پاڪستان جي قومي اسيمبلي
National Assembly of Pakistan ایوانِ زیریں پاکستان | |
---|---|
پاڪستان جي 15ھين قومي اسيمبلي | |
![]() | |
قسم | |
قسم | جيڪو مجلس شوريٰ جو حصو آهي |
مدو |
5 سال |
تاريخ | |
نئين اجلاس جي شروعات |
13 آگسٽ 2018 | ع
اڳواڻي | |
ڍانچو | |
![]() | |
سياسي ڌڙا |
حڪومت (179)
پاران سھڪار (1)
مخالف ڌر (17)
|
چونڊون | |
گڏيل رڪن اڪثريتي
| |
ايندڙ چونڊون |
12 آڪٽوبر 2023ع (متوقع) |
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ | |
![]() | |
پارليامينٽ جي عمارت، اسلام آباد | |
ويب سائيٽ | |
دفتري ويب سائيٽ |
پاڪستان جي قومي اسيمبلي (انگريزي: National Assembly of Pakistan)، پاڪستان جي پارليامينٽ جو ھيٺيون ايوان آھي جنھن جون 342 سيٽون آھن جن مان 272 تي سڌي چونڊ اليڪشن ذريعي ٿيندي آهي باقي 70 سيٽون عورتن ۽ مذهبي اقليتن لاء رکيل ھونديون آھن. ھن ايوان جو سربراھ اسپيڪر ھوندو آھي.[1] ھر قومي اسيمبلي پنجن سالن لاءِ جڙندي آهي جنھن جي اھا مدت اسيمبليءَ جي پھرين گڏجاڻي کان شروع ٿيندي آھي جنھنکانپوءِ مدت جي پُڄاڻي ٿيڻ سان پاڻمُرادو ٽُٽي ويندي آهي. آئين جي موجوده پوزيشن مطابق اسيمبلي جي ٽوڙڻ جا اختيار صدر وٽ ناھن رھيا پر وزيراعظم کي ڏنا ويا آهن.
3 اپريل 2022 تي عمران خان صدر پاڪستان کي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو مشورو ڏنو[2] جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي قبول ڪيو ۽ اهڙي طرح 3 اپريل 2022 تي 15هين قومي اسيمبلي ٽوڙي وئي.
پاڪستان جي پھرين آئين ساز اسيمبلي[سنواريو]
پاڪستان جي پھرين پھرين اسيمبلي جو پھريون اجلاس 10 آگسٽ 1947 ۾ ڪراچي جي سنڌ اسيمبلي واري عمارت ۾ ٿيو. 11 آگسٽ تي قائد اعظم محمد علي جناح کي يڪراءِ ان اسيمبلي جو صدر چونڊيو ويو ۽ پاڪستان جي جھنڊي جي بہ رسمي منظوري ڏني وئي.
پاڪستان جي تيرھين قومي اسيمبلي[سنواريو]
پاڪستان جي تيرھين قومي اسيمبلي جي اليڪشن 18 فبروري 2008 ۾ ٿي ۽ اھا اسيمبلي آئين جي آرٽيڪل 52 تحت پنھنجو مدو پورو ڪندي 17 مارچ 2013 تي ٽٽي وئي[3][4].
پاڪستان جي چوڏھين قومي اسيمبلي[سنواريو]
پاڪستان جي چوڏھين قومي اسيمبلي لاء اليڪشن 11 مئي 2013 ۾ ٿي ۽ نون چونڊيل ميمبرن پھرين جون 2013 تي کنيو [5]ھي اسيمبلي 31 مئي 2018 تي پنھنجو مدو پورو ڪري ٽٽي وئي
حوالا[سنواريو]
- ↑ "Pakistan PM loses vital coalition partner as MQM quits". BBC News. 3 January 2011. https://www.bbc.co.uk/news/world-south-asia-12105507. Retrieved 6 June 2013.
- ↑ "Imran Khan advised President Alvi to Dissolve Assembly". 3 April 2022. https://www.indiatoday.in/world/story/imran-khan-no-trust-vote-live-updates-pakistan-assembly-prime-minister-1932844-2022-04-03.
- ↑ "National Assembly Stands Dissolved". The News International. 17 March 2013. Archived from the original on 6 June 2013. https://web.archive.org/web/20130606033120/http://www.thenews.com.pk/article-92561-National-Assembly-stands-dissolved. Retrieved 6 June 2013.
- ↑ Gishkori, Zahid (16 March 2013). "National Assembly Stands Dissolved". The Express Tribune. http://tribune.com.pk/story/521913/national-assembly-stands-dissolved. Retrieved 6 June 2013.
- ↑ "Newly elected Members of National Assembly take oath". The Express Tribune. 1 June 2013. Archived from the original on 5 June 2013. https://web.archive.org/web/20130605172427/http://www.thenews.com.pk/article-103372-Historic-Transition:-Newly-elected-MNAs-take-oath. Retrieved 6 June 2013.