مواد ڏانھن هلو

چولستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چولستان ريگستان
صحرائے چولستان (اردو)
چولستان روهي (ریاستي)
Cholistan Desert

دڙاوڙ قلعو انهن قلعن جو بهترين بچيل مثال آهي، جيڪي ريگستاني قافلن جي رستن جي حفاظت ڪندا هئا.
جاگرافي
مقام بهاولپور ڊويزن، پنجاب، پاڪستان.
پاڪستان
رياستون پنجاب
خطا بهاولپور ڊويزن
ضلعو بهاولپور
حدون پاڪستان، انڊيا
متناسق 28°30′N 70°00′E / 28.5°N 70°E / 28.5; 70

چولستان (انگریزی:Cholistan Desert؛ اردو:صحرائے چولستان؛ مقامی بولی:چولستان روہی) ھڪ رڻ پٽ جو نالو جيڪو پاڪستان جي صوبي پنجاب جي شھر بھاولپور کان 19 ميل يا 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي ۽ انجي پکيڙ 16000 چورس ڪلوميٽر يا 6200 چورس ميل آهي. اھو ٿر رڻ پٽ سان سنڌ ۽ انڊيا جي پاسن کان ملي ٿو. ھتي جي موسم گرم ۽ خشڪ ھوندي آھي برسات تمام گھٽ پوي ٿي.

ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريل چولستان رڻ پٽ

چولستان (اردو: صحرائے چولستان؛ پنجابي: چولستان روہی)، مقامي طور تي "روهي" جي نالي سان پڻ مشهور آهي، هڪ ريگستان آهي جيڪو پنجاب، پاڪستان جي ڏاکڻي حصي ۾ واقع آهي،[1] جيڪو ريگستان جي وڏي ٿر جو حصو آهي، جيڪو هندستان جي رياست راجھسٿان کان پاڪستان جي صوبي سنڌ تائين پکڙيل آهي.[2] ان جي پکيڙ 16,000 چورس ڪلوميٽر يا 6,200 چورس ميل آهي. هي پنجاب جي ٻن وڏن ريگستانن مان هڪ آهي، ٻيو ٿل ريگستان آهي.[3] ھتي جي موسم گرم ۽ خشڪ ھوندي آھي برسات تمام گھٽ پوي ٿي.

نالو ترڪيءَ جي لفظ "چول" مان ورتل آهي،[4] جنهن جي معنيٰ آهي ”رَٽ“ ۽ "استان"، فارسيءَ جو لاڳاپو معنيٰ ”سرزمين“.[5] چولستان قافلو واپار جو مرڪز هو، جنهن جي ڪري وچئين دور ۾ واپاري رستن جي حفاظت لاءِ ڪيترائي قلعا تعمير ڪرايا، جن مان دڙاوڙ قلعو بهترين محفوظ مثال آهي.[6]

رھڻي ڪھڻي

[سنواريو]

پاڻي ۽ چاري جي قلت جي ڪري ھتان جا ماڻھو نيم خانہ بدوش زندگي گذاريندڙ آهن. ھتي چوپايو مال جنھن ۾ رڍون، ٻڪريون، اٺ وغيره ماڻھن جي زندگيءَ جو حصو آھن، جن کي گھرن ۽ واڙن ۾ ماڻھو پاليندا آھن. اجڙي ويل ھاڪڙي درياء جو خشڪ پيٽ بہ ھتان گزري پيو جيڪو قديم دور ۾ ھن ڌرتيءَ کي سيراب ڪندو هو مقامي ماڻھو ان کي ھاڪڙو درياء چوندا ھيا. ھتي ماڻھو جي زندگي ڏاڍي مشڪل حالتن ۾ گذرندي آهي. عورتون پاڻي تمام ڊگھو پنڌ ڪري مٽن ۾ ڀري اينديون آهن. ھتي جي ماڻھن جي ڪرت عام طور تي مال چارڻ آهي ۽ عورتون گھرن ۾ سئيءَ جو پورھيو ڪنديون آهن. ذات کان ٻاھر شادي ڪرڻ جو رواج بہ تمام گھٽ اٿن ۽ شادي جو سمورو خرچ گھوٽيتا ڪندا آهن. ھتي سالياني جيپن جي ريلي پڻ ٿيندي آهي، جيڪو پاڪستان ۾ موٽر اسپورٽس جو وڏو مقابلو ھوندو آھي.

نالو

[سنواريو]

چولستان ترڪي زبان جي لفظن چول(chol: مٽي) ء استان (istan:جاء) مان نڪتل آهي، جنھن جي معني رڻ پٽ آھي.

آبادي

[سنواريو]

ھتي جي ماڻھن جي مادري ٻولي سرائيڪي آهي ۽ مختلف قبيلن جا ماڻهو ھتي رهن ٿا. سڀ کان گھڻي آبادي "مھر" ذات وارن جي آھي ۽ ٻئين نمبر تي "ڀٽي" آھن.

جھنگلي جيوت

[سنواريو]

گرمين ۾ نانگ عام جانور آهي جنھن جا خطرناڪ قسم ھتي ملندا آهن. مقامي ماڻهو انھن کي پڪڙي شھرن ۾ کڻي ماڻھن کي ڏيکاري پيسا ڪمائيندا آھن. ھتي ھرڻ، تلور، تیتر ء ٻٽيرو بہ ڪثرت سان ملن ٿا.

قلعا ۽ ڪوٽ

[سنواريو]

ھتي پراڻن قلعن جا آثار پڻ آھن. فورٽ عباس جي ويجھو واقع قلعي کی "ڦولڙا وارو ڦٽل قلعو" چون ٿا تہ ڪنھن "ڦول ڪماري" ٺھرايو ھو. ھن رڻ پٽ ۾ ٻيا موجود قلعن ۾ دڙاوڙ قلعو، موج ڳڙھ قلعو ء وولر قلعو شامل آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. (en ۾) Journal of Asian Civilisations. Taxila Institute of Asian Civilisations. 2002. https://books.google.com/books?id=FTtWAAAAYAAJ&q=cholistan+chol+etymology. 
  2. Khan, M. Ajmal; Weber, Darrell J. (2006-05-16) (en ۾). Ecophysiology of High Salinity Tolerant Plants. Springer Science & Business Media. ISBN 978-1-4020-4018-4. https://books.google.com/books?id=5SlrbUaec0gC&q=cholistan&pg=PA31. 
  3. Nadiem, Ihsan H. (2005) (en ۾). Punjab: land, history, people. al-Faisal Nashran. ISBN 978-969-503-283-1. https://books.google.com/books?id=pyFuAAAAMAAJ&q=cholistan+thal+two. 
  4. (en ۾) Journal of Asian Civilisations. Taxila Institute of Asian Civilisations. 2002. https://books.google.com/books?id=FTtWAAAAYAAJ&q=cholistan+chol+etymology. 
  5. "What's in a Name? Or -Stan by Your Land". Slate Magazine. حاصل ڪيل 2020-04-21. 
  6. "Derawar and the Desert Forts of Cholistan". UNESCO World Heritage Centre. حاصل ڪيل 2020-04-20.