جھرڪي
| گھريلو جِھرڪي | |
|---|---|
| Male in Germany | |
| Female in England | |
| سائنسي درجا بندي | |
| نسل: | Passer |
| جنس: | domesticus |
| قدیم دنیوی چڑیا (Old World sparrows) | |
|---|---|
| Male in Germany | |
| Female in England | |
| سائنسي درجا بندي | |
| ڪنگڊم: | جانور |
| تقسم: | حبلیات |
| درجو: | پرندہ |
| ترتيب: | عصفوری نسل |
| ذيلي ترتيب: | پاسري |
| خاندان: | پاسريڊاء Illiger, 1811 |
| نسل: | پاسر
Sparrow |
| Sparrow | |
|---|---|
| A male house sparrow | |
| سائنسي درجا بندي | |
| Genera | |
|
پاسر(passer)
|
جِهرڪي:[2]عربي ۾ عصفور، فارسي ۾ ڪنجشڪ، هندي ۾ چڙي، اردو ۾ چڙيا ۽ ٻيا نالا سرچه، ڪوريد ۽ اففيس اٿس. انگريزي ۾ ھائوس اسپيرو: Sparrow:بائلاجي مطابق پکين جي پاسرين خاندان سان تعلق رکندڙ ھڪ ننڍڙي پکي جو نالو آھي. جنھن کي ٽرو اسپيرو يا اولڊ ورلڊ اسپيرو بہ چوندا اَٿس. ھي انساني آباديءَ ۾ سڀ کان عام پکي آهي جيڪو اَن، ٻِج ۽ ڪيڙا کائيندو آھي.ھي پوري دنيا ۾ مختلف قسمن سان ڪثرت ۾ ملندڙ پکي آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ ھِن جو قِسم گھريلو جِھرڪي يا ھائوس اسپيرو سڏجي ٿو جيڪو ايشيا، آفريقا ۽ يورپ ۾ عام پکي آهي.

طِب
[سنواريو]اثر: گرم خُشڪ 2، نُقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڏاڙهون يا شڪنجبين، عيوض: ___، وزن: ٽي عدد. سُڃاڻپ: هي مشهور ننڍو پکي آهي، جيڪو گهرن ۽ وڻن ۾ آکيرا ٺاهي رهندو آهي. خاصيت: هن جو گوشت بدن کي ٿُلهو ڪري ٿو، مني ۽ قوت باھہ کي وڌائي ٿو، فالـج، لقوي، ضعف جگر، ضعف معدي، جلندر ۽ يرقان لاءِ مُفيد آهي. مثاني جي پَٿري، گُردي جي رائِي کي پيشاب جي رستي خارج ڪري ٿو. هن جو پِتو اکين جي بيمارين، خارش ۽ ڦُلي کي فائدو ڪندو، هِن جي وِٺ ڦَٽن ڦُرڙين ۽ ناسور جي لاءِ چڱو مرهم آهي.[3]،
حوالا
[سنواريو]- ↑ بقرة
- ↑ "ابڙو اڪيڊمي Abro Academy", www.badarabro.com, حاصل ڪيل 02 اپريل 2024۔
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو