ڪل قومي پيداوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
آمريڪي ڊلر جي حساب سان دنيا جي جي. ڊي. پي (نالي ۾): عالمي بينڪ

ڪل قومي پيداوار (انگريزي: Gross domestic product، مخفف: GDP)، هڪ مخصوص وقت ۾ پيدا ٿيل مڪمل جنسن جي ڪل بازاري قدر (انگريزي: Market Value) کي چيو ويندو آهي. اڪثر اهو وقت، سال، ڇهه مهينن يا ٽن مهينن تي مشتمل هوندو آهي. نالي ۾ ڪل قومي پيداوار جو استعمال اڪثر ملڪن يا علائقن جي اقتصادي ترقي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، ان جي مدد سان ملڪن جي ترقي جي ڀيٽ ڪئي ويندي آهي.

جيتوڻڪ نالي ۾ جي ڊي پي في ماڻهو جي مدد سان ڪنهن ملڪ ۾ رهائش جي خرچ ۽ افراط زر جي وچ ۾ فرق ٻڌائڻ مشڪل هوندو آهي، ان لاءِ عام طور جي ڊي پي قوت خريد في ماڻهو جي مدد سان، قومن جي معيار زندگي جي باري ۾ اندازو لڳايو ويندو آهي.

حوالا[سنواريو]