پنجاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پنجاب جو خطو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ــ

پنجاب جو خطو ڀارت ۽ پاڪستان ۾ موجود ڀارتي پنجاب ۽  پاڪستاني پنجاب ۾ منقسم ھڪ خطي جو نالو آھي۔ پنجاب تاريخي طور تي ننڍي کنڊ جي اھم خطن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو۔ پنجاب خطي جي اوڀر ۾ ھماچل پرديش، ھرياڻہ ۽ راجسٿان وغيرہ آھن ، اولھ ۾ پشتونستان ،اتر ۾ ڪشمير ۽ ڏکڻ ۾ سنڌ واقع آھي۔ پنجاب جا ماڻھو محنت ڪش آھن ۔ ھن خطي ۾ فصلن جي وڏي مقدار سامھون ايندي آھي۔ پنجاب جي ٽي ڀاڱي چار مسلم آباد ڪيل سرزمين آھي تنھن ھوندي بہ ھڪ حصو سکن جو آباد ڪيل آھي۔ پنجاب کي وڌيڪ ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي، ھڪ اوڀاريون پنجاب ۽ ٻيو اولاھون پنجاب۔ اوڀاريون پنجاب ننڍو آھي ۽ ڀارت جي ڪنٽرول ۾ آھي ۽ اولاھون پنجاب، پنجاب جو ٽي ڀاڱي چار آھي جيڪو پاڪستان جي قبضي ۽ سيطرت ۾ آھي۔

پڻ ڏسو[سنواريو]

فھرست ھم نالا رياستون ۽ علائقا

تصويرون[سنواريو]