پاڪستان جو قومي ترانو
| English: قومي ترانو | |
|---|---|
| Qaumī Tarānah | |
پاڪستان جو قومي ترانو | |
| Also known as | پاک سرزمین شاد باد سانچو:Translit (English: "پاڪ سرزمين شاد باد") |
| ٻول | ابوالاثر حفيظ جالندھري, جون 1952ع |
| ڌن | احمد غلام علي چاڳلا, 21 آگسٽ 1934ع |
| اختيار ڪيو ويو | 16 آگسٽ 1954ع |
| ٻڌو | |
پاڪستان حڪومت جو سازي وارو نسخو | |
پاڪستان جو قومي ترانو,[lower-alpha 1] جيڪو پنهنجي شروعاتي سٽ "پاڪ سرزمين شاد باد" جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو،[lower-alpha 2] اسلامي جمهوريه پاڪستان جو قومي ترانو آهي. ان جي ڌن احمد غلام علي چاڳلا 1949ع ۾ ترتيب ڏني، جڏهن ته ان جا فارسي رنگ رکندڙ اردو ٻول بعد ۾ ابوالاثر حفيظ جالندھري 1952ع ۾ لکيا. هي ترانو پهريون ڀيرو 13 آگسٽ 1954ع تي ريڊيو پاڪستان تان عوامي طور نشر ڪيو ويو، جنهن کي خود حفيظ جالندھري ڳايو. 16 آگسٽ 1954ع تي پاڪستان جي گهرو معاملن واري وزارت ان کي ڊومينين آف پاڪستان جي سرڪاري قومي تراني طور منظور ڪيو.[1]

سرڪاري منظوري ملڻ کان پوءِ،[2] ساڳئي سال ان جي رڪارڊنگ پاڪستان جي يارهن ڳائڻن گڏجي ڪئي، جن ۾ احمد رشدي پڻ شامل هو.[3] آگسٽ 1954ع تي سرڪاري طور هن تراني کي پاڪستان جي قومي تراني طور اپنايو ويو. ساڳي سال 11 مشهور فنڪارن، احمد رشدي، ڪوڪب جهان، رشيده بيگم، نجم آرا، نسيمه شاهين، زوار حسين، اختر عباس، غلام دستگير، انور ظهير ۽ اختر واسي علي جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.[4]
تاريخ
[سنواريو]1948ع جي شروعات ۾، ڏکڻ آفريڪا جي ٽرانسوال صوبي سان تعلق رکندڙ مسلمان اي. آر. غني، نئين آزاد رياست پاڪستان لاءِ قومي تراني جي شاعر ۽ ڌن ترتيب ڏيندڙ لاءِ پنج، پنج هزار رپين جا ٻه انعام ڏيڻ جي آڇ ڪئي. انهن انعامن جو اعلان جون 1948ع ۾ حڪومت جي هڪ پريس اشتهار ذريعي ڪيو ويو. ڊسمبر 1948ع ۾ پاڪستان جي حڪومت پاڪستان جي سرڪاري قومي تراني جي ڌن ۽ ٻول تيار ڪرڻ لاءِ قومي ترانو ڪميٽي (نيشنل اينٿيم ڪاميٽي، NAC) قائم ڪئي. شروعات ۾ هن ڪميٽيءَ جي صدارت اطلاعات واري سيڪريٽري شيخ محمد اڪرام ڪئي، جڏهن ته ان جي ميمبرن ۾ ڪيترائي سياستدان، شاعر ۽ موسيقار شامل هئا، جن ۾ عبدالرب نشتر، احمد غلام علي چاڳلا ۽ ابوالاثر حفيظ جالندھري شامل هئا.[حوالو گهربل] بهرحال، ڪميٽيءَ کي مناسب ڌن ۽ ٻول چونڊڻ ۾ شروعاتي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.[حوالو گهربل]
جڏهن انڊونيشيا جي صدر سوڪارنو 30 جنوري 1950ع تي پاڪستان جو دورو ڪندڙ پهريون پرڏيهي سربراهه بڻيو، تڏهن پاڪستان وٽ وڄائڻ لاءِ ڪو سرڪاري قومي ترانو موجود نه هو. ساڳئي سال ايران جي شاهه جي امڪاني سرڪاري دوري سبب معاملي ۾ وڌيڪ تڪڙ پيدا ٿي، جنهن تي پاڪستان حڪومت قومي ترانو ڪميٽيءَ کي هدايت ڪئي ته بنا دير رياستي تراني جي منظوري لاءِ مسودو پيش ڪيو وڃي. ان وقت ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير تعليم فضل الرحمان ڪيترن شاعرن ۽ موسيقارن کي ٻول لکڻ لاءِ چيو، پر پيش ڪيل ڪو به متن مناسب نه سمجهيو ويو. ڪميٽي مختلف ڌنن جو پڻ جائزو ورتو ۽ آخرڪار احمد غلام علي چاڳلا جي ترتيب ڏنل ڌن چونڊي ان کي رسمي منظوري لاءِ پيش ڪيو.[5] 21 آگسٽ 1950ع تي پاڪستان جي حڪومت چاڳلا جي ڌن کي قومي تراني لاءِ منظور ڪري ورتو.[6]
هي ڌن ان کان اڳ 3 مئي 1950ع تي وزيراعظم لياقت علي خان جي آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران پڻ وڄائي وئي هئي. 10 آگسٽ 1950ع تي اها قومي ترانو ڪميٽيءَ آڏو پڻ پيش ڪئي وئي.[7] بهرحال، قومي تراني کي سرڪاري حيثيت آگسٽ 1954ع تائين نه ملي.[7] ان دوران قومي ترانو ڪميٽي چونڊيل ڌن جا رڪارڊ مشهور شاعرن ۾ ورهايا، جن جائزي لاءِ سوين گيت پيش ڪيا. آخرڪار ابوالاثر حفيظ جالندھري جا لکيل ٻول منظور ڪيا ويا، ۽ نئون قومي ترانو 13 آگسٽ 1954ع تي پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تان عوامي طور نشر ڪيو ويو، جنهن کي خود حفيظ جالندھري ڳايو.[8] 16 آگسٽ 1954ع تي پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت قومي تراني جي سرڪاري منظوري جو اعلان ڪيو.
قومي تراني جي ڌن ترتيب ڏيندڙ احمد غلام علي چاڳلا 1953ع ۾ وفات ڪري ويو، يعني قومي تراني جي سرڪاري منظوري کان هڪ سال اڳ. 1955ع ۾ قومي تراني جي هڪ گڏيل پيشڪش ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي يارهن نامور ڳائڻن حصو ورتو، جن ۾ احمد رشدي، ڪوڪب جهان، رشيده بيگم، نجم آرا، نسيمه شاهين، ظفر حسين، اختر عباس، غلام دستگير، انور ظهير ۽ اختر واصي علي شامل هئا.[9][10][11]
2021ع ۾ ان وقت جي گهرو وزير فواد چوڌري اعلان ڪيو ته قومي تراني جو سرڪاري نسخو وڌيڪ اعليٰ آواز جي معيار سان ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويندو.[12] هي منصوبو 2022ع ۾ شهباز شريف جي دورِ حڪومت ۾ مڪمل ٿيو.[13] ٻيهر رڪارڊنگ ۾ 155 ڳائڻن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرن حصو ورتو، ۽ اهو نسخو 14 آگسٽ 2022ع تي، جيڪو پاڪستان جي آزاديءَ جي 75هين سالگرهه هئي، جاري ڪيو ويو.[14][15]
ڌن
[سنواريو]قومي ترانو ٽن بندن تي مشتمل هڪ نظم جي موسيقيائي پيشڪش آهي، جنهن جي ڌن مشرقي موسيقي جي بنيادن تي ترتيب ڏنل آهي، پر ان کي اهڙي نموني سان مرتب ڪيو ويو آهي جو ان کي پرڏيهي فوجي بينڊ به آسانيءَ سان وڄائي سگهن. هي ڌن پاڪستاني موسيقار ۽ ڌن ساز احمد غلام علي چاڳلا 1949ع ۾ ترتيب ڏني، جيڪا مشرقي ۽ مغربي موسيقي ٻنهي ۾ سندس مهارت جي عڪاسي ڪري ٿي. عام طور قومي ترانو وڄائڻ لاءِ 21 موسيقي وارا ساز[6] ۽ 38 مختلف سرن (Tones)[6] جو استعمال ڪيو ويندو آهي.[16] قومي تراني کي مڪمل طور وڄائڻ جو مدو عام طور لڳ ڀڳ 80 سيڪنڊ هوندو آهي.[2][6][17]
ٻول
[سنواريو]قومي تراني جا ٻول فارسي رنگ رکندڙ روايتي اردو ۾ ابوالاثر حفيظ جالندھري 1952ع ۾ لکيا. ٽنهي بندن مان ڪنهن به بند کي ٻيهر نه ورجايو ويو آهي.[2] تراني ۾ روايتي اردو استعمال ٿيڻ سبب ان ۾ فارسي شاعراڻي لفظن جي گهڻي ڀرمار آهي.[18] تراني ۾ استعمال ٿيل لفظن مان رڳو **"ڪا"** (کا) اهڙو لفظ آهي، جيڪو فارسيءَ سان گڏيل نه آهي ۽ جنهن جي معنيٰ "جو/جي" آهي.[19]
سرڪاري اردو متن
[سنواريو]| اصل متن (اردو رسم الخط)[11][20] | سنڌي | IPA نقل[lower-alpha 3] |
|---|---|---|
پاک سرزمین شاد باد |
پاڪ سرزمین شاد باد |
[paːk səɾ.zə.miːn ʃaːd baːd ǀ] |
غير سرڪاري سنڌي ترجمو
[سنواريو]| لفظي ترجمو[21] | ادبي ترجمو[22] |
|---|---|
|
برڪت واري هي پاڪ سرزمين، |
هي پاڪ ڌرتي سدائين شاد رهي، |
وقتوار خاڪو
[سنواريو]- 1947ع – پاڪستان جي نئين رياست 14 آگسٽ تي وجود ۾ آئي.
- 1949ع – پاڪستاني موسيقار احمد غلام علي چاڳلا قومي تراني جي ڌن ترتيب ڏني (مدو: 80 سيڪنڊ).
- 1950ع – قومي ترانو، جيڪو ان وقت تائين ٻولن کان سواءِ هو، پهريون ڀيرو 1 مارچ 1950ع تي ڪراچي ۾ ايران جي شاهه جي پاڪستان جي سرڪاري دوري دوران پاڪستان نيوي جي بينڊ پاران وڄايو ويو.
- 1952ع – پاڪستاني شاعر ابوالاثر حفيظ جالندھري جا لکيل ٻول، موصول ٿيل 723 داخلائن مان چونڊيا ويا.
- 1954ع – قومي تراني کي سرڪاري طور منظور ڪيو ويو، ۽ 13 آگسٽ تي پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيو ويو.
- 1955ع – قومي ترانو پاڪستان جي 11 ڳائڻن گڏجي ڳايو، جن ۾ احمد رشدي ۽ شميم بانو شامل هئا.
- 1996ع – پاڪستاني راڪ بينڊ جنون پنهنجي البم انقلاب ۾ پهريون ڀيرو قومي تراني کي برقي گٽار تي پيش ڪيو.
- 2009ع – پاڪستاني موسيقار جهانگير عزيز حيات قومي تراني کي پهريون ڀيرو صوتياتي (Acoustic) سازي واري صورت ۾ پيش ڪيو.
- 2011ع – 14 آگسٽ تي ڪراچي جي هڪ اسٽيڊيم ۾ 5,857 ماڻهو گڏ ٿيا ۽ قومي ترانو گڏجي ڳائي هڪ ئي وقت قومي ترانو ڳائيندڙ ماڻهن جي سڀ کان وڏي اجتماع جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.[23]
- 2012ع – 20 آڪٽوبر تي لاهور جي هڪ اسٽيڊيم ۾ 70,000 ماڻهو گڏ ٿيا ۽ قومي ترانو گڏجي ڳائي هڪ ئي وقت قومي ترانو ڳائڻ جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو، جنهن جي تصديق گنيز عالمي رڪارڊ پاران ڪئي وئي.[24]
- 2017ع – ڪوڪ اسٽوڊيو پنهنجي ڏهين سيزن ۾ پاڪستان جي آزاديءَ جي 70 ساله جشن جي موقعي تي 4 آگسٽ تي مختلف فنڪارن جي گڏيل آواز ۾ قومي ترانو جاري ڪيو.[25][26]
- 2022ع – قومي تراني کي جديد موسيقي جي سازن سان ۽ وڌيڪ اعليٰ آواز جي معيار ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو، ۽ پاڪستان جي آزاديءَ جي 75هين سالگرهه، 14 آگسٽ 2022ع تي جاري ڪيو ويو.[27][28][29][30]
تنازعو
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پاڪستان جو ترانو
پاڪستان جو ترانو دعوا آهي ته پهريون قومي ترانو هو، جيڪو 14 آگسٽ 1947ع تي ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته محمد علي جناح جي درخواست تي جگن ناٿ آزاد اهو ترانو لکيو، پر اهڙي دعوا جي ڪا تاريخي سچائي ثابت نه ٿي آهي. ڄاڻيل تراني کي ڪڏهن پاڪستان جي سرڪاري قومي تراني طور نه اپنايو ويو ۽ پهريون قومي ترانو سرڪاري طور 1950ع ۾ جاري ڪيو ويو.
پڻ ڏسو
[سنواريو]| وڪي وسيلا ۾ پاڪستان جو قومي ترانو جي متعلق وسيط موجود آھي |
نوٽ
[سنواريو]- ↑ قومی ترانہ. Consulate General of Pakistan, Jeddah (اردو ۾). 29 May 2024 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "Information of Pakistan". اصل نسخو مان 26 October 2007 تي محفوظ ڪيل. 31 January 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Death Anniversary of Ahmed Rushdi". Duniya News. اصل نسخو مان 14 January 2016 تي محفوظ ڪيل. 1 September 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Death Anniversary of Ahmed Rushdi". Duniya News. اصل نسخو مان 2016-01-14 تي محفوظ ڪيل. 1 September 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Michael Jamieson Bristow, National-Anthems.org. "Forty National Anthems". اصل نسخو مان 9 May 2006 تي محفوظ ڪيل. 12 April 2006 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 Aqeel Abbas Jafari (2010). Pakistan Chronicle (اردو ۾) (1st ڇاپو). ڪراچي: Wirsa Publishers. ص. 42. ISBN 9789699454004.
- 1 2 "National Anthem". Ministry of Information and Broadcasting, Government of Pakistan. اصل نسخو مان 26 October 2007 تي محفوظ ڪيل. 29 November 2007 تي حاصل ڪيل.
- ↑ National Anthem of Pakistan (2022-08-13). Walled City of Lahore Authority via Twitter.
- ↑ Mazhar Iqbal, Mazhar.dk. "Ahmad Rushdi". http://mazhar.dk/film/singers/ahmadrushdi/ آرڪائيو ڪيا ويا 25 April 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Retrieved 12 April 2006.
- ↑ Minahan, James (23 December 2009). The Complete Guide to National Symbols and Emblems [2 Volumes]. ABC-CLIO. ص. 141. ISBN 9780313344978.
- 1 2 Hang, Xing (2003). Encyclopedia of National Anthems. The Scarecrow Press. ص. 480. ISBN 0-8108-4847-3.
- ↑ Altaf, Arhama (21 April 2021). "Pakistan's National Anthem All Set For Its HD Recording By PTV". BOL News (آمريڪي انگريزي ۾). 14 August 2024 تي حاصل ڪيل. [مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "PM to launch re-recorded national anthem on Independence Day". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2022-08-13. 2022-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "PM to launch re-recorded national anthem on Independence Day". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2022-08-13. 2022-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pakistan National Anthem (Rerecorded) (انگريزي ۾), 2022-08-14 تي حاصل ڪيل
- ↑ Mazhar Iqbal, Mazhar.dk. "National Anthem of Pakistan". اصل نسخو مان 15 April 2006 تي محفوظ ڪيل. 12 April 2006 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Information Ministry, Government of Pakistan. "Basic Facts". اصل نسخو مان 13 April 2006 تي محفوظ ڪيل. 12 April 2006 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Alex Vatanka (28 July 2015). Iran and Pakistan: Security, Diplomacy and American Influence. I.B.Tauris. ص. 14. ISBN 9780857739155.
- ↑ "The national anthem of Pakistan". Dawn. 13 August 2011. 2 May 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ قومی ترانہ [National Anthem of Pakistan]
- ↑ "Indian History Sourcebook: National Anthem of Pakistan". New York, New York: Fordham University. 9 October 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pasha, Muhammad A. English Composition (Part II). Lahore: Command Publications.
- ↑ "Pakistan creates new anthem record". The Express Tribune. 12 August 2011. 1 January 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan reclaims anthem singing record". دي نيوز انٽرنيشنل. اصل نسخو مان 2013-06-16 تي محفوظ ڪيل. 31 January 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rafay Mahmood (4 July 2017). "Exclusive: Coke Studio 10's line-up will leave you starstruck". The Express Tribune. 4 July 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Coke Studio (4 August 2017). "The National Anthem of Pakistan". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2021-12-12 تي محفوظ ڪيل. 4 August 2017 تي حاصل ڪيل – YouTube وسيلي.
- ↑ "Re-recording of the National Anthem set to release on August 14". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2022-08-06. 2022-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pakistan National Anthem (Rerecorded) (انگريزي ۾), 2022-08-14 تي حاصل ڪيل
- ↑ "PM to launch re-recorded national anthem on Independence Day". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2022-08-13. 2022-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Re-recorded National Anthem of Pakistan 🇵🇰 ♥️ 😍 #14august #جشن_آزادی__مبارک (انگريزي ۾), 14 August 2022, 2022-08-20 تي حاصل ڪيل
حوالا
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- پاڪ سرزمين شاد باد – ٻول
- پاڪستان: "قومي ترانو" – قومي تراني جو آواز، معلومات ۽ ٻول (محفوظ ٿيل نسخو)
- Ministry of Information and Broadcasting, Government of Pakistan. "National Anthem". اصل نسخو مان 26 October 2007 تي محفوظ ڪيل. 9 December 2007 تي حاصل ڪيل.
- پاڪستان جو قومي ترانو
- پاڪستان جا قومي گيت
سانچو:National symbols of Pakistan سانچو:Nationalanthemsofasia
- ↑ Urdu: پاکستان کا قومی ترانہ, romanized: Pakistan ka Qomi Taranah, hns
- ↑ Urdu: پاک سرزمین, romanized: Pāk Sarzamīn, hns
- ↑ ڏسو Help:IPA/Hindi and Urdu ۽ هندستاني صوتيات.
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- آواز وارا فائل رکندڙ مضمون
- HAudio مائڪروفارميٽ وارا مضمون
- Articles containing Urdu-language text
- CS1 uses اردو-language script (ur)
- CS1 اردو-language sources (ur)
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from August 2017
- Articles with invalid date parameter in template
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from November 2024
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from October 2026
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- قومي ترانا
- پاڪستان جون قومي علامتون
- پاڪستان جي موسيقي
- پاڪستان جا قومي ترانا
- بي-فليٽ ميجر ۾ موسيقيائي تصنيفون
- پاڪستان جي ثقافت
- 1952ع جا گيت
- پاڪستان جو قومي ترانو
- پاڪستاني ثقافت
- ايشائي قومي ترانا
- ملڪن جا قومي ترانا
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
