ڦاڙھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦاڙهو: نالا: ع. ايل، ف. گوزن، هه. وغيره___ باره سنگا، ڪوتاه پاچه، ديهڙو، پاچر ۽ بقرالوحش. اثر: گرم خشڪ، نقصان: دير هضم آهي ۽ سودا کي، ميل: ___، عيوض: هرڻ، وزن: قدر موافق. سڃاڻپ: هرڻ جي قد کان وڏو هڪ جانور آهي، جنهن جا سڱ وڻ جي ٿڙ، ڏارن، ۽ ٽارين وانگر ٿيندا آهن. خاصيت: هن جو گوشت دل، دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو. قوت باهه ۽ منيءَ کي زياده ڪري ٿو. هن جي آلت سڪائي شراب ۾ حل ڪري کارائجي ته بواسير جي رت، سلهه، رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لا”، مثاني جي ڦٽ، يرقان، ٻرهل، آنڊن جي ڦٽ ۽ قولنج لاءِ مفيد آهي[1]،

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو