نانگا پربت
ڏيک
| نانگا پربت | |
|---|---|
نانگا پربت خوبصورت چراگاھن مان نظر ايندڙ. ان کي قاتل جبل پڻ سڏيندا آهن | |
| اوچي سطح | |
| بلندي | 8,126 m (26,660 ft) |
| امتياز | 4,608 m (15,118 ft) شمار ۾ 14ھين نمبر تي |
| اڪيلائي | 189 ڪلوميٽر (117 mi) |
| فهرست | اٺ ھزاري وڌيڪ نمايان چوٽي وارو جبل |
| مقانيت | |
| جاگرافي | |
| جڳهه | گلگت بلتستان, نانگا پربت استور ضلعي جي اولھ ۽ ڏکڻ-اولھ طرف 27 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي[1] |
| مرڪزي جابلو قطار | ھماليہ جبلن جي قطار |
| ڪوھ پيمائي | |
| پھرين چڙھائي | پھريون دفعو 3 جولاءِ 1953 تي ھرمين بوھل چوٽي تي چڙھيو (سیاري ۾ پھريون دفعو سائمن مورو، اليڪس ٽڪسيڪان ۽ علي صدپارہ 16 فبروري 2016 تي چڙھي سر ڪيو) |
| سولو رستو | ديامير ضلعو (اولھ واري پاسي) |
نانگا پربت (انگريزي: Nanga Parbat) پاڪستان جي انتظامي صوبي گلگت بلتستان جي ضلعي دیامر ۾ واقع آهي ۽ دنيا جي نائين وڏي جابلو چوٽي آھي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 8,126 ميٽر بلند آھي.[2] نانگا پربت سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معنیٰ آھي نانگو جبل،[3][4][5] مقامي نالو ديامر اٿس جيڪو تبتي ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معني ھڪ وڏو جبل آھي.[6] ھي جبل اٺ ھزاري جبلن ۾ شامل آھي يعني اٺ ھزار ميٽرن کان وڌيڪَ بلندي وارن جبلن ۾ آهي.[7]
جاگرافيائي بيھڪ
[سنواريو]ھي جبل ھماليہ جبلن جي قطار جي اولھندي پاسي ۾ واقع آهي ۽ اولھ جي آخري ڇيڙي وارو اٺ ھزاري جبل آھي جيڪو درياء سنڌ جي ڏکڻ ۾ ديامر ضلعي ۾ واقع آھي.
ڪوھ پيمائي
[سنواريو]6 جولاءِ 1953ع ۾ نانگا پربت جي 26,660 فٽ اوچي چوٽيءَ کي ھڪ اسٽروجرمن ڪوھ پيمائي واري مھم ۾ سر ڪيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Nanga Parbat". Britannica. 2015-04-12 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Bernstein, Jeremy (1978). Mountain passages (انگريزي ۾). University of Nebraska Press. ISBN 9780803209831.
- ↑ Höbusch, Harald (2016). "Mountain of Destiny": Nanga Parbat and Its Path Into the German Imagination (انگريزي ۾). Boydell & Brewer. ISBN 9781571139580.
- ↑ Hoiberg, Dale; Ramchandani, Indu (2000). Students' Britannica India: M to S (Miraj to Shastri) (انگريزي ۾). Encyclopaedia Britannica (India).
- ↑ The New Encyclopaedia Britannica, Encyclopaedia Britannica, 2003, ص. 501, ISBN 978-0-85229-961-6
- ↑ The Pamirs and the Source of the Oxus. (1896) George Nathaniel Curzon. Royal Geographical Society, London, p. 16.
- ↑ "Nanga Parbat | mountain, Jammu and Kashmir". 2015-06-13 تي حاصل ڪيل.