ٻٻر (وڻ)
هي مضمون يا ڀاڱو متان ڪنهن http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D9%BB%D9%BB%D8%B1%20(%D9%88%DA%BB) (DupDet · CopyVios) هنڌان کان نقل ۽ ليپو(ڪاپي پيسٽ) ڪيو ويو آهي، ٿي سگهي ٿو تہ هي وڪيپيڊيا جي حق ليک ۽ ڇاپڻ ( حق تصنيف) جي خِلافُ ورزي هجي. |
ٻٻر | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | وئڪيليا |
جنس: | Template:Taxonomy/وئڪيليا{. نلوٽيڪا |
حياتياتي نالو | |
وئڪيليا نلوٽيڪا (لينيوئس) پي جي.ايڇ.ھرٽر ۽ مئب [1] | |
ذيلي جنسون | |
| |
وئڪيليا نلوٽيڪا جي قطار |
ٻَٻرُ (Acacia Arabica/ nilotica ) هي وڻ عام آهي جنھن ۾ ڪنڊا ٿين، پن سنھڙا، گل ڦڪا، ڦر پلڙا، جن ۾ چيچڪا ٿين. ٻج ڪاري رنگ جو، چيچڪن وارو ٿئي.[4] ھيءُ وڻ گرم علائقن ۾ ٿيندو آھي. هن جا گهڻا ئي قسم آهن.هن ۾ ڪنڊا ٿا ٿين ۽ ڦرين ۾ ٻج جهلي ٿو، جنهن کي پلڙا يا پاپڙ ۽ ٻج کي چيچڪا چون ٿا. جنهن ذات يا جماعت مان هي وڻ آهي، انهيءَ جو انگريزي ڪتابي نالو آڪيشيا آهي. هن جو انگريزي رواجي نالو بابل آهي ۽ هندستاني بَبل.
هن جو هڪڙو ننڍو ٻوڙي جو قسم آهي، جو اُتر الهندي وارن پرڳڻن ۾ عام آهي ۽ لوڙهن جي جاءِ تي رکڻ ۾ ڪم ايندو آهي. ان جو نالو ڦُلائي آهي. ٻيو هڪڙو ننڍي وڻ يا ٻوڙي جي قسم مان آهي، جو شڪل جو خراب آهي، مگر جڏهن پيلا خوشبودار گل ڪري ٿو، تڏهن ڏاڍو وڻڻ جهڙو ٿيو پوي. فرانس ۾ هن جي ڏاڍي پرداخت ڪندا آهن ۽ منجهانئس عطر جهڙي خوشبوءِ ڪڍندا آهن. انگريزيءَ ۾ هن کي خوشبودار ٻٻر جي نالي سان سڏيندا آهن.[5].
سنڌ ۾ ٻٻر
[سنواريو]هي سنڌ جو وڻ آهي جو سخت زمين ۾ اُڀري. پارڪر جي زمين پٿرائين آهي، تنهنڪري اتي چڱي انداز ۾ ٿئي ٿو. ننگرپارڪر کان ڏونگري ڏي وڃبو ته رستي ۾ گهاٽا ٻٻر هُڙي لايو پيا نظر ايندا. موندري ۽ آڌيگام جي وچ ۾ به جام آهن. ڏيپلي تعلقي ۾ سجائي جي ڏهر، مٺي تعلقي جي ڳوٺ رائلو رندن وارو (مٺي کان اٺ ميل اوڀر طرف)، ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ چيلهار ۽ ان جي ڀرسان کوڙ ٻي ڳوٺ جي ترائيءَ واري ڏهر، ڇاڇري شهر کان ڪانڪهئي ڏي ويندڙ رستي تي ڇڊا ڇڊا ٻٻر آهن. ڪانڪهئي کان اولهه طرف ڪولهين جي ڳوٺن جي ڀرسان هڪ زمين ٽڪر ۾ بلڪل گهڻا ٻٻر آهن، ڄڻ ته هُڙي لڳي پيئي آهي. باقي سڄي ٿر ۾ عام ڪونه ٿئي. هن جي ٽارين ۾ ٻه – اڍائي انچ ڊگها اڇي رنگ جا تکا ڪنڊا ٿيندا آهن، جنهن کي ٿري ”سُر“ چون. هن ۾ پيلا گل ٿيندا آهن، جن مان ڦريون ٿين جنهن کي ”پلڙا“ چون، انهن ۾ سخت داڻا ٿيندا آهن، جن کي ”چچِڪا“ چون. ٻٻر جا پن ۽ پلڙا اُٺ ۽ ٻڪريون لائينديون آهن. ٻٻر جون ٽاريون وڍي سڪائي پن ڇاڻي گڏ ڪبا آهن. جن کي ”ٻُورِي“ چون. اها ٻوري مال لاءِ فائدي واري آهي. ٻُوري ۽ پلڙن جي کائڻ ڪري مال متارو ٿيندو آهي. هي وڻ وڏو ٿيندو آهي. اُن جي ڇانوَ سٺي ٿيندي آهي. هن جون ٽاريون وڍي ڇڏبيون ته وري نوان گونچ ڪڍي گهاٽو ۽ سائو ٿي ويندو آهي. وَڍَ ڪرڻ سان ٻٻر پاڻ وڌيڪ سائو ۽ سُٺو ٿيندو آهي. هن مان کؤنر ۽ لاک نڪرندي آهي. ٻٻر جا پن، ڇوڏا، گل، پَلڙا، کؤنر ۽ لاک ڪمائتا آهن. ٻٻر جا ڇوڏا لاهي موچي چمڙي رکڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. هن جي ڪاٺي سخت، مضبوط ۽ جٽادار ٿيندي آهي. ٿلهن ٿرن کي چيري، ان مان نڪتل ڪاٺ مان تختا، در، دريون، ڪُرسيون، ميزون، ٽپايون، کَٽون، جاين جون ڪامون، پٽيون، پينگها، کٽن جا پاوا، ايسون، اُپرا، ڪٻٽ، صندل ۽ ٻيون به ڪيترين ئي قسمن جون شيون ٺاهيندا آهن[6]..
قسم
[سنواريو]عام طرح ٻٻر ٽن قسمن جو ڏسڻ ۾ ايندو آھي، سنڌي ٻٻر، ڍليار ٻٻر ۽ ڪابولي ٻٻر، ڍليار، سنڌي -ٻٻر- کان ڏهہ فوٽ کن ڊگھو ٿيندو آھي، پر سندس ٿڙ وارو گھيرو قدري ننڍو ٿئي ٿو. ڪابولي ٻٻر سڌو ٿيندو آھي ۽ ان جون ٽاريون به ٿڙ سان گڏ سڌيون ۽ اڀيون ٿين ٿيون. هي ٻٻر ٻور ۽ پلڙا ڪونه جهلي. ٻيو هن جهڙو هڪڙو وڻ ٿئي ٿو، جو هتي به عام آهي. سنهڙا ۽ ساوا پن ٿا ٿينس. ڪنڊا به اٿس ۽ ٿڙ به سائو ٿو ٿئيس. هميشھ پيلا گل جهليندو آهي. هي به ٻج مان ٿيندو آهي، جو سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾ پوکيندا آهن. هن کي انگريزيءَ ۾ جيرو سلم ٿارن (يعني جر وسلم جو ڪنڊو) چون ٿا. ڪتابي نالو پارڪن سونيا اٿس. هتي جا ماڻهو انهيءَ کي ولايتي ٻٻر ڪري چوندا آهن. عام ٻٻر جو هڪڙو ٻيو قسم آهي، جنهن جون ٽاريون پاسي تي پکڙجڻ جي بدران، اُڀيون مٿي چڙهنديون آهن، جنهن ڪري اهو پري کان سرو جي وڻ وانگي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. انهيءَ کي سنڌيءَ ۾ ڍليار ٻٻر يا ڪابلي ٻٻرسڏيندا آهن.[5] ھن وقت تائين ٻٻر جا عام مشھور ٽي قسم ڳڻبا آھن پر ماھرن سنڌ ۾ ٻٻرن جا ڇٽيهہ قسم ڄاڻايا آھن .[7]
طبي خاصيتون
[سنواريو]ھن وڻ جون طبي خاصيتون ھيٺ ڏجن ٿيون. سنڌ بہ گرم خطي ۾ آھي، تنھنڪري ھتي ٻٻر جو وڻ عام جام ٿئي ٿو. درياهه جي ڪچي وارن حصن ۾ تہ ھيءُ وڻ بي انداز ٿيندو آھي. ٻٻر خاص ڪري سخت گرمين ۾ ٿيندو آھي. ٿر جي ڪن علائقن، جھڙوڪ ننگرپارڪر، ڏونگري، موندي ۽ آڌيگام جي وچ، ڏيپلي ۽ مٺيءَ جي ڀرپاسي ۽ ڇاڇري جي پاسي، جتي پڪي زمين آھي، اتي به ھيءُ وڻ ٿئي ٿو، نہ تہ عام طور ٿر ۾ ”ٻائريءَ“ جو وڻ ٿئي. سنڌ ۾ ڪن جاين تي ٻٻرن جون ھڙيون ڏسجڻ ۾ اچن ٿيون. ھن وڻ جي ٽارين ۾ اڇي رنگ جا وڏا ڪنڊا ٿين ٿا، جن کي ٿري ماڻھو ”سول“ ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ عام طرح ”سيلهہ“ چوندا آھن، ھيءُ وڻ قد جي لحاظ کان تمام وڏو ۽ اوچو ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري ھن ۾ ڇانوَ بہ وڌيڪ ٿيندي آھي. ھيءُ وڏو ۽ مضبوط وڻ آھي. ھيءُ وڻ لڳ ڀڳ 40 فوٽ اوچو ٿئي ۽ ان جي ٿڙ جو گھيرو وڌ کان وڌ ٽن فوٽن تائين ٿئي ٿو.
استعمال
[سنواريو]ٻٻر جي ٽاري ھر قسم جو مال کائيندو آھي. پر ٻڪريون ۽ رڍون ان کي وڏي چاهہ سان کائينديون آھن. ٻٻر جو پلڙو ٽاريءَ کان به وڌيڪ طاقتور آھي ۽ مال جي کير وڌائڻ جو ذريعو پڻ آھي. خالي ۽ سڪل ٽارين کي ”ڍينگھر“ چئجي ٿو، جن سان گھرن ۽ ٻنين وغيره جي حفاظت لاءِ لوڙھا ڏبا آھن. ٻٻر جا پن، پلڙا ۽ ٻوري، اٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آھن. ھيءُ وڻ پاڙن کان وٺي ٻور تائين تمام ڪمائتو آھي.
حڪيمن جي چوڻ موجب ٻٻر جي پنن مان ٺاھيل عرق، ٻٻر جا ڇوڏا، گل ۽ پن ۽ کئونر کي استعمال ڪرائيندا آهن تہ شفا ٿيندي آهي. ٻٻر جو ڏندڻ، ڏندن جي صفائيءَ ۽ مضبوطيءَ لاءِ تمام سٺو سمجهيو ويندو آھي. ڏندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻٻر جي ڏندڻ جھڙو ٻيو ڪو ڏندڻ آھي ئي ڪو نہ. ھن وڻ جا پن، گلڙا، کل، ڇوڏا، کئونر ۽ ڪاٺيون دوائن ۾ استعمال ٿين ٿيون. ھن جا پلڙا بہ حڪيم استعمال ڪندا آهن . ٻٻر تمام ڪارائتو وڻ آھي. ھن جي قيمتي ڪاٺ مان ھر قسم جو فرنيچر ٺھندو آھي. عمارتي ڪمن ۾ ڪامن، داسن، پٽين، ٿنڀن ۽ ٿوڻين ۾ بہ گھڻو ڪم ايندو آھي. ٻبر جي ڇوڏيءَ کي چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ بہ استعمال ڪيو ويندو آھي. ان جي اڱرن کي ٻارڻ واري توانائيءَ جي ھڪ وسيلي طور ۽ ڪاربان کي مختلف ڪيميائي مرڪبن ٺاھڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آھي. ٻٻر مان حاصل ٿيندڙ کئونر ڪارائتو آھي. جڏھن ته لاک بہ ٻٻر مان حاصل ٿئي ٿي. ٻٻر جو رس، رنگن کي پختو ڪري ٿو، انڪري ڪپڙي رڱڻ لاءِ ھن جو رس ڪتب آندو ويندو آھي. ٻٻرن جي ڇوڏي مان سنڌ اندر وڏي عرصي کان شراب ٺھندو اچي ٿو ۽ اھو سلسلو اڄ بہ قائم آھي.
ولائتي ٻٻر
[سنواريو]هي وڻ سنڌي ٻٻر کان ڊيگهه ۾ ننڍو ٿئي، پن ننڍا پر ڳُوڙها ساوا، ٿڙ مان اُڀيون ڊگهيون لامون ڪري وڌندو ويندو آهي. هن جو ٿڙ ڏهاڪو فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. بجنسي ديوي جي وڻ جهڙو آهي، تفاوت رڳو اهو آهي جو هن کي تڙ ٿئي، پر ديوي کي يڪو تڙ ڪونه ٿئي، زمين مان گهڻيون لامون نڪري وڌنديون وينديون آهن. هي وڻ بنا پوکڻ ۽ سنڀال جي ازخود اُڀري اوسري ايندو آهي. ڪٿي ڪو اتفاق سان ٻج ڪِريل هوندو ته وسڪاري جو اُڀري پوندو. هن کي مال ويجهو ڪونه وڃي، جيئن مال لتاڙيندس يا مٿان وڍبس ته يڪدم نوان گونج ڪڍي گهاتو ٿيندو ويندو. هن جي ٽارين ۾ سنڌي ٻٻر کان ڪجهه ننڍا پر مضبوط ۽ تکا ڪنڊا ٿيندا آهن. هن ۾ سال جا ٻارهن مهينا پيو ٻُور لڳندو آهي، جنهن مان پهريائين سائي رنگ جون ڦريون ٿينديون آهن جي پچڻ بعد پيليون ٿي پونديون آهن. ٻار سڄو ڏينهن اهي ڦريون لاهي پيا چُوسيندا آهن، البت گڏهه ۽ ٻڪريون اهي ڦريون لائينديون آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط ٿيندي آهي جنهن مان ڇَنن جون ٿوڻيون ۽ آڏوريون، کٽولن جا پاوا، ايسون ۽ اُپرا جڙندا آهن. هي وڻ پارڪر ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي، باقي ٿر جي ڇاڇري، چيلهار، مٺي، اسلام ڪوٽ شهرن ۾ هاڻي ٿوري وقت کان پوءِ ڪافي وڻ ٿيا آهن، ٻهراڙين ۾ اڃا گهڻو ڪونه آهي.[6].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Phylogenetic position and revised classification of Acacia s.l. (Fabaceae: Mimosoideae) in Africa, including new combinations in Vachellia and Senegalia.". Bot J Linn Soc 172 (4): 500–523. 2013. doi:. http://onlinelibrary.wiley.com/doi/10.1111/boj.12047/abstract.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedfao
- ↑ سانچو:GRIN
- ↑ "ٻٻر (وڻ) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-08.
- ↑ 5.0 5.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ 6.0 6.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D9%BB%D9%BB%D8%B1%20%28%D9%88%DA%BB%29