رڍ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رڍ
Domestic sheep
A research flock at U.S. Sheep Experiment Station near Dubois, Idaho
پالتو
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: جانور
تقسم: حبليات
درجو: مئمل
ترتيب: Artiodactyla
خاندان: Bovidae
ذيلي خاندان: Caprinae
نسل: Ovis
جنس: O. aries
حياتياتي نالو
Ovis aries
لني اس، 1758

رڍ گھريلو سطح تي پاليو ويندڙ ھڪ چوپايو جانور آھي، جيڪو جگالي ڪندو آھي. ان کي گوشت، اُنَ ۽ کير جي لاءِ پاليو ويندو آھي. دنيا ۾ رڍن جي پيداوار جو ڪم 11 ھزار قبل مسيح کان شروع ٿيو موجوده دور ۾ رڍن جا 800 کان وڌيڪ قسم ملن ٿا ھي جانور دنيا جي ھر خطي ۾ پاليو وڃي ٿو۔ گرم، ٿڌن، سرسبز يا غيرآباد، جابلو، ريگستاني ۽ دريائي علائقن ۾ ھي جانور ھر جڳھ کي پنھنجو مسڪن بڻائي ڇڏي ٿو۔ دنيا جي 168 ملڪن ۾ ھن کي پاليو وڃي ٿو۔ انھن ملڪن ۾ چين، پاڪستان، ڀارت، عرب ملڪ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، سوڊان، مليشيا ۽ انڊونيشيا شامل آھن ۔08-2007ع جي انگن اکرن مطابق دنيا ۾ 9 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ رڍن جي تعداد ملي ٿي۔ ھي جانور گوشت، ان، کل ۽ کير حاصل ڪرڻ لاءِ نھايت اھم آھي۔