ڪاٺ ڪٺو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪاٺ ڪٺو

ڪاٺَ ڪُٽو (انگريزي ٻولي: Woodpecker) (نالا: ع. سوداني، ف. دارڪو، ھ. ڪاٺ ڦوڙا، دارحڪ ۽ برو سارج.) ڳيري جي قد جو چٽڪمرو سهڻو ڪلنگي دار پکي ٿئي ٿو. گهڻو ڪري پنهنجي چهنب وڻن کي ويٺو هڻندو آهي. ھن کي سُٽاڙيو بہ چوندا آھن. ھن جي بدن تي پَٽا پَٽا، مٿو ڳاڙهسرو ۽ چوٽيءَ تي ڪلنگي ٿيندي آهيس. اُن جي چُهنب ڊگهيري ۽ مضبوط ٿيندي آهي، جنهن سان وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين کي کوٽي ٽنگ ڪندو آهي، هن کي ”هُدَ هُدَ“ بہ چئبو آهي.[1][2]

طب[سنواريو]

هن جو گوشت قوت باھ کي وڌائي، منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، سنڌن جي سور ۽ عرق النسا لاءِ مفيد آهي. رت ۽ پتو ان جو ملائي آلت تي ليپ ڪجي تہ آلت کي تقويت رسي ۽ طرفين کي لذت اچي ٿي. وٺ ۽ چرٻي اُن جي وار چري ۽ ڦٽن ڦرڙين لاءِ مرهم جو ڪم ڏئي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف؛ رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
  2. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Sep/20-09-2016/Page5/P5-11.htm. حاصل ڪيل 2020-03-18.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.