اڪثريت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڪثريت:(انگريزي: Majority ) عددي ڳڻپ ۾ ڪنھن بہ تعداد جي اڌ کان مٿي واري پاسي کي اڪثريت چئبو آهي. چونڊن ۾ وري ڪنھن جي ڀيٽ ۾ برابر کان وڌيڪَ ووٽ کڻڻ يا کٽڻ واري فرق کي اڪثريت چوندا آهن. ڪنھن بہ ايوان ۾ ووٽنگ ذريعي اڌ کان وڌيڪَ ووٽ ملڻ کي سادي اڪثريت چوندا آهن. مريم ويبسٽر ڊڪشنري مطابق اڪثريت ٽوٽل جي وڏي حصي يا اڌ کان وڌيڪَ حصي کي چوندا آھن[1]. ڪنھن بہ گروپ ۾ جيڪڏهن ويھ ڄڻا شامل آهن تہ ان ۾ يارھن يا ان کان مٿي اڪثريت سڏبا. ڏھ يا ڏھ کان گھٽ اقليت سڏبا. ووٽنگ جي نظام ۾ وڏي اڪثريت (super majority) وري اڌ کان مٿي ھجڻ سان نہ پر ٻہ ڀاڱي ٽي يا ان کان مٿي واري اڪثريت کي چوندا آهن. ووٽنگ ۾ ٻيڻي اڪثريت (انگريزي: Double Majority) جو طريقو پڻ ھوندو آھي جنھن تحت ڪنھن بہ قانون يا رٿ جي منظوري ٻہ ڀيرا سادي يا وڏي اڪثريت سان مختلف ايوانن ۾ ورتي ويندي آهي.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. See dictionary definitions of "majority" at Merriam-Webster, dictionary.com آرڪائيو ڪيا ويا 2015-12-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Oxford English Dictionary آرڪائيو ڪيا ويا 2013-05-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., thefreedictionary.com, and Cambridge English Dictionary.