سڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سِڻي عام اوڀڙ آهي جو هتي اڪثر باغن ۾ نه پوکيندا آهن، پر ٻنين ۾ پاسن کان پوکيندا آهن. مگر هن جا گل تمام سهڻا ۽خوشبودار ٿيندا آهن. هن جي ٿڙ وارين ڏانڊين جي کلن مان تارون ۽ تندون نڪرنديون آهن، جن مان رسا جوڙيندا آهن. ولايتي سڻيءَ مان ڪپڙو به ٺاهيندا آهن. فارسيءَ ۾ ان کي ڪَتان چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ فلاڪس. پيلن گلن واريءَ سڻيءَ جو نالو آهي ڪروٽليريا ۽ راٽل و رٽ. سيپٽمبر ۽ نومبر جي وچ ۾ سڻي پوکي سگهجي ٿي.[1] سڻيءَ جو هڪڙو قسم آهي، جو وڏا کليل ۽ چمڪندڙ قرمزي رنگ جا گل ڪندو آهي. انهيءَ کي لال سڻيءَ به چوندا آهن. ٻج گهڻو پيدا ڪندي آهي، جو ٻئي سال لاءِ رکي ڇڏڻ گهرجي. آڪٽوبر ۾ پوکڻ گهرجي ۽ ننڍا ٻوڙا سنڀال سان ٽپائي ٻئي هنڌ رکڻ گهرجن. ڀاڻ ڏنل زمين تي ڪنارن سان چڱا ٿيندا آهن.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. ابيض، ف. لادنه، هه. وغيره___ سن ڪنٺارڪ ۽ فتاق.
سڃاڻپ: هي مشهور وڻ خريف جي موسم ۾ پيدا ٿيندو آهي. هن جو گل اڇو ٿئي ٿو ۽ ٻج گنگهڙي وانگر ڦرين ۾ ڇڪيل رهندو آهي. هن جي ڪاٺين مان سڳن وانگر تندون نڪرنديون آهن.
خاصيت: سڻيءَ جو ٻج ڪٽي کارائڻ سان پيشاب جاري ٿيندو، مثاني جي ڦٽ ۽ پرميل کي فائدو ڪري ٿو. هن جا گل رت جي دستن، حيض ۽ بواسير جي رت جي گهڻائيءَ کي بند ڪن ٿا.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو