باز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاہین
Shaheen falcon
Vulnerable[1]
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: جانور
تقسم: حبليات
درجو: پکي
ترتيب: Falconiformes
خاندان: Falconidae
نسل: Falco
جنس: F. peregrinus
ذيلي جنس: F. p. peregrinator
Trinomial name
Falco peregrinus peregrinator
Sundevall, 1837[2]
هم معنيٰ
  • Falco atriceps
  • Falco shaheen

باز نالي پکي جا ڪافي قسم آهن۔ هي هڪ سُهڻو ۽ رعبدار پکي آهي. باز پنهنجي ڦُڙتي، تيز نظر ۽ مٿاهين اُڏام جي ڪري مشهور آهي.

علامه اقبال پنهنجي شاعري ۾ باز جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي ۽ اُن جهڙو ٿيڻ جي تلقين ڪندي نظر اچي ٿو. سندس مشهور شعر اَٿس:
“نهين تيرا نشيمن قصرِ سُلطاني ڪي گنبد پر
تو شاهين(باز) هي بصيرا ڪر پهاڙون ڪي چٽانون مين“

ھڪ قسم جو شڪاري پکي، جيڪو پکين جو -بادشاهه- ليکيو وڃي ٿو. سِرڻ ۽ عُقاب وغيره جي نسل سان لاڳاپيل آهي. نهايت تيز اُڏامندو آهي. هِن جا پَر وڏا ۽ زور -ڀريا- ٿين ٿا، جنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن تمام مٿي اُڏامي، ٽِڪ ٻَڌي بيهي رهندو آهي. هن جا چنبا تکا ۽ چُهنب مُڙيل ٿيندي آهي. هيءُ پرديسي پکي آهي، جيڪو -پاڪستان- جي -اُتر- وارن جبلن مان اچي ٿو. چترال، سوات، هندوڪش ۽ قُراقُرم جبلن مان -باز- اونهاري گذرڻ بعد سيپٽمبر ڌاري سياري ۾ شڪار سانگي سنڌ ۾ ايندو آهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري ڪوهستان، -ٿر- ۽ لاڙ جي علائقن ۾ رهندو آهي. مُند ختم ٿيڻ تي پنهنجي مُلڪ ڏانهن موٽي ويندو آهي، -جتي- هن کي شڪار ملي ويندو آهي. هن جو شُمار اَڻ لَڀ پکين ۾ ٿئي ٿو. قد بُت ۽ شڪل شَبيھہ ۾ سِرڻ جهڙو ٿئي. هيءَ ڪانگ، ڪَٻر، جهرڪيءَ، ڳيري، -تتر-، تُلور، پاريهر، ڪبوتر، هرڻن، ننڍن ڇيلن، گهيٽن، سَهَن ۽ ڍانڍي پکين جو شڪار گهڻي انداز ۾ ڪندو آهي. -باز-، بُنيادي طرح هڪ خاص جنس جو نالو آهي، پر سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان هن پکيءَ جي مختلف جنسن لاءِ ”اسم جنس“ طور استعمال ٿيو. ’-باز-‘ اصل ۾ ماديءَ جو نالو آهي، جنهن جو نر ”ذُرو“ (-جده-) ٿيندو آهي، پر سنڌ ۾ -باز- کي نر جي مفهوم ۾ ئي ڪم آندو ويندو آهي. ضلعي دادوءَ جي تعلقي جوهيءَ ۾ گهڻا ماڻهو هن پکيءَ کي هاسيڪار ۽ گهڻي ناڻي تي هَٿ ڪري پالين ۽ پوءِ اُن جي هٿان ننڍن پکين جو شڪار ڪرائي خوش ٿا ٿين. هن پکيءَ جو گوشت نہ کائبو آهي. اُن کي فقط شوق خاطر پالبو آهي. -باز- جي مختلف قِسمن ۾ ڪِن جا کَنڀ ننڍا تہ ڪِن جا وڏا ٿين. هن جي نظر تِکي ٿيندي آهي. سنڌ ۾ گھٹو ڪري سياري جي مُند ۾ پکين جو شڪار ڪَرڻ ايندو آهي. بازن جا ٻہ وڏا قِسم آهن: گلاب چشم ۽ سياهه چشم. گلاب چشم يعني ڳاڙهين اکين واريون ٽي جِنسون نر ۽ مادي هن طرح ٿين. (1) -باز- (مادي)، زُرو (نر)، (2) باشو(مادي)، -بشين- (نر)، (3) شِڪرو (مادي)، چپڪ (نر). جڏهن ته سياه چشم يعني ڪارين اکين وارن ۾ پنج جِنسون ٿين (1) چرخ (مادي)، چرغيلو (نر)، (2) لغڙ (مادي)، جهڳڙ (نر)، (3) بحري (مادي)، بحري ٻچو (نر)، (4) شاهين (مادي)، شهنجو، ڪوهيلو (نر)، (5) تُرمڇي، يا چُرمچي (مادي)، چٽوئو (نر). سنڌ ۾ -باز- جي قسمن ۾ سينچاڻو ۽ ملهالو بہ شامل آهن.[3]

  1. Gehan de Silva Wijeratne; Deepal Warakagoda & T.S.U. de Zylva (2007). "Species description". A Photographic Guide to Birds of Sri Lanka. New Holland Publishers (UK) Ltd. p. 37. ISBN 978-1-85974-511-3. 
  2. "ITIS Standard Report Page: Falco peregrinus peregrinator". Integrated Taxonomic Information System. حاصل ڪيل 2014-04-18. 
  3. باز : (Sindhianaسنڌيانا)