نوريئڙو
| نوريئڙو | |
|---|---|
| وڻ تي ميوو کائيندي | |
| سائنسي درجا بندي | |
| جنس: | Template:Taxonomy/فنامبولس{. پالمئروم |
| حياتياتي نالو | |
| فنامبولس پالمئروم (ڪارل لينيوئس, 1766) | |
| نمبر شمار | سنڌي نالو | انگريزي نالو | سائينسي نالو |
|---|---|---|---|
| 1 | نوريئڙو |
اسڪئرل |
فنامبولس پينانٽي |
نوريئڙو (انگريزي: Squirrel؛ اردو: گلهري) هن جا ڪن هنڌن تي ٻيا نالا، مثلن مشونگڙو، ڳالهڙ، کلڪڙي يا کلڪوڙي ۽ گلوري وغيره، آهن. هن پٽاپٽي نوريئڙي جي پٽي تي پنج ڪاريون سريون ۽ اڇيون پٽيون هونديون آهن. پيٽ اڇو ۽ پڇ ٿلهو بجر هوندو اٿس. عام طور تي وڻن تي باغن ۾ ڊوڙندو نظر ايندو آهي. هي وڻن تي رهي ميوا، ٻج، ڦريون ۽ گونچ کائيندو آهي. اُڀي وڻ تان منهن هيٺ ڪري سڌو ئي سڌو عمودي لاهي لهي چڙهي ويندو آهي. سياري ۾ اُس به سيڪيندو آهي. وڻن جي شاخن تي تيلن، ڪپھ ۽ اڳڙين سان وڏو پر جهڙو تهڙو بي ڊولوآکيرو ٺاهيندو آهي.
جسم جي بناوٽ ۽ کاڌ ۽ خوراڪ
[سنواريو]هن پٽاپٽي نوريئڙي جي پٽي تي پنج ڪاريون سريون ۽ اڇيون پٽيون هونديون آهن. پيٽ اڇو ۽ پڇ ٿلهو بجر هوندو اٿس. عام طور تي وڻن تي باغن ۾ ڊوڙندو نظر ايندو آهي. هي وڻن تي رهي ميوا، ٻج، ڦريون ۽ گونچ کائيندو آهي. اُڀي وڻ تان منهن هيٺ ڪري سڌو ئي سڌو عمودي لاهي لهي چڙهي ويندو آهي. سياري ۾ اُس به سيڪيندو آهي. وڻن جي شاخن تي تيلن، ڪپھ ۽ اڳڙين سان وڏو پر جهڙو تهڙو بي ڊولوآکيرو ٺاهيندو آهي.
نسل جي واڌويجھ
[سنواريو]مادي ٽن کان چار ٻچا ڏيندي آهي. مادي 34 ڏينهن پيٽ سان رهندي آهي. سرءُ جي مُند ۾ ٻچا ڄڻيندي آهي. 10 مهينن ۾ ٻچو بالغ ٿي ويندو آهي. نوريئڙي جي سراسري ڄمار ساڍا پنج سال هوندي آهي.
نوريئڙي جو آواز
[سنواريو]- نوريئڙي جو آواز
گيلري
[سنواريو]- نوريئڙو کائيندي
- نورئيڙو ميوو کائيندي
- نوريئڙي جا ٻچا
حوالا
[سنواريو]- ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.