھفت زبان سڏيندا هئا. سچل جي سموري زندگي جذب ۽ جلال ۾ گذري. سندس حياتيءَ ۾ درگاهه تي سماع ٿيندو هو. سچل سرمست کي پنهنجي دور جو منصور ثاني سڏيو ويو آهي.[11]

خاندان

[سنواريو]

سچل سرمست جو خاندان حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد مان ھجڻ ڪري فاروقي سڏبو ھو[12]. حضرت عمر رضه جن کي حضرت عبدالله بن عمر رضه مان شيخ شھاب الدين فاروقي نالي پوٽو ھيو جيڪو حجاز مان لڏي عراق آيو ۽ سنڌ جي فتح وقت پلٽڻ صوبيدار جي حيثيت ۾ عرب فوج ۾ شامل ھيو ۽ سيوھڻ جو گورنر ٿيو ۽ ٻن سالن بعد 95ھ ۾ وفات ڪيائين[12]. هُن کان پوءِ هن جو پٽ شيخ محمد باقي، تنهن کان پوءِ ان جو پٽ شيخ عبدالطيف ۽ ان کان پوءِ ان جو پٽ شيخ محمد اسحاق سيوهڻ تي لڳاتار حڪومت ڪندا رهيا. اهڙيءَ طرح هن فاروقي خاندان جي سيوهڻ تي برابر سوا سؤ سال کن يعني 617 هجريءَ تائين حڪومت رهي[12]. سندن آخري حاڪم شيخ محمد بن شيخ محمد اسحاق فاروقي هو، جنهن کي سلطان محمود غزنويءَ لاهي سندس وظيفو مقرر ڪيو. شيخ محمد فاروقيءَ رمضان سنه 221 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس خاندان سيوهڻ مان خداآباد ۽ خدا آباد کان ٿرپارڪر هجرت ڪئي[12]. شيخ محمد فاروقيءَ جي اوڻيهين پيڙهيءَ ۾ ھڪ وڏو عالم مخدوم نور الدين سنڌ ۾ وڏو نالو ڪيو[12]. سندس شجرو ھيئن ھيو: مخدوم نورالدين ولد مخدوم رضي الدين ولد مخدوم عبدالعزيز ولد مخدوم محمود ولد مخدوم ابوالفتح ولد محمد اسماعيل ولد محمد يوسف ولد سليمان ولد محمد ولد ابو سعيد احمد ولد برهان الدين ولد عبدالعزيز ولد عبدالوهاب ولد عبدالمطلب ولد برهان الدين ولد احمد ولد عبدالله ولد يونس ولد شيخ محمد فاروقي[12]. مخدوم نورالدين جي پٽن مان مخدوم ميان ابو سعيد لڏي اچي راڻيپور جي لڳ ويٺو ۽ خليفي جّمار جي ذريعي شيخ بهاءَالدين زڪريا ملتانيءَ جو مريد بڻيو[12]. تنهن کان پوءِ خيرپور جي حاڪم مير سهراب خان (وفات سنه 1830ع) جي اهلڪار جي حيثيت ۾ هن خاندان جي هڪ فرد نالي ميان احمد کي سندس وفاداريءَ جي عيوض وڌيڪ زمينون عطا ٿيون[12]. مٿي ذڪر ڪيل مخدوم ابوسعيد جي نائين پيڙهيءَ ۾ خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحب ڏنو سنه 1101 هجريءَ ۾ پيدا ٿيو جيڪو سچل سرمست جو ڏاڏو هو[12] جيڪو پڻ شعر ۽ سخن جو صاحب ھو[11]. جنھن کي ٻه فرزند ميان عبدالحق پهريون (ولادت 1120 هجري ۽ ميان صلاح الدين[12].خواجه محمد حافظ 91 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1192 هجريءَ ۾ وفات ڪئي[12] سندس وڏي پٽ ميان صلاح الدين کي سنه 1152 هجري مطابق 1739ع ۾ هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو سندس پڙڏاڏي جي پٺيان ”عبدالوهاب“ رکيو ويو، پر سندس چاچو ميان عبدالحق پهريون کيس پيار وچان سچيڏنو، سچل يا سچو سڏيندو هو ۽ اڳتي هلي پاڻ ”سچل“ جي ئي نالي سان مشهور ٿيو[12].

ننڍپڻ، تعليم ۽ تربيت

[سنواريو]

سچل ڇهن ورهين جو هيو، ته سندس پيءُ خواجا صلاح الدين گذاري ويو[12]. جنهن جي قبر سچل جي درڳاهه جي دروازي جي ٻاهران ساڄي هٿ طرف آهي[12]. پيءُ جي وفات کانپوءِ سچل جي پالنا سندس ڏاڏي خواجا محمد حافظ ڪئي ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس چاچي خواجا عبدالحق ڪئي[12]. جڏهن سچل ستن سالن جو هو، ته کيس شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ ڏٺو.[12]. چيائين ته:

”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو[12]!“

شاھ عبداللطيف ڀٽائي

سچل 12 ورهين جي ڄمار ۾ حافظ عبدالله قريشي صديقيءَ وٽ قرآن شريف ياد ڪيو[12]. سچل 14 سالن جي عمر تائين سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي چاچي خواجا عبدالحق وٽ حاصل ڪئي. ھن بنيادي عربي فارسي ٻولي جي تعليم پنھنجي خاندان جي بزرگ، چاچي ۽ سھري خواجا عبدالحق کان حاصل ڪئي۔

شادي ۽ اولاد

[سنواريو]

سچل سائينءَ جي شادي سندس انهيءَ ئي مرشد چاچي ميان عبدالحق جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان پُٽ به ڄائس، جنهن جو نالو نياز علي يا مؤجود علي چيو ٿو وڃي[12]. هي ڪِڪو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو.شاديءَ کان ٻن سالن کان پوءِ سندس گهر واري به گذاري ويئي ۽ تنهن کان پوءِ سڄيءَ زندگيءَ ۾ ٻي شادي نه ڪيائين[12]. اهڙيءَ طرح سندس ڪوبه اولاد زندهه ڪونه رهيو[12].


سچل جي شاعري ۾ ڏنل فڪر

[سنواريو]

سچل سرمست جي پيدائش سنڌ جي روايتي مذھبي گھراڻي ۾ ٿي. پر ھنن پنھنجي شاعري ۾ پنھنجي خانداني ۽ ان وقت جي مذھبي روايتن کي ڀڃي ڪري پنھنجي محفلن ۾ ھندو مسلم جو فرق مٽائي ڇڏيو. ھن جي عقيدتمندن ۾ ڪيترائي ھندو به شامل آهن. سچل سرمست تصوف ۾ وحدت الوجود جو قائل ھو.

ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري
وحدت جنين وساري، تِن تَن مٽي اڻاسي

سچل

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي زندگين ۾ ستر ورھن جو فاصلو آھي۔ سچل ستر سالن کانپوءِ جڏھن صوفياڻي شاعري ۾ آيو ته ان جي وجدانیت به منفرد ھئي. ھنن سان گڏ صوفي ازم جي موسيقي به سرمستي جو سفر ڪيو ۽ شاھ ڀٽائي جي ڀيٽ ۾ نرم لھجي واري فقيرن سان سچل جي فقيرن جو اندازِ يبان منفرد ۽ بيباڪ ھيو۔ سچل سرمست سنڌ جي ڪلھوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانوں جي اھڙي دورِ اقتدار ۾ زندگي گذاري، جڏھن مذھبي ڪٽرپڻو پنھنجي عروج تي ھو. ھنن پنھنجي آس پاس مذھبي نفرتن کي ڏسي ڪري سنڌي ۾ چيو:

مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا، شيخي پيري بيحد بڀلايا.

سچل

جنھن جو سادو ترجمو هي آھي تہ مذھبن ملڪ ۾ ماڻھن کي مايوس ڪيو ۽ شيخي، پيريءَ انھن کي ڀل ۾ وجھي ڇڏيو آھي۔ سنڌ جي جاگيردارانه نظام ۽ مذهبي پيشوائيت يعني ٿياڪريسيءَ جي سنگم ۽ اتحاد کان پوءِ جا ذهني ۽ فڪري بغاوت پيدا ٿي، انهن باغين مان سچل به هڪ آهي. سچل، منصور ۽ عطار جو مداح به آهي، ۽ پوئلڳ به آهي. ’عطار‘ لاءِ ته ايتري قدر به چوي ٿو ته

عطار نه بود آن که خدا بود خدا ٻود! خير.

سچل

سچل سائين ”هم اوست“ جي فلسفي ۾ رتل هو. اهوئي سبب هو جو پاڻ پنهنجو چڱو موچارو ڪلام پنهنجن ئي هٿن سان برباد ڪري ڇڏيائين[12]. وجد ۾ اچي ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون چئي ڇڏيندو هو، جو جڏهن انهيءَ جي وضاحت ڪرڻ لاءِ چيو ويندو هوس ته جواب ڏيندو هو[12]:

,

.... چوڻ واري چيو هوندو، اسان کي ته ڪا خبر ڪانهي!

سچل سائينءَ جو آخري زمانو ميرن جي صاحبيءَ ۾ ٿو اچي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هوندي هئي[12]. سچل جو فارسيءَ ۾ تخلص ”آشکار“ ۽ ”خدائي“ آهي. سندس فارسي ڪلام جو هڪ مجموعو ”ديوان آشکار“ آهي، مير علي مراد خان جي ڪوشش سان شايع ٿيو[12].

سچل جو لکيل ڪلام

[سنواريو]
سچل سرمست جي درگاھ تي صوفياڻي ڪلام تي ڌمال
سچل سرمست جي درگاھ تي صوفياڻي ڪلام تي ڌمال

سچل جي فقيرن سندن ڪلام گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو. هن ڪتابن مان ڪيئي پاڻ ساڙائي ۽ ٻوڙائي ڇڏيا ته متان ماڻهو گمراهه ٿي شريعت کان منهن نه موڙين ۽ وڃي ڪفر۾ نه پون. سندس وفات وقت سندس ڪل بيت 936400 هئا. سچل سرمست جو ڪلام سنڌي43، اردو، عربي، فارسي ۽ سرائيڪي ۾ موجود آھي. سچل جو ڪلام عربي، فارسي، هندي، سرائيڪي، سنڌي ۽ لتاني ۾ موجود آهي. ۽ سندس ڪلام، دنيا جي وڏن وڏن شاعرن فردوسي، هومر ۽ ڪاليداس پارن جي بيتن کان به ججهو آهي. سندس ڪلام جا بيت 9 لک 36 هزار 6 سو ۽ 6 آهن! سچل پنهنجي دور جي بي روح مذهب ۽ بي مغز نظام جي خلاف بغاوت ڪئي، ورنه هو قرآن جو حافظ به هو ۽ صوم و صلواة جو پابند به هو، ۽ وحدانيت ۽ رسالت جو قائل به[13].

مزار لڳ سجاده نشين جو ٺھيل تخت

وڌيڪ فارسي ڪلام: عشق نامه (1962ع)، گداز نامه (1962)، درد نامه (1963)، تار نامه (1963ع)، رهبر نامه (19644ع)، وحدت نامه (1964ع)، وصلت نامه (1965ع)، بحر تِاويل (1966ع)، راز نامه (1968) ۽ ديوان خدائي قاضي علي اڪبر درازيءَ مرتب ڪري شايع ڪرايا[12]. سچل سائينءَ جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ٻن جلدن ۾ رسالي جي صورت ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڀاءٌ مرزا علي قلي بيگ (وفات 1912ع) 1902ع ۾ مرتب ڪيو، جنهن کي ماستر هريسنگهه سکر واري، ابوالعلى پريس آگري مان ڇپائي پڌرو ڪيو[12]. مرزا صاحب جي چوڻ مطابق سچل سائينءَ جو سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ڪلام، نوَ لک، ڇٽيهه هزار، ڇهه سؤ ڇهه (936606) شعرن تي مبني آهي[12]. مرزا صاحب جو مرتب ٿيل رسالو رڳو سنڌي بيتن ۽ سرائڪي ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. البت ٽيهه اکريون انهيءَ کان الڳ آهن[12].

درگاھ جو ٻاھريون ڏيک

سندس عقيدتمند علي اڪبر درازيءَ کيس هفت زبان شاعر سڏيو آهي، پر سچل سرمست پنجن زبانن: سنڌي، سرائڪي، هندي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، جڏهن ته ڄاڻ ستن زبانن جي رکندو هو، جنهن ۾ عربي ۽ پنجابي زبانون شامل آهن[11]. پنجاب جي ڪن محققن سچل جي سرائيڪي شاعريءَ کي پنجابي قرار ڏنو آهي[11].

سچل جا ھم عصر شاعر ۽ عقيدتمند

[سنواريو]

جي همعصرن ۾ نانڪ يوسف، صديق فقير سومرو، شاهن فقير، غلام علي فقير، خليفو ڪرم الله، خليفو گل محمد هالائي، آخوند عزيز الله، صوفي دلپت ۽ ٻيا اعلى پايي جا شاعر شامل هئا[11]. سچل جي زماني ۾ مير سهراب خان سنڌ جو حڪمران هو[11]

وفات

[سنواريو]

سچل سائين گهڻيءَ رياضت جي باوجود آخر عمر تائين نهايت تندرست رهيو. پڇاڙيءَ ۾ خلوت نشيني اختيار ڪري چڪو هو ۽ فرمائڻ لڳو:

”برائي سلام سرڪار دو عالم تياري مي کنم!“

سچل

اهڙيءَ طرح آخرڪار 14 رمضان المبارڪ سن1242 هجريءَ (1829ع) ۾ وفات پاتائين[12]. سچل سرمست جي وفات وقت عمر 90 سال ھئي.

سچل جي مزار

پاڻ پنهنجي ڏاڏي خواجه محمد حافظ، پنهنجي مرشد چاچي خواجه عبدالحق ۽ سخي ميان قبول محمد سان گڏ هڪ ئي مقبري ۾ مدفون آهي[12]. هي مقبرو رياست خيرپور جي واليءَ مير رستم خان ٺهرايو. تنهن کان پوءِ سخي ميان قبول محمد جي ڏينهن ۾ گنبذ تي نيل ۽ چئن ئي ڪنڊن تي نيلون ۽ ڪاشيءَ جو سمورو ڪم سردار محمد بخش جي اهتمام سان ٿيو[12].

عرس ۽ ثقافتي سرگرميون

[سنواريو]
مزار اندر سچل سرمست جي قبر

سچل سرمست جو عرس هر سال درازا شريف، راڻيپور ڀرسان، 13 رمضان کان شروع ٿيندو آهي ۽ عام طور ٽن ڏينهن تائين جاري رهي 15 رمضان تي پڄاڻيءَ تي پهچندو آهي.[14][15][16]

عرس دوران مذهبي رسمن سان گڏ صوفياڻو راڳ، سچل سرمست جو ڪلام، ادبي ميڙاڪا ۽ ڪانفرنسون، ڪتابن ۽ سووينئرن جون نمائشون ۽ ٻيون ثقافتي سرگرميون منعقد ڪيون وينديون آهن.[17] 2018ع جي عرس جي افتتاح وقت تقريبن جي شروعات سچل سرمست جو ڪلام ڳائڻ سان ڪئي وئي، جڏهن ته درگاهه جي سجاده نشين ۽ سرڪاري عملدارن پڻ رسمن ۾ شرڪت ڪئي.[18]

عرس جي انتظامن ۾ ضلعي انتظاميا، اوقاف کاتو ۽ سچل يادگار ڪميٽي پڻ حصو وٺندا آهن. 2022ع ۾ عرس کان اڳ ضلعي انتظاميا جي هڪ اجلاس ۾ زائرين لاءِ انتظامن سان گڏ سچل سرمست بابت سووينئر ۽ ڪتاب ڇپائي نمائش لاءِ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.[19]

2020ع ۾ ڪوويڊ-19 عالمي وبا دوران عرس جون ڪجهه علمي ۽ ادبي سرگرميون آن لائين منعقد ڪيون ويون، جن ۾ پاڪستان سان گڏ برطانيا، هنگري، ڪئناڊا، بحرين، عمان، سويڊن، اٽلي، نيدرلينڊز، جرمني ۽ فنلينڊ مان پڻ شرڪت ڪئي وئي.[20]

سچل سرمست جو عرس جديد دور ۾ پڻ وڏي پيماني تي ملهايو وڃي ٿو. مارچ 2024ع ۾ سندس 203هون عرس درازا شريف ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت، درگاهه جي گادي نشين ۽ وڏي تعداد ۾ عقيدتمندن شرڪت ڪئي.[21] مارچ 2025ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سچل سرمست جي 204هين عرس جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جو افتتاح ڪيو.[22]


ادبي ورثو ۽ تحقيق

[سنواريو]

سچل سرمست جي شاعري ۽ فڪر تي سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان ادبي ۽ علمي تحقيق ٿيندي رهي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبريريءَ ۾ سچل سرمست بابت سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن، مقالن، تحقيقي مضمونن ۽ رسالن جو هڪ وڏو ببليوگرافيائي ذخيرو درج ٿيل آهي. ان فهرست ۾ سچل جي وحدت الوجود واري فڪر، سندس سنڌي ۽ سرائيڪي شاعري، ڪلام جي صنفن، ٻوليءَ، علامتي اظهار، تاريخي دور ۽ ديوان آشڪار سميت فارسي تصنيفن تي ٿيل تحقيق شامل آهي.[23]

سچل سرمست بابت هڪ اهم تحقيقي ڪتاب سچل سارو سچ آهي، جيڪو تنوير عباسي مرتب ڪيو ۽ سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور 1986ع ۾ شايع ڪيو. هن مجموعي ۾ سچل جي شاعري، فلسفي، تاريخي دور، ادبي ماحول، سرائيڪي شاعري، ڪلام جي مختلف سنڌي لهجن، وحدت الوجود، خوديءَ جي تصور ۽ سندس ادبي صنفن بابت مختلف عالمن جا مقالا شامل ڪيا ويا.[24][25]

سچل سرمست جي فڪر ۽ شاعريءَ کي عالمي پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ پڻ تحقيقي ڪم ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ وٽ موجود هڪ انگريزي مجموعي ۾ سچل بابت انيميري شمل، ڪرسٽافر شيڪل، ڄيٺمل پرسرام، ٽي. ايل. واسواڻي، گرديال ملڪ ۽ ايل. ايڇ. اجواڻي جهڙن ليکڪن ۽ محققن جا مضمون شامل آهن.[26]

”شاعر هفت زبان“ بابت اختلاف

[سنواريو]

سچل سرمست کي روايتي طور ”شاعرِ هفت زبان“ سڏيو ويو آهي ۽ سندس نالي سان سنڌي، سرائيڪي، فارسي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري منسوب ڪئي ويندي رهي آهي. تنهن هوندي به، جديد محققن ۾ هن لقب جي لفظي معنيٰ بابت اختلاف موجود آهي. 2020ع ۾ سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي ٿيل هڪ علمي نشست ۾ محقق جامي چانڊيو چيو ته سچل جي تصديق ٿيل شاعري سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ ملي ٿي ۽ کيس ستن ٻولين جو شاعر قرار ڏيڻ واري روايتي دعويٰ کي احتياط سان ڏسڻ گهرجي.[27] ٻئي پاسي سچل بابت پراڻي ببليوگرافي ۽ ادبي مواد ۾ ”شاعر هفت زبان“ جو لقب وڏي پيماني تي استعمال ٿيل ملي ٿو.[28] ان ڪري سچل جي ٻولين جي صحيح تعداد بابت روايتي روايت ۽ جديد تحقيقي راءِ کي الڳ الڳ بيان ڪرڻ وڌيڪ مناسب آهي.

درگاهه ۽ اڏاوتي اهميت

[سنواريو]

سچل سرمست جي درگاهه درازا شريف ۾، خيرپور شهر کان لڳ ڀڳ 40 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه طرف واقع آهي. سنڌ جي ورثي بابت قائم ڊيٽابيس موجب درگاهه نيشنل هاءِ وي اين-5 ۽ گمبٽ–راڻيپور روڊ جي ويجهو واقع آهي ۽ سنڌ جي اهم صوفي زيارتگاهن مان هڪ آهي.[29]

درگاهه نه رڳو مذهبي زيارت جو هنڌ آهي، پر سچل جي شاعري، موسيقي ۽ سنڌي صوفي ثقافت سان لاڳاپيل سالياني سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي. 2016ع ۾ سنڌ حڪومت درگاهه جي بحالي ۽ توسيع سان لاڳاپيل مختلف منصوبن لاءِ 77.65 ملين رپيا مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ۽ ان موقعي تي درگاهه جي ترقياتي ڪمن جو بنياد پڻ رکيو ويو.[30]

سچل بابت ادبي يادگار ۽ ببليوگرافي

[سنواريو]

سچل سرمست تي ڇپيل مواد جي مقدار ايتري وڏي آهي جو سندس شخصيت ۽ ڪلام بابت الڳ ببليوگرافيون ترتيب ڏنيون ويون آهن. محمد علي حداد جو سچل سرمست تي ببليوگرافي هن موضوع تي ڪتابن، مقالن، رسالن، اخبارن ۽ ٻين اشاعتي مواد کي گڏ ڪري ٿو. سنڌي ادبي بورڊ جي محفوظ ڪيل فهرستن ۾ سچل بابت سوانح، شاعري، تصوف، وحدت الوجود، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام، ديوان آشڪار ۽ درگاهه سميت ڪيترن ئي موضوعن تي لکيل مواد درج آهي.[31]

سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ ببليوگرافي مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته سچل تي تحقيق رڳو سندس سوانح تائين محدود نه رهي آهي؛ محققن سندس قومي شاعري، امن جي پيغام، وحدت، انساني عظمت، فلسفهٔ غم، خودي، علامتن، شاعراڻين صنفن ۽ مختلف سنڌي لهجن جي استعمال تي پڻ مستقل اڀياس ڪيا آهن.[32]

تصويرون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Study Of Mysticism In Darazi School Of Sufi Thought. 2009.
  2. سچل سرمست جي گهڙولي - حزب اللہ آءِ سومرو | سنڌسلامت ڪتاب گهر. سنڌ سلامت ڪتاب گهر.
  3. Study Of Mysticism In Darazi School Of Sufi Thought. 2009.
  4. Study Of Mysticism In Darazi School Of Sufi Thought. 2009.
  5. سچل سرمست جي گهڙولي - حزب اللہ آءِ سومرو | سنڌسلامت ڪتاب گهر. سنڌ سلامت ڪتاب گهر.
  6. Study Of Mysticism In Darazi School Of Sufi Thought. 2009.
  7. Study Of Mysticism In Darazi School Of Sufi Thought. 2009.
  8. Study Of Mysticism In Darazi School Of Sufi Thought. 2009.
  9. Study Of Mysticism In Darazi School Of Sufi Thought. 2009.
  10. Study Of Mysticism In Darazi School Of Sufi Thought. 2009.
  11. 1 2 3 4 5 6 [ https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%B3%DA%86%D9%84%20%D8%B3%D8%B1%D9%85%D8%B3%D8%AA آرڪائيو ڪيا ويا 2020-07-19 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
  12. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 [ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Sufism/Book12/Book_page3.html آرڪائيو ڪيا ويا 2022-08-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.] ڪتاب: سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ ؛ ليکڪ: ڊاڪٽر تنوير عباسي;ايڊيشن پھريون ،1981.
  13. سچل سرمست- غلام احمد گرامي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  14. "197th Urs of Sachal Sarmast to begin from Ramazan 13th". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-05-23. 2019-05-20 تي حاصل ڪيل.
  15. "198th Urs celebrations of Sachal Sarmast get underway". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-05-19. 2019-05-20 تي حاصل ڪيل.
  16. "AUQAF DEPARTMENT, GOVERNMENT OF SINDH". sindh.gov.pk. 2019-05-20 تي حاصل ڪيل.
  17. Newspaper, From the (2013-07-23). "Sachal's Urs begins today". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-05-20 تي حاصل ڪيل.
  18. "Urs celebrations of Sachal Sarmast get under way". Dawn. 31 May 2018. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  19. "Arrangements for Sachal Sarmast urs reviewed". Dawn. 8 April 2022. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  20. "Sachal Sarmast urs observed online". Dawn. 10 May 2020. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  21. "203rd urs of Sachal gets under way in Daraza Sharif". Dawn. 26 March 2024. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  22. "CM inaugurates Sachal urs celebrations". Dawn. 15 March 2025. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  23. "سچل سرمست تي ببليو گرافي". سنڌي ادبي بورڊ آن لائين لائبريري. سنڌي ادبي بورڊ. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  24. "سچل سارو سچ". سنڌي ادبي بورڊ آن لائين لائبريري. سنڌي ادبي بورڊ. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  25. "سچل سارو سچ: ببليوگرافي ۽ تحقيقي مواد". سنڌي ادبي بورڊ آن لائين لائبريري. سنڌي ادبي بورڊ. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  26. "سچل سرمست بابت انگريزي تحقيقي مقالا". سنڌي ادبي بورڊ آن لائين لائبريري. سنڌي ادبي بورڊ. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  27. "Sachal Sarmast urs observed online". Dawn. 10 May 2020. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  28. "سچل سرمست تي ببليو گرافي". سنڌي ادبي بورڊ آن لائين لائبريري. سنڌي ادبي بورڊ. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  29. "Shrine of Sachal Sarmast, Khairpur". Heritage of Sindh. Endowment Fund Trust for Preservation of the Heritage of Sindh. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  30. "Qaim inaugurates three-day Sachal Sarmast Urs celebrations". Dawn. 21 June 2016. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  31. "سچل سرمست تي ببليو گرافي". سنڌي ادبي بورڊ آن لائين لائبريري. سنڌي ادبي بورڊ. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.
  32. "سچل سرمست بابت تحقيقي مواد جي فهرست". سنڌي ادبي بورڊ آن لائين لائبريري. سنڌي ادبي بورڊ. 18 August 2026 تي حاصل ڪيل.