مواد ڏانھن هلو

پاڪستان حڪومت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Government of Pakistan
حکومتِ پاکستان
TypeFederal government
Formationآگسٽ 14, 1947؛ 78 سال اَڳُ (1947-08-14)
Current constitution1973 Pakistani Constitution
Countryسانچو:Country data Islamic Republic of Pakistan
Seat of governmentIslamabad
Official languages
WebsiteOfficial Website
Legislative branch
LegislatureParliament
Upper houseSenate
Upper House Presiding officerChairman of the Senate
Lower houseNational Assembly
Lower House Presiding officerSpeaker of the National Assembly
Meeting placeParliament House
Executive branch
Head of statePresident of Pakistan
Head of governmentPrime Minister of Pakistan
Principal organCabinet
Meeting placeCabinet Secretariat
Ministriesvaries
Responsible toParliament
Judicial branch
CourtSupreme Court of Pakistan
Chief judgeChief Justice of Pakistan

پاڪستان جي حڪومت، آئيني طور "وفاقي حڪومت" جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، عام طور تي "مرڪز" به چيو ويندو آهي، اسلامي جمهوريه پاڪستان، ڏکڻ ايشيا ۾ واقع هڪ وفاقي جمهوريه، جي قومي اٿارٽي آهي. اها چار صوبن؛ سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۽ هڪ وفاقي علائقي تي مشتمل آهي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا علائقا به ملڪ جو حصو آهن، پر الڳ الڳ نظام آهن ۽ وفاق جو حصو نه آهن.

آئين تحت، حڪومت جون ٽي بنيادي شاخون آھن:

  1. مقننه يا قانون ساز، جنھن جا اختيار ھڪ ٻه رڪني پارليامينٽ ۾ ھجن؛
  2. انتظاميه يا ايگزيڪيوٽو، صدر تي مشتمل، ڪابينا جي مدد سان جنهن جي سربراهي وزيراعظم ڪندو آهي ۽
  3. عدليه، سپريم ڪورٽ جي مدد سان هلائي ويندي آهي.[1]

رياست کي سنڀالڻ لاءِ ويسٽ منسٽر نظام (برطانوي) کان متاثر ٿيندي، حڪومت بنيادي طور تي انتظامي، قانون ساز ۽ عدالتي شاخن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سمورا اختيار آئين طرفان پارليامينٽ، وزيراعظم ۽ سپريم ڪورٽ کي ڏنا ويا آهن.[2] انهن شاخن جي اختيارن ۽ فرائض جي پارليامينٽ جي عملن ۽ ترميمن جي ذريعي وڌيڪ وضاحت ڪئي وئي آهي، بشمول انتظامي ادارن، شعبن ۽ عدالتن، جيڪا سپريم ڪورٽ کان گهٽ آهن، جو قيام.[3] آئيني طاقتن ذريعي، صدر آرڊيننس جاري ڪري ٿو ۽ بل پاس ڪري ٿو.

صدر رسمي شخصيت جي حيثيت سان ڪم ڪندو آهي جڏهن ته عوام پاران چونڊيل وزيراعظم، انتظامي شاخ جي چيف ايگزيڪيوٽو طور ڪم ڪندو آهي ۽ وفاقي حڪومت کي هلائڻ جو ذميوار هوندو آهي. هتي هڪ ٻه رڪني پارليامينٽ آهي جنهن ۾ قومي اسيمبلي ايوان زيرين (Lower House) ۽ سينيٽ ايوان بالا (Upper House) آهي. پاڪستان جي حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ بااثر آفيسرن کي وفاقي سيڪريٽري سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي ملڪ ۾ اعليٰ ترين بيوروڪريٽس آهن ۽ ڪابينا سطح جي وزارتن ۽ ڊويزنن کي هلائيندا آهن. عدالتي شاخ منظم طور تي سپريم ڪورٽ، وفاقي شريعت ڪورٽ، پنجن صوبن جون هاءِ ڪورٽون، ضلعي، دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ گرين عدالتن تي مشتمل آهي. سڀ سپريم ڪورٽ کان گهٽ آهن.[4]

ملڪ جو پورو نالو اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي. ٻيو ڪو به نالو آئين ۾ نظر نٿو اچي ۽ اهو ئي نالو آهي جيڪو پئسن تي، معاهدن ۾ ۽ قانوني ڪيسن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. "پاڪستاني حڪومت" يا "پاڪستان جي حڪومت" اڪثر ڪري سرڪاري دستاويزن ۾ استعمال ٿينديون آهن جيڪي مجموعي طور تي وفاقي حڪومت جي نمائندگي ڪن ٿيون.[5] گڏوگڏ، اصطلاح "وفاقي" ۽ "قومي" سرڪاري ادارن يا پروگرام جي نالن ۾ عام طور تي وفاقي حڪومت سان لاڳاپو ظاهر ڪن ٿا. جيئن ته حڪومت جي سيٽ اسلام آباد ۾ آهي، "اسلام آباد" عام طور تي وفاقي حڪومت لاء هڪ لفظ طور استعمال ڪيو ويندو آهي.[6][7][8]

پاڪستان جي حڪومت هڪ وفاقي پارلياماني نظام آهي، جنھن ۾ پاڪستان جو صدر عوام جي بدران پارليامينٽ طرفان چونڊيل آهي. اسلامي جمهوريہ پاڪستان جو سربراھ صدر آهي جيڪو پاڪستان جي هٿياربند فوج جو ڪمانڊر پڻ هوندو آهي. وزيراعظم، جيڪو انتظامي معاملن جو انچارج هوندو آهي، پارلياماني اڪثريت سان چونڊجي ويندو آهي. صدر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ۽ تقرري جا بلڪل مختلف پھلو هوندا آهن ۽ انهن جي عھدي جو ڪو بہ آئيني تعلق نہ هوندو آهي. پاڪستان جو چونڊيل ڪاليج اپر هائوس (سينيٽ)، لوئر هائوس (قومي اسيمبلي) ۽ چار صوبائي اسمبلين تي مشتمل آهي. وزيراعظم عام طور تي ايوان ۾ اڪثريت واري پارٽي سان تعلق رکندو آهي ۽ ملڪ کي هلائيندو آهي ڪابينا جي مدد سان، جيڪا مجلس شوريٰ ٻنهي جي مٿين ۽ هيٺين ايوانن مان چونڊيل آهي. ان کان علاوه، قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر مقبول ووٽ ذريعي چونڊيا وڃن ٿا. وزيراعظم ۽ صدر ان پارٽي مان چونڊيا ويندا آهن جن جا ميمبر يا اميدوار تمام گهڻا ووٽ حاصل ڪري چڪا آهن ۽ باقي پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سيٽون کٽي چڪا آهن، اسپيڪر پڻ اڪثريتي پارٽي مان چونڊيل هوندو آهي. آزاد ۽ جمھوري پارلياماني نظام ۾، اسپيڪر هڪ آزاد اميدوار يا مخالف کان چونڊجي سگهجي ٿو. آزاد اميدوار اهو آهي جنھن هڪ پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن نہ وڙهيو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "About Government". Government of Pakistan. اصل نسخو مان 2007-10-24 تي محفوظ ڪيل. 2009-03-05 تي حاصل ڪيل.
  2. Govt. of Pakistan. "Government of Pakistan". Government of Pakistan. اصل نسخو مان 11 June 2013 تي محفوظ ڪيل. 18 June 2013 تي حاصل ڪيل.
  3. Govt. of Pakistan. "Government of Pakistan". Government of Pakistan. اصل نسخو مان 11 June 2013 تي محفوظ ڪيل. 18 June 2013 تي حاصل ڪيل.
  4. Govt. of Pakistan. "Government of Pakistan". Government of Pakistan. اصل نسخو مان 11 June 2013 تي محفوظ ڪيل. 18 June 2013 تي حاصل ڪيل.
  5. Govt. of Pakistan. "Government of Pakistan". Government of Pakistan. اصل نسخو مان 11 June 2013 تي محفوظ ڪيل. 18 June 2013 تي حاصل ڪيل.
  6. Govt. of Pakistan. "Government of Pakistan". Government of Pakistan. اصل نسخو مان 11 June 2013 تي محفوظ ڪيل. 18 June 2013 تي حاصل ڪيل.
  7. "Government tenure ends marking ten years of democracy in Pakistan". Geo News. اصل نسخو مان 2021-10-07 تي محفوظ ڪيل.
  8. "Here are the highest paid govt departments - The Express Tribune". tribune.com.pk. 17 July 2016.