اسڪردو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسڪردو

  • اسڪردو
  • སྐར་མདོ
شھر
شنگريلا رزارٽ. ھي تصوير 2015 ۾ وڪيپيڊيا جي وڪي ڪامن ڌرتي سان پيار واري مقابلي ۾ پھريون نمبر آئي
شنگريلا رزارٽ. ھي تصوير 2015 ۾ وڪيپيڊيا جي وڪي ڪامن ڌرتي سان پيار واري مقابلي ۾ پھريون نمبر آئي
اسڪردو is located in Gilgit Baltistan
اسڪردو
اسڪردو
اسڪردو is located in Pakistan
اسڪردو
اسڪردو
قراقرم جي خطي ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 35°17′25″N 75°38′40″E / 35.29028°N 75.64444°E / 35.29028; 75.64444مڪانيت: 35°17′25″N 75°38′40″E / 35.29028°N 75.64444°E / 35.29028; 75.64444
ملڪ  پاڪستان
انتظامي صوبو [[Image:|22x20px|border |link=]] گلگت-بلتستان
بلندي 2,228 ميل (7,310 ft)
آبادي

اسڪردو(انگريزي: Skardu) پاڪستانجي انتظامي صوبي گلگت بلتستان جي بلتستان ڊويزن جي اسڪردو ضلعي جو شھر جيڪو اسڪردو ضلعي ۽ بلتستان ڊويزن جو صدر مقام آهي. اسڪردو نالو سان وادي لڳ ڀڳ 10 ڪلوميٽر ڪشادي آھي جنھن ۾ درياء سنڌ ۽ درياء شگر جي سنگم لڳ ھي شھر اڏيل آھي. ھي شھر 2500 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي. ھي شھر قراقرم جبلن جي قطار ۾ واقع اٺ ھزاري جو واحد رستو آهي. اسڪردو جي ڀر ۾ درياء سنڌ قراقرم جبلن ۽ ھماليہ جبلن کي ورھائي ڌار ڪندي وھي ٿو.[1]

اسڪردو جو نالو[سنواريو]

لفظ اسڪردوبلتي ٻولي جو لفظ سمجھيو وڃي ٿو جنھن جي معني آهي ٻن اوچن مقامن وچ ۾ ھيٺاھين زمين[2] اھي ٻہ اوچا مقام شگر شھر ۽ سدپارا ڍنڍ(انگريزي: Satpara Lake) جو حوالو آھن.[2]

اسڪردو جي تاريخ[سنواريو]

تاريخ جي ڪتابن ۾ اسڪردو جو ذڪر ماضي ۾ سورھين صدي تائين ملي ٿو. مرزا حيدر (1499–1551) ان جو ذڪر تاريخ راشدي بلتستان ۾ بلتستان جي ضلعي طور ڪيو آھي. يورپي لکڻين ۾ اسڪردو جو سڀ کان اول ذڪر فرانس جيفرينڪوئس برنيئر (1625–1688) پنھنجي لکڻي ۾ بطور اسڪردو شھر ڪيو آهي جنھن بعد يورپين جي ٺاھيل ايشيائي نقشن ۾ ان جي مقام کي ان نالي سان ظاھر ڪرڻ جي شروعات ٿي.

قديم تاريخ[سنواريو]

منٿل ٻڌ وارو پٿر ٻڌ دؤر جي عڪاسي ڪري ٿو
ديئوسائي علائقو 4114 ميٽرن جي بلندي تي[3]جتي ھاڻي ديئوسائي نيشنل پارڪ واقع آهي

اسڪردو جو خطو ستين صدي عيسويءَ ۾ سانگزئن گنبو(انگريزي: Songtsen Gampo) جي دؤر ۾ تبتي ايمپائر واري ٻڌن جي تھذيب جو حصو رھيو .[2]تبتي تانتري لکڻيون نائين صديءَ تائين سموري بلتستان ۾ ملندڙ ھيون. [2]ھن خطي جي وچ ايشيا جي ڀرسان واقع ھجڻ جي ڪري اسڪردو ڪشغر جي ويجھو رھندڙ قبيلن سان ڳنڍيل رھيو. اھو علائقو ھاڻي چين جو حصو آهي جنھن کي ژنجيانگ صوبو سڏين ٿا.[4]نائين ۽ ڏھين صدي عيسويءَ ۾ بلتستان ان تبتي علائقن کان الڳ ٿي ويو ۽ ترڪ نسل جي مقپون خاندان جي حڪمراني ۾ اچي ويو.[2]روايتن جي مطابق ان خاندان جو ابراھيم شاھ ڪشمير مان لڏي اتي اچي ھڪ مقامي شھزادي سان شادي ڪئي ۽ پوء ان خاندان جي حڪمراني جو بنياد وڌو.[2]

مقپن خاندان جي حڪمراني[سنواريو]

اسڪردو جو بنياد 1500 عيسويءَ ۾ درياء سنڌ ۽ درياء شگر جي سنگم لڳ پيو

1500 ۾ مقپن بوکا اسڪردو جو بنياد وجھي ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.[2]ان دؤر ۾ ئي اسڪردو وارو قلعو ٺھيو.[2] مقپن بوکا بادشاھ ھن خطي جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪشمير ۽ چيلاس مان ھنرمند ڪاريگر گھرائي آباد ڪرايا.[2] ان جي ڀيٽ ۾ گلگت جو خطو تبتي اثر مان نڪري ويو باقي لداخ جي ويجھو وقوع جي ڪري بلتستان پوء بہ ان کان اثر وٺندو رهيو.[5]سک جو خيال آهي تہ سک ازم جو باني گرو نانڪ 1510 کان 1515 جي وچ ۾ ٻئين اداسي سفر ۾ ھن شھر آيو ھيو[6]

مغلن جو دؤر[سنواريو]

سورھين صدي عيسويءَ۾ تيموري يارڪينٽ خانيٽ جي سلطان سعيد خان اسڪردو ۽ بلتستان ۾ گھري آيو ھو.[7] سلطان سعيد خان جي ان حملي دھلي جي مغل بادشاھت جو ڌيان ڇڪايو ۽ 1586 ۾ اڪبر اعظم بلتستان فتح ڪيو.[4]مقامي ميقپن حاڪمن مغلن سان وفاداري جو انجام ڪيو ۽ انھن کي ننڍڙي تبت جا حاڪم سڏيو ويو.[8]شاھجھان جي دؤر م وري مغل فوج ظفر خان جي قيادت ۾ ھن علائقي ۾ داخل ٿي 1634 کان 1636 تائين ھن علائقي ۾ آدم خان ۽ سندس ڀاءُ عبداخان جي وچ ۾ تخت تي ويھڻ جي جھڳڙي نبيرڻ لاء ترسي.جنھن بعد ھي خاندان مڪمل مغلن جي ڪنٽرول ۾ رھيو .[9]مغلن پنھنجي بادشاھت ۾ بلتستان جھڙن غير اھم علائقن ۾ فوج موڪلي ان طريقي سان پنھنجي خزاني جي ٽجوڙيءَ ۾ دولت جو اضافو ڪرڻ جي اھليت رکندا هئا. [10]

ڊوگر خاندان جو راڄ[سنواريو]

1839 ۾ وانڪو لڪ(انگريزي: Wanko Pass) ۽ ٿاڻو ڪن واري ميداني علائقن وارين جنگن ۾ ڊوگرن واري سپھ سالار زورآور سنگھ ڪھلوريا بلتي فوج کي شڪست ڏئي اسڪردو جي وادي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رستو صاف ڪيو،[11] ۽ اسڪردو جو قلعو جمو جي ڊوگر شاھي خاندان پاران قبضي ۾ ڪيو. [12]سنگھ جي فوج قلعي جي گيريزن جي معافظ فوجين جو قتل عام ڪيو ۽ بلتي سردارن کي عام ماڻهن سامھون مارڪٽ ڪئي.[13]1841 ۾ ڊوگرن جي فوج تبت فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شڪست کاڌائون، لداخ وارن بہ بغاوت ڪئي .[14]بلتين بہ راجا آحمد شاھ جي قيادت ۾ بغاوت ڪئي ۽ مھاراجا گلاب سنگھ ڊوگر پنھنجي سپھ سالار وزير لکپت کي اسڪردو ٻيهر قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو .[14] بلتين جي حاڪم کي مھاراجا ڊوگر کي سالياني خراج ادا ڪرڻ مجبور ڪيو ويو.[14]اھڙي طرح محمد شاھ ھتان جو ڊوگرا حاڪمن پاران راجا ٿيو.[14] پر اصل اختيار ڊوگرن جي فوجي ڪمانڊر وٽ ھيا جيڪي 1851 تائين جاري رھيا جڏهن ڪيدارو ٿاڻيدار کي بلتستان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو..[14]ان وقت ڪرگل ۽ اسڪردو تي گڏائي ھلايو ويندو هو[14] بعد ۾ لداخ جي ضلعي کي بہ بلتستان ۾ شامل ڪيو ويو. اسڪردو کي بلتستان جو سياري جو ۽ ليھ اونھاري جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. [14]مھتا منگل جي انتظامي سربراھي واري دؤر ۾ 1875 کان 1885 تائين اسڪردو جو صدر مقام رنڀير ڳڙھ ۾ ٺاھيو ويو ء ڪيتريون ئي ٻيون سرڪاري عمارتون ٺاھيون ويون.[14] سکن کي اسڪردو ۾ آباد ڪري اتي واپاري فرم برپا ڪيا ويا. [14]سک آبادي کي اسڪردو، شگر، ۽ کپلو ۾ آباد ڪري ان کي معاشي طور اسرڻ ۾ مدد ڪئي وئي. [14]

1947 ۽ 1948 جي ڪشمير واري جنگ[سنواريو]

موجوده اسڪردو

ھندوستان جي ورھاڱي کان پوءِ 22 آڪٽوبر 1947 تي مھاراجا ھري سنگھ ڊوگر جيئن ئي انڊيا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو تہ قبائلي ماڻھن ڊوگر جي ان فيصلي خلاف نڪري آيا ۽ مزاحمت شروع ڪئي[15]پھرين نومبر 1947 تي گلگت اسڪائوٽن بغاوت ڪري گلگت ايجنسي پاڪستان ۾ شامل ڪرائي.[16] پاڪستاني فوج جي برگيڊيئر اسلم خان گلگت اسڪائوٽن جي ڪمان سنڀالي ورتي ۽ 600 مقامي ماڻھن کي ڀرتي ڪري ھڪ فورس تيار ڪري ان کي منظم ڪري انڊيا جي قبضي ۾ آيل علائقن تي حملا شروع ڪيا .[17]اسڪردو کي ھنن اھم نشانو بڻايو ان لاءِ جو اتان ئي گلگت کي خطرو ھيو. [18]ٻئي طرف اسڪردو واري گيريزن جو دفاع ڇھين جمون ڪشمير رياستي فوج ڪرنل شير جنگ ٿاپا جي ڪمان ۾ ڪري رھي ھئي. [19]شروع وارو حملو پسپا ڪيو ويو پر بعد ۾ شھر قبائلي فوج جي ھٿن ۾ اچي ويو .[19] اسڪردو گيريزن ڇھ مھينا ۽ ٽي ڏينھن ٿاپا۽ سندس فوج جي قبضي ۾ رھي نيٺ 14 آگسٽ 1948 ۾ ٿاپا فوج سميت پيش ٿيو .[19][20][21]

اسڪردو جي جاگرافي[سنواريو]

اسڪردو جي ڪٽپانا ڍنڍ

ٽوپوگرافي[سنواريو]

اسڪردو سمنڊ جي سطح کان 2230 ميٽرن جي الٽيٽيوڊ تي واقع آهي جڏهن تہ ان جي چوڌاري جبلن جون چوٽيون سامونڊي سطح کان 4500 کان 5800 ميٽرن تائين بلند آھن.[22]ھتي دنيا جا وڏا گليشيئر پڻ واقع آھن جن ۾ بالتورو گليشيئر، بيافو گليشيئر ۽ چاغو لنگما گليشيئر شامل آهن.[22] دنيا جي ٻين وڏي جابلو چوٽي ڪي 2 پڻ ھن علائقي ۾ واقع آهي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 8611 ميٽر بلند آھي. ان کان علاوه گاشربرم (8068 ميٽر)، مشابرم (7821 ميٽر) [22] ديئوسائي نيشنل پارڪ، نانگا پربت(8126 ميٽر) پڻ ھن علائقي ۾ واقع آهي 8٬126 ميٽر (26٬660 فٽ) [22]

اسڪردو ھڪ وڏي وادي ۾ واقع آهي.

اسڪردو جي وادي درياء سنڌ ۽ درياء شگر جي سنگم وٽ 10 ڪلوميٽر وهڪري ۽ 40 ڪلوميٽر ڊگھي آھي.

اسڪردو جي آبھوا[سنواريو]

ھتي جا واريءَ جا دڙا اڪثر برف ھيٺان ڍڪيل ھوندا آھن.

ڪوپن واري موسمي درجابندي مطابق اسڪردو جي موسم تمام ٿڌي آھي. اونھاري ۾ وچولي ٿڌ ھوندي آھي. ھتي ھيٺاھين ميدانن جي شديد گرمي ۽ چوماسي وارين برساتن جي پھچ ڪانھي ڇوتہ جبل انھن کي روڪي رکندا آهن. ساڳين جبلن جي ڪري ھتي سياري ۾ شديد سردي ٿيندي آهي. اپريل کان آڪٽوبر تائين ھتي سياحت واري موسم ھوندي آھي. انھن مھينن ۾ ھتي جو گرمي پد 27 سينٽي گريڊ کان 8 سينٽي گريڊ تائين گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي. سياري ۾ گرمي جو پد 10-سينٽي گريڊ تائين ايندو آھي. ھتي وڌ کان وڌ سردي جو رڪارڊ 7 جنوري 1995 جو آھي جو ان تاريخ تي گرمي پد 24- سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو ھيو آھي.[23]

موسمي رڪارڊ :
اسڪردو
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 13.9
(57)
16.7
(62.1)
24.0
(75.2)
28
(82)
34.4
(93.9)
40.0
(104)
41.0
(105.8)
41.0
(105.8)
38.2
(100.8)
31.2
(88.2)
22.9
(73.2)
16.2
(61.2)
41.0
(105.8)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
3.2
(37.8)
6.1
(43)
12.4
(54.3)
18.8
(65.8)
23.4
(74.1)
28.7
(83.7)
31.6
(88.9)
31.2
(88.2)
27.2
(81)
20.4
(68.7)
13.2
(55.8)
6.5
(43.7)
14.9
(58.8)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
−8.0
(17.6)
−4.4
(24.1)
1.5
(34.7)
6.6
(43.9)
9.7
(49.5)
13.4
(56.1)
16.4
(61.5)
16.0
(60.8)
11.4
(52.5)
4.3
(39.7)
−1.9
(28.6)
−5.6
(21.9)
4.1
(39.4)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−25.1
(−13.2)
−21.1
(−6)
−13.5
(7.7)
−2.1
(28.2)
0.4
(32.7)
4.0
(39.2)
7.5
(45.5)
7.0
(44.6)
2.6
(36.7)
−4.2
(24.4)
−9.5
(14.9)
−18.2
(−0.8)
−25.1
(−13.2)
سراسري بارش

mm (inches)

27.5
(1.083)
25.9
(1.02)
36.9
(1.453)
31.3
(1.232)
25.3
(0.996)
9.0
(0.354)
9.8
(0.386)
12.2
(0.48)
9.3
(0.366)
7.3
(0.287)
5.6
(0.22)
16.3
(0.642)
172.7
(6.799)
نسبتي گھم جي سراسري

(%) (at 17:00 PST)

64.3 52.0 34.9 25.6 24.6 22.3 27.3 30.7 29.9 31.2 36.6 56.2 29.6
Source: پاڪستان موسمياتي کاتو [23]

ارضيات[سنواريو]

اسڪردو بالتورو گليشيئر جي لڳ واقع آهي.

اسڪردو ڪوھستان-لداخ واري خطي ۾ واقع آهي[22] ھن علائقي ۾ زمين جي ڌڏڻ جو عمل ٻين چوڌاري واقع خطن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آھي. [22] ھتان جو پٿر جي ريڊيو ميٽرڪ عمر پوڻا چار ڪروڙ کان ساڍا ڏھ ڪروڙ سال آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. Skardu, District. "Skardu District". www.skardu.pk. Skardu.pk. حاصل ڪيل 23 November 2016. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 Dani, The Western Himalayan States 1998, p. 220
  3. Ahmed, M., "Interdependence of Biodiversity, Applied Ethnobotony and Conservation", ۾ Münir Öztürk; Khalid Rehman Hakeem; I. Faridah-Hanum; Recep Efe, Climate Change Impacts on High -Altitude Ecosystems, Springer, صفحو. 456, ISBN 978-3-319-12859-7  line feed character in |title= at position 31 (مدد)
  4. 4.0 4.1 Dani, The Western Himalayan States 1998, p. 219
  5. {Dani, The Western Himalayan States|1998|p=221}
  6. Gandhi, Surjit Singh (2007). History of Sikh Gurus Retold: 1469-1606 C.E. Atlantic Publishers & Dist. ISBN 9788126908578. https://books.google.com/books?id=qw7-kUkHA_0C&pg=PA107&dq=skardu+sikh. 
  7. Adshead, S. A. M. (2016-07-27) (en ۾). Central Asia in World History. Springer. ISBN 9781349226245. https://books.google.com/books?id=tvu-DAAAQBAJ&pg=PA144&lpg=PA144&dq=timurid+baltistan&source=bl&ots=e5BBITRzre&sig=ez7myRk4OGnataUE1UF-yFqZ_fw&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjljsjL4_LYAhVD9GMKHbXfBz8Q6AEIRzAK#v=onepage&q=timurid%20baltistan&f=false. 
  8. "Vacations, Holiday, Travel, Climbing, Trekking". Skardu.pk. حاصل ڪيل 6 September 2015. 
  9. International Association for Tibetan Studies (2006-01-01). Tibetan Borderlands: PIATS 2003 : Tibetan Studies : Proceedings of the Tenth Seminar of the International Association for Tibetan Studies, Oxford, 2003. Brill. ISBN 9789004154827. https://books.google.com/books?id=SB9mAAAAMAAJ&q=baltistan+shah+jahan&dq=baltistan+shah+jahan&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiK0qjX5_LYAhUWz2MKHbmGAXgQ6AEIQzAF. 
  10. Dale, Stephen F. (2009-12-24). The Muslim Empires of the Ottomans, Safavids, and Mughals. Cambridge University Press. ISBN 9781316184394. https://books.google.com/books?id=vNmaBAAAQBAJ&pg=PT309&dq=baltistan+shah+jahan&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiK0qjX5_LYAhUWz2MKHbmGAXgQ6AEITjAI#v=onepage&q=baltistan%20shah%20jahan&f=false. 
  11. Kaul, Shridhar; Kaul, H. N. (1992). Ladakh Through the Ages, Towards a New Identity. Indus Publishing. ISBN 9788185182759. https://books.google.com/books?id=8J3YdskW00sC&pg=PA75&lpg=PA75&dq=dogra+skardu. 
  12. Pirumshoev & Dani, The Pamirs, Badakhshan and the Trans-Pamir States 2003245.
  13. Charak, Sukhdev Singh (2016-09-08). GENERAL ZORAWAR SINGH. New Delhi: Publications Division, Ministry of Information & Broadcasting. ISBN 9788123026480. https://books.google.com/books?id=_qk-DwAAQBAJ&pg=PT49&dq=skardu+zorawar. 
  14. 14.00 14.01 14.02 14.03 14.04 14.05 14.06 14.07 14.08 14.09 Kaul, H. N. (1998). Rediscovery of Ladakh. Indus Publishing. ISBN 9788173870866. https://books.google.com/books?id=mg8My6WaWRcC&pg=PA79&lpg=PA79&dq=dogra+rebellion+baltistan. 
  15. Nawaz, Shuja, "The First Kashmir War Revisited", India Review (2): 115–154, doi:10.1080/14736480802055455, (رڪنيت گهربل (help)) 
  16. Schofield 200363-64.
  17. Dani, History of Northern Areas of Pakistan & 2001 362–.
  18. Brown, Gilgit Rebellion 2014268.
  19. 19.0 19.1 19.2 Francis, J. (2013-08-30) (en ۾). Short Stories from the History of the Indian Army Since August 1947. Vij Books India Pvt Ltd. ISBN 9789382652175. https://books.google.com/books?id=rotnAgAAQBAJ&pg=PA26&lpg=PA26&dq=skardu+history&source=bl&ots=pcCFdHLYnR&sig=vGG4xTrggzaQYK0ZTG3XZ7966qI&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwi-zOjB4PLYAhVD-GMKHUNDBaY4ChDoAQhjMA0#v=onepage&q=skardu%20history&f=false. 
  20. Harbans Singh, Spare a thought for those defenders of Skardu, The Tribune, 19 August 2015.
  21. Cheema, Brig Amar, The Crimson Chinar: The Kashmir Conflict: A Politico Military Perspective, Lancer Publishers, صفحا. 51–, ISBN 978-81-7062-301-4 
  22. 22.0 22.1 22.2 22.3 22.4 22.5 Schroder Jr, John F. (2002). Himalaya to the Sea: Geology, Geomorphology and the Quaternary. Routledge. ISBN 9781134919772. https://books.google.com/books?id=AfWJAgAAQBAJ&pg=PA60&dq=skardu. 
  23. 23.0 23.1 "Skardu Climate Data". web.archive.org. وقت 13 June 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 February 2014.