براھوي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
براھوي
براھوي
Region پاڪستان ۽ افغانستان
Ethnicity براھوي
Native speakers
4.221 ملين (2011)[1]
en:Line-handling templates
en:Line-handling templates فارسي-عربي لپي، لاطيني لپي
Official status
Regulated by براھوي لئنگئيج بورڊ (پاڪستان)
Language codes
ISO 639-3 brh
Glottolog brah1256[2]
Dravidische Sprachen.png
براھوي (ڏورانھين مٿين کاٻي طرف) جاگرافيائي طور ٻين سڀني دراوڙي ٻولين کان اڪيلي ٿيل.

براهوي (Brahui) هيءَ ٻولي براهوي، براهوجي ۽ ڪرگلي جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي. هن جا ٽي لهجا آهن: 1 جهالاوان، 2. قلات، 3. سروان. هيءَ ٻولي بلوچستان صوبي جو وچ ڏکڻ، ڪوئيٽا، قلات، اوڀر بلوچستان ۽ سنڌ کان سواءِ افغانستان ايران ترڪمانستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. براهوي ٻولي اترئين دراوڙي ٻولين جي خاندان مان آهي.[3]

متفرق تفصيل[سنواريو]

تازو هن ٻوليءَ لاءِ رومن لپي منظور ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اڪثر عربي لپيءَ ۾ لکي ويندي آهي. پاڪستان ۾ هيءَ عربي لپيءَ ۾ لکي ويندي آهي. مشهور اديب جوهر بروهي سنڌ مان مستقل رسالو ڪڍندو آهي. بروهين جا سنڌين سان مستقل لاڳاپا آهن. گهڻو ڪري هر هاري، مالوند واپاري مسلمان آهن. بروهي دراوڙين جي اترين شاخ ڪري سمجهيا وڃن ٿا. ڪي وري کين سنڌو تهذيب وارا سمجهن ٿا. هن ٻوليءَ تي سنڌو تهذيب جي حوالي سان تحقيق جي ضرورت آهي. بروهي دراوڙن جي شاخ آهي، جيڪا هزارها سالن کان پنهنجن اصل ماڳن تي رهيل آهي. جڏهن ته چار هزار سال ق م دراوڙن جون ڪي شاخون ڏکڻ ڏي هجرت ڪري ويون هيون. چون ٿا ته حضرت ابراهيم عليه السلام جا وڏا به هتان سنڌ مان هجرت ڪري ساڳي واٽ ڏئي ايران ۽ آخر ۾ اُر ويا هئا. ايران ۾ ابراهيمي ٻولي ۽ ڪي قبيلا ان جو يادگار آهن. [3]


'بروھي- Brohi Language: اھا قديم ٻولي دراوڙي ٻولين جي سلسلي مان آهي ۽ پاڪستان ۾ بلوچستان ۽ سنڌ ڳالھائي ويندي آهي. ان سان گڏوگڏ ننڍڙي پيماني تي افغانستان، ايران ۽ ترڪمانستان ۾ به ڳالھائي ويندي آهي.[4] بروھي ڳالھائيندڙ برادرين جي عراق، متحده عرب امارات ۽ قطر ۾ بہ موجودگي آھي.[5]

بروھي ٻوليء جو رسم الخط[سنواريو]

براهوئي ٻوليءَ جي خط جو نمونو فارسي طرز تي آهي. بلوچستان جا براهوئي ادبي ادارا فارسي طرز جي خط کي گهڻو استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ جا بروهي اديب هِتان جي پرنٽنگ پريسن مان سنڌي عربي خط جي نموني تي مگر اردو ٽائيپ سان پنهنجا بروهڪي جا ڪتاب ڇپائيندا آهن، جيئن محترم جوهر بروهي صاحب ڪيتري وقت تائين پنهنجو ”سنگت“ رسالو ان صورت ۾ ڇپائيندو رهيو، هينئر اردو فارسي خط جي ڪتابت سان ان کي ميدان تي آڻيندو آهي. ائين ئي راقم الحروف جو ڇهه ماهي ڪتابي سلسلو ”ڪَپَرت“ (ڪبوتر، پيامي) پڻ سال 1983ع کان ڇپبو رهيو آهي. محترم جوهر صاحب جا ٻه تخليقي ڪتاب ”گوريچ“ ۽ ”دُردانه“ پڻ ٽائيپ جي صورت ۾ ميدان تي آيا. بزم سوز شهدادڪوٽ، بزم مولائي شيدائي، محمد پورا وڍو ضلع جيڪب آباد، محتتم داد محمد ”خادم“ بروهي صاحب جو ادارو براهوئي ادبي ثقافتي سنگت جيڪب آباد، براهوئي پبليڪيشن فريد آباد ميهڙ، جناب تراب لاڙڪاڻوي صاحب جو ادارو انقلاب ادب ۽ محترم محمد اسحاق سوز صاحب طرفان قائم ڪيل براهوئي ادبي دنيا جو ادارو انقلاب ادب ۽ محترم محمد اسحاق سوز صاحب طرفان قائم ڪيل براهوئي ادبي دنيا يا براهوئي ادبي سنگت شهدادڪوٽ، هي سڀ اشاعتي ادارا سنڌ اندر مختلف نوعيت جا براهوي ڪتاب ميدان تي آڻڻ ۾ سرگرم آهن. حيدرآباد جو محترم علي احمد ”شاد“ بروهي صاحب پڻ هن سلسلي ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. انهن ادارن طرفان ڪيترائي ادبي ۽ ثقافتي ميڙ پڻ ڪوٺايا ويا آهن. بلوچستان ۾ به بيشمار سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادبي ادارا هن سلسلي ۾ قابل تحسين حد تائين ڪم ڪري رهيا آهن، انهن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن (1) براهوئي ادبي سوسائٽي رجسٽرڊ ڪوئٽه (2) براهوئي آرٽس اڪيڊمي رجسٽرڊ ڪوئٽه (3) براهوئي ادبي تنظيم ڪوئٽه (4) براهوئي اڪيڊمي جناح روڊ ڪوئٽه (5) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڪوئٽه (6) براهوئي ادبي ديوان مستونگ (7) اداره ”ايلم“ مستونگ بلوچستان. ياد رهي ته سمورا براهوئي ڪتاب توڙي قومي هجره ڪاميٽي طرفان ڇپايل قرآن پاڪ جو براهوئي ترجمو جناب نورمحمد پروانابه صاحب، براهوئي ڪتاب گهر ”ايلم“ مستونگ ضلع قلات بلوچستان کان ملي سگهن ٿا. اٽڪل ٽيهن سالن کان محترم پروانه صاحب جي ادارت هيٺ ڇپجندڙ هفتيوار براهوئي اخبار ”ايلم“ مستونگ هن زبان جو گهڻو ادبي سرمايو پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. براهوئي تهذيب ۽ ثقافت، تاريخ ۽ ادب، مطلب ته هر پهلوءَ کي دنيا سان متعارف ڪرايو اٿس.[6] براهوئي زبان متعلق مغربي محققن جا ٻه طبقا آهن. هڪڙو اهو آهي جيڪو بروهين کي آريا ۽ سامي تسليم ڪري ٿو. هن طبقي ۾ ڊاڪٽر گستاولي بان، ايل ڊئمس، ڪرنل ٿامس هالڊچ سر، خانيڪاف، آر هيوجس بلر ۽ ڊبليو هيوحس وغيره. ٻيو طبقو جيڪو بروهين کي ڊرويڊي شمار ڪري ٿو، ان ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر ڪاڊويل ۽ سّر ڊينس بري وغيره اچي وڃن ٿا. پوئين طبقي وارا زبان دان آهن، انڪري سندن فيصلي کي زياده اهميت ڏني وڃي ٿي. براهوئي زبان ۾ بيشمار ڊرويڊي الفاظ شامل آهن مثلاّ: پال (باله) يعني کير، بئي يعني گاهه، تيل (تيله) يعني وڇون، خِيسُن يعني ڳاڙهو، آسِٽ يعني هڪ، اِرّٽ يعني ٻه ۽ مُسِٽ يعني ٽي وغيره. اهڙن بگڙيل لفظن جي موجودگيءَ سبب هن کي ڪرگالي يعني اڍنگي زبان سڏين ٿا.[7] موجوده دور ۾ سنڌي زبان جي ملاوٽ هن کي وڌيڪ آسان بنائي ڇڏيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته اتر هندستان توڙي سنڌ بلوچستان ۾ دراوڙن کان اڳ ئي ڪول ۽ سنٿال قومون آباد هيون، جن کي ڊرويڊين ڀؤنچ سمنڊ جي ڪناري ۽ عراق کان اچي انهي ملڪن مان لوڌي ڪڍيو هو. موهن جي دڙي مان لڌل ڪولن، سنٿالن ۽ دراوڙن جا اهڙا لاش عراقي ۽ مصري تهذيب سان هن علائقي جو لاڳاپو ظاهر ڪن ٿا.[8] ان کان پوءِ 232 ق. م هن ملڪ ۾ پالي زبان جو عام رواج هو. ان جا آثار ٻڌ جي ڪتبن تي موجود آهن [9] انهن حالتن ۾ ناممڪن هو ته هڪ زبان جو اثر ٻئي زبان تي نه پوي. براهوئي زبان ۾ فارسي ۽ عربي کان سواءِ ڪجهه اهڙا لفظ به آهن جيڪي نج براهوئي ليکجن ٿا، حالانڪ اهي انگريزي آهن برصغير توڙي دنيا جي ٻين سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ براهوئي زبان تي سنڌيءِ جو تمام گهڻو اثر آهي. هزارين سنڌي لفظ ساڳي صورت ۾ براهوئي زبان اندر مروج آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:[10] سنڌي لفظ براهوئي لفظ سنڌي لفظ براهوئي لفظ نگاهه نگاهه مِهر، محبت مِهر، محبت نظر نظر توان، طاقت توان، طاقت جيتوڻيڪ، ٿوڻيڪ پرواهه پرواهه توڙيڪ جگر جغر نصيب نصيب سربراهه سّربّر خير خير سّرڪرده (وڏو) سرڪڙده دامن دامون قوت، طاقت قوت، طاقت وطن وطن مرهم، مّلم ملهم، مرهم منزل منزل شاد (خوش) شاد جذبو جذبه، جوزه جهان، دنيا جهان، دنيا رهزن رهزن نشاني نشاني آزا سنگت سنگت خلاص (ختم) خلاص، ختم درد (سُور) دڙد روشني روشنائي ڌڪ ڌڪ ڦٽ ٺپ سخت سخت پِڙي (مال جي) پِڙي مدد ڪُستڪ، مدت نها (مُلهه) بها غُصو، غُصه (ڪاوڙ) غُصه دوا، دارون دوا، دارون گُل ڦُل ڦُل پلئه (بدلو) پّلو مُند، موسم مُد ڪونج ڪونج باغ باغ خاص خاص سال سال عام عم برف برف جُد (الڳ) جِتا،جدا ڏار، ٽار، شاخ ٺول، ٺال ٽال زنده (الڳ) زنده چاري چاري سحر (صبح صادق) سّحُور خيال خيال فرصت، واندڪائي وارڪائي ڳڻتي گڙتي سئر (سفر، چڪر) سّل ڌِڪو ڌِڪ گلي، دروازو گلي، دروازه تار تار آرزان (ستو) اڙزان صبح صُحبه رنگ رنگ راست (سڌو) راست ننگ ننگ شِيخ، سِيخ شِيخ، سِيخ تنگ تنگ ڪُلو (پيغام) ڪُلو، پيغام ظاهر ظاهر فقير فخير چاقو (ڇُري) چاقو دوست دوست لشڪر لشڪر دشمن دشمن همعصر هسر جّهٽ (ساعت، گهڙي) جّهٽ هوش هوش دلاسو دلاسه شوق شوق يڪدم يڪدم آهل آهل جڳهه، جاءِ جاڳه لائق لائخ مزو، لطف مِزه، مّزه ڪُنڊ ڪُنڊ ٻڌي جُفت (جوڙو) جُفت پاڪ پاڪ، پهڪ اڪي اڪي طيب طيب گُنگ گُنگو گُنگ آرام آرام مُڱ (دال) مُنگ بِسج بِسج ناز، نخرو ناز، نخره پنڌ پنڌ نماز نماز پيادو (پيادل) پياده مهربان مهروان مهروان خبرچار خبرچار، سماچار ڪاوڙ ڪاوڙ سبق سبق جنگ (لڙائي) جنگ مجبور، لاچار مجبور، لاچار جنگ (ساز) جنگ بخشش بشخيچ، بخش مّنڊو (معذور) منڊ تيمار تيمار حق حق قطار قطار ناحق، ظلم ناحق، ظلم تنوار (آواز) توار رعب تاب رعب تاب تلاءُ تلاءُ خراب خراب ڊوڍو (ماني) ڊوڍو محتاج محتاج پيئي (پٽي) پيٽي ساز ساز رِلهي رِلهي زيب (سونهن) زيب والي (ڪّنّ جي) والي آسودو آسوده ٻانهين (هٿ ۾ پائڻ جي) باهينڪ عالم (دنيا) عالم پاچو (سٿڻ جو) پاچه ديدار ديدار دُنگي يادُنگ (بوتل) دُنگي، دُنگ پالڻ پالينگ ڪُڪُڙ ڪُڪُڙ توب توپ چورو، چوزو چوزه دّم دّم قبرستان، گورستان گورستان، قبرستان گوءِ گو ڦوڙهه (ڀتر) ڦوڊ سخي سخي تيل تيل ٻيڙي (ڪِشتي) ٻيڙي ميٽ ميٽ سزا سزا صابڻ صابڻ تّند (تار) تند پهلو (پاسري) پهلو تعويذ تاويت واڻ (کٽ جو) واڻ کّٽّ کّٽّ سينو سينه دِلو دِلو گڏون (لوٽو) گڏو ٿالهه ٿال ڦڦڙ ڦِڦ عينڪ، چشمو عينڪ، چشمڪ ٻّٻُر (وڻ) بّرُ براهوئي زبان جيڪڏهن ڌارين ٻولين جا الفاظ اخذ نه ڪري ها ته جيڪر اڄ زنده به نه رهي سگهي ها. سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ بلوچستان ۾ وري فارسيءَ جو اثر مٿس نمايان آهي. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ٻين ٻولين وانگر هن زبان ۾ به هزارين انگريزي لفظ شامل ٿي ويا، جيڪي اڄ سوڌو هتان جي سڀني ٻولين ۾ ساڳيائي ڪم اچن ٿا. مثلاً گلاس، ٽڪيٽ، اسٽيشن، ريل، ڪوپ ٽيبل، بسڪوٽ، بوٽ، پالش ۽ سُوٽ وغيره. انگريزي ته پنهنجي ماڳ عربي پڻ ڪافي عرصي تائين هتان جي مروج زبان رهي آهي. انڪري هِن ٻوليءَ جا به ڪئين لفظ اچي ويا آهن، جيئن رب، انسان، قلم، ورق، قلب، طوق، آخرت، ادب، عقل، اصل، بخال (واڻيو) يا بقال، فنا، بقاءِ، ، فنا، بقاءِ، شاهد وغيره. فارسي زبان ته طويل عرصي تائين برصغير جي حڪمران ٻولي رهي آهي، تنهنڪري هتان جي ٻين سڀني ٻولين وانگر براهوئي زبان تي به هن جو خاصو اثر پيو. براهوئي زبان ۾ تونگر، پالش، تمن، سامان، رڪاب، ابريشم، آزاد، ارزان، آسمان، راست، چلم، چهار (چار)، پنج، شش، هفت، هشت، نه، ده وغيره فارسيءَ کان آيل الفاظ آهن. سنڌ جي سدا حيات شاعر،صوفي ۽ بزرگ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جن به هن ٻوليءَ جي ڪيترن اڙانگن لفظن کي پنهنجن سنڌي بيتن ۾ سموهي جس کٽيو آهي. نموني طور هڪ بيت ملاحظه فرمايو: داسا داڪا داڙي، هنداڙي هنام، هُر داس هن حال جي، هتي هوت ڏٺام، پذيري ايندام، پائي پيچ پريت جو.[11] داسا=هاڻي، داڪا = هِتان، داڙي = هِتي، هنداڙي= هِتي، هُر= ڏِس، پذيري = پوءِ..[12]


حوالا[سنواريو]

  1. براھوي at Ethnologue (18th ed., 2015)
  2. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Brahui". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/brah1256. 
  3. 3.0 3.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  4. "A slice of south India in Balochistan". 
  5. "International Journal of Dravidian Linguistics, Volumes 36-37" department of linguistics, University of Kerala
  6. سنڌي ۽ بروھوي زبانن جو تقابلي جائزو؛ عزيزاللہ عزيز بروھي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  7. A. W. Hughes: Balochistan Brahvis, KURGALLI
  8. Sir John MarshallL Mohen-jo- daro Indus Civilization, Vol: I, Preface, P. 5.
  9. A. Wx HughesL Balochistan, CHP Archaeology.
  10. سنڌي ۽ بروھوي زبانن جو تقابلي جائزو؛ عزيزاللہ عزيز بروھي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  11. ) شاهه جو رسالو: مرزا قليچ بيگ، سال 1951ع، فصل 7، ص 357، بيت 2.
  12. سنڌي ۽ بروھوي زبانن جو تقابلي جائزو؛ عزيزاللہ عزيز بروھي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو