آل انڊيا مسلم ليگ
آل انڊيا مسلم ليگ | |
---|---|
پارٽي جا صدر ٿيندڙ اڳواڻ | محمد علي جناح، لياقت علي خان،اي ڪي فضل الحق، آغا خان ٽيون، حسين شھيد سھروردي، فيروز خان نون، خواجه ناظم الدين، چوڌري خليق الزمان، محمد علي بوگرہ |
باني | نواب وقار الملڪ |
بنياد | 30 ڊسمبر 1906ڊاڪا، برٽش انڊيا، (موجوده: بنگلاديش) |
خاتمو | 15 آگسٽ 1947 |
جانشين | مسلم ليگ پاڪستان ۽ انڊين يونين آف مسلم ليگ(انڊيا ۾) |
صدر مقام | لکنو |
اخبار | ڊان اخبار |
شاگردن واري شاخ | آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن |
پارلياماني ونگ | خاڪسار |
نظريو | پين اسلام ازم ، ٻہ قومي نظريو |
مذهبي وابستگي | اسلام |
بين الاقوامي وابستگي | آل انڊيا مسلم ليگ لنڊن چيپٽر |
چونڊن لاءِ نشان | |
ھلالي چنڊ ۽ ستارو |
آل انڊيا مسلم ليگ(انگريزي: All-India Muslim League), جيڪا مسلم ليگ جي نالي سان مشھور ھئي، ھڪ سياسي پارٽي ھئي جنھن جو بنياد نواب وقار الملڪ ۽ سر آغا خان ٽيون 30 ڊسمبر 1906 ۾ ڊاڪا ۾ رکيو. ھن جماعت ھندوستان ۾ مسلمانن لاءِ علحده ملڪ قائم ڪرڻ لاءِ سخت موقف رکيو ۽ ان م ڪامياب ٿي وئي . اھڙي طرح مسلمانن لاءِ پاڪستان جو بنياد پيو. [1]ھن پارٽيءَ جو بنياد سر سيد احمد جي علي ڳڙھ تحريڪ جي نتيجي ۾ پيو.[2] 1912 تائين ھن تنظيم برطانوي راڄ جي حمايت ڪئي پر ان سال خودمختياري جو مطالبو ڪيو. 1913 ۾ محمد علي جناح انڊين نيشنل ڪانگريس ڇڏي ھن جماعت ۾ شامل ٿيو[3]. پھرين جنگ عظيم ۾ ھن تنظيم انڊين نيشنل ڪانگريس وانگر وري برطانوي راڄ جي حمايت ڪئي ۽ ٻنھي جماعتن گڏجي ڪم ڪيو ۽ 1916 ۾ لکنو پيڪٽ ذريعي انڊيا جي سڀني ماڻھن کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ڪائونسل ۽ علائقائي حڪومتن ۾ وڏي پيماني تي نمائندگيءَ جو حق ، مسلمانن کي جدا گانه چونڊن جو حق آهي ڏيڻ جو گڏيل مطالبو ڪيو[3]. 1920 ۾ جناح جي گانڌي سان اختلافن سبب ھيء پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس کان اتحاد مان علحده ٿي وئي. 1935 جي اليڪشن ۾ ھن پارٽي کي ڪٿي بہ نمايان ڪاميابي نہ ملي سگھي جنھن بعد محمد علي جناح پاڻ مسلمانن جو واحد ترجمان بڻجي مسلمانن جي ووٽ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. 1940 ۾ لکنو جي پارٽي اجلاس ۾ مسلمانن لاء علحده وطن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان جي کيس زبردست موٽ بينگال ۽ پنجاب جي مسلمانن کان ملڻ شروع ٿي جن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. نتيجي ۾ 1945 جي عام چونڊن ۾ ھن پارٽي کي وڏي ڪاميابي ملي جنھن مطابق 533 مان 460 مسلمان ليجسليٽو اسيمبليء وارين سيٽن تي چونڊجي آيا. اھڙي طرح ھندوستان جي تقسيم جي لاء راھ ھموار ٿي وئي ۽ 1947 ۾ ورھاڱو عمل ۾ آيو جنھن سان ھي پارٽي جو خاتمو عمل ۾ آيو ۽ پاڪستان ۽ انڊيا ۾ مسلم ليگ نالي نيون پارٽيون ٺھيون. اھي نيون پارٽيون پنھنجي حيثيت برقرار رکي نہ سگھيون[3]..
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Establishment of All India Muslim League". Story of Pakistan. صفحو. 1. حاصل ڪيل 14 February 2014.
- ↑ Sequeira, Dolly. Total History and Civics ICSE 10.New Delhi:MSB publushers,2016.Print.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages # 35 ,