جھرڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گھريلو جِھرڪي
Male in Germany
Female in England
سائنسي درجا بندي
نسل: Passer
جنس: domesticus

قدیم دنیوی چڑیا
(Old World sparrows)
Male in Germany
Female in England
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: جانور
تقسم: حبلیات
درجو: پرندہ
ترتيب: عصفوری نسل
ذيلي ترتيب: پاسري
خاندان: پاسريڊاء
Illiger, 1811
نسل: پاسر

Sparrow

Sparrow
A male house sparrow
سائنسي درجا بندي
Genera

پاسر(passer)
پيٽرونيا(Petronia)
ڪارپوسپيزا(Carpospiza)
ھائپوڪرپٽيڊيئس(Hypocryptadius)
مانٽي فرنجيلا(Montifringilla)
اونيڪوسٽروٿس(Onychostruthus)
پائرگيلاڊا(Pyrgilauda)

جِهرڪي: عربي ۾ عصفور، فارسي ۾ ڪنجشڪ، هندي ۾ چڙي، اردو ۾ چڙيا ۽ ٻيا نالا سرچه، ڪوريد ۽ اففيس اٿس. انگريزي ۾ ھائوس اسپيرو: Sparrow:بائلاجي مطابق پکين جي پاسرين خاندان سان تعلق رکندڙ ھڪ ننڍڙي پکي جو نالو آھي. جنھن کي ٽرو اسپيرو يا اولڊ ورلڊ اسپيرو بہ چوندا اَٿس. ھي انساني آباديءَ ۾ سڀ کان عام پکي آهي جيڪو اَن، ٻِج ۽ ڪيڙا کائيندو آھي.ھي پوري دنيا ۾ مختلف قسمن سان ڪثرت ۾ ملندڙ پکي آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ ھِن جو قِسم گھريلو جِھرڪي يا ھائوس اسپيرو سڏجي ٿو جيڪو ايشيا، آفريقا ۽ يورپ ۾ عام پکي آهي.

طِب[سنواريو]

اثر: گرم خُشڪ 2، نُقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڏاڙهون يا شڪنجبين، عيوض: ___، وزن: ٽي عدد. سُڃاڻپ: هي مشهور ننڍو پکي آهي، جيڪو گهرن ۽ وڻن ۾ آکيرا ٺاهي رهندو آهي. خاصيت: هن جو گوشت بدن کي ٿُلهو ڪري ٿو، مني ۽ قوت باھہ کي وڌائي ٿو، فالـج، لقوي، ضعف جگر، ضعف معدي، جلندر ۽ يرقان لاءِ مُفيد آهي. مثاني جي پَٿري، گُردي جي رائِي کي پيشاب جي رستي خارج ڪري ٿو. هن جو پِتو اکين جي بيمارين، خارش ۽ ڦُلي کي فائدو ڪندو، هِن جي وِٺ ڦَٽن ڦُرڙين ۽ ناسور جي لاءِ چڱو مرهم آهي.[2]،

حوالا[سنواريو]

  1. بقرة
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو