مواد ڏانھن هلو

سنگ لاجورد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنگ لاجورد
Lapis lazuli
افغانستان جو لاجورد پنھنجي اصل قدرتي حالت ۾
عام ڄاڻ
قسممعدني پٿر
ڪيميائي فارمولو
( دھرائجندڙ ايڪو )
معدنيات جو مرڪب
قلمي نظام ڪو به نه، ڇوتہ لاجورد پٿر آهي
سڃاڻپ
رنگنيرو, يا واڱڻائي جنھن ۾ ڪيلشيم جا اڇا ۽ ڊائسلفائيڊ جا پيلا چٽا ڏسجڻ ۾ ايندا آهن
ڇڳل مٿاڇرو (معدنياتي علم) کنھرو چنھنبن وارو
موھ واري ماپي تحت سختي5–5.5
چمڪ جھڪو
اسٽريڪ ( پائوڊر جو رنگ)ھلڪو نيرو
مخصوص ڪشش ثقل 2.7–2.9
ريفريڪٽو انڊيڪس (انعطاف نما) 1.5


سنگ لاجورد يا لاجورد پٿر(انگريزي: Lapis lazuli) ليپس ليزيولي ھڪ معدني پٿر جو نالو آهي جنھن جو شمار قيمتي پٿرن ۾ ٿئي ٿو. ھزارين سالن کان وٺي لاجورد بدخشان، افغانستان جي سر سنگ وارين کاڻن ۽ شورڪوگاء جي کاڻن مان ملندڙ آھي ۽ اھو دنيا جو سڀ کان وڌيڪَ عمدو لاجورد آھي.[1] [2] سنڌو ماٿري جي تھذيب (3300–190 ق م) ، مھر ڳڙھ ۽ ڪوھ قاف ۽ ماريطانيا وارين تھذيبن ۾ لاجورد جي مڻين جو استعمال ٿيندو ھيو.[3] لاجورد جو استعمال ٽوٽنخامن جي نقاب (1341–1323 ق م ) ۾ پڻ ٿيل مليو آهي [4] يورپ جي وچولي دؤر جي آخر ۾ لاجورد جي يورپ ۾ برآمد جي پڻ شروعات ٿي جتي ان کي ڪٽي ان جي پائوڊر مان لاجوردي رنگ (ultramarine) ٺاھيو ويو جيڪو نيري رنگ جو ھڪ عمدو قسم ھيو ۽ ان رنگ جو استعمال جاڳرتا واري دؤر ۾ يورپ جي نامور مصورن پنھنجي فن ۾ ڪيو.

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. David Bomford and Ashok Roy, A Closer Look- Colour (2009), National Gallery Company, London, (ISBN 978-1-85709-442-8)
  2. Moorey, Peter Roger (1999). Ancient Mesopotamian Materials and Industries: the Archaeological Evidence. Eisenbrauns. ص. 86–87. ISBN 978-1-57506-042-2.
  3. سانچو:Harvcolnb
  4. Alessandro Bongioanni & Maria Croce