مواد ڏانھن هلو

اٽڪ

اٽڪ شھر

اٽڪ

ڪيمبل پور(انگريزي: Campbell Pur)
اٽڪ جو قلعو
اٽڪ شھر is located in پاڪستان
اٽڪ شھر
اٽڪ شھر
اٽڪ شھر is located in ايشيا
اٽڪ شھر
اٽڪ شھر
Coordinates: 33°46′0″N 72°22′0″E / 33.76667°N 72.36667°E / 33.76667; 72.36667
ملڪ پاڪستان
صوبو پنجاب، پاڪستان
قيام1904
ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو1978
حڪومت
• ميئرملڪ طاھر اعواڻ (پي ايم ايل-اين )
• ڊپٽي ميئرشيخ آفتاب احمد
وقتي علائقوUTC5 (پاڪستان جو معياري وقت)
پوسٽل ڪوڊ
43600
ڊائلنگ ڪوڍ057
ويب سائيٽwww.attockonians.com

اٽڪ (انگريزي: Attock) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو هڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان ھڪ ضلعي جو صدر مقام آهي جنهن جو پراڻو نالو ڪيمبل پور(انگريزي: Campbell Pur) آھي [1] ھي شھر اتر پنجاب ۾ اسلام آباد کان ٿوري فاصلي تي واقع آهي. شھر جو بنياد 1908 ۾ پراڻي شھر اٽڪ خورد کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي رکيو ويو.[2]پراڻو شھر مغل بادشاه اڪبر اعظم سورھين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪيو. [3] نئين شھر کي ڪرنل ڪيمپبيل جو نالو ڏنو ويو جيڪو قيام پاڪستان بعد تبديل ڪري اٽڪ شھر رکيو ويو.[4]انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق: ضلعي ڪيمبلپور جو نئون نالو، جيڪو 1978ع ۾ رکيو ويو. هيءُ پنجاب جي اترئين حصي جو هڪ نهايت اهم هنڌ آهي، -جتي- سنڌو درياءُ ۽ ڪابل درياءُ ڪُنڊيالي ماڳ وٽ اچي گڏجن ٿا ۽ ٻن رنگن جو ڌار ڌار -پاڻي- وهندو نظر اچي ٿو. هتي 1581ع ۾ شهنشاهه اڪبر هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. اڳ ۾ سنڌو درياءَ کي هن گهيڙ وٽان -پار- ڪيو ويندو هو. هتي ٻيڙين جي پل هوندي هئي. هيءُ ماڳ هن وقت به تاريخي حيثيت رکي ٿو. هن جڳهه کي ’دارالهند‘ به چوندا هئا، پر پوءِ -اٽڪ- ئي عام لنگهه ٿي ويو. جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ’ريدڪ يا رنڊڪ‘ سنڌوءَ جو وهڪرو -افغانستان- کان ايندڙ لشڪرين آڏو قدرتي ۽ مستقل ’-اٽڪ-‘ بڻجي ٿو. -ان- ئي سبب کان هتي مستقل فوجي ڇانوڻي ٺهي جنهن جي چوڌاري هوريان هوريان شهر -آباد- ٿي ويو. هتي درياءَ تي هڪ نهايت مضبوط لوهي ريلوي پل آهي. هن شهر ۾ ٻاجهريءَ ۽ ڪڻڪ جي زرعي منڊي آهي. هتي هيلي ڪاپٽر ۽ مِراج جهازن جي مرمت وغيره جو اڏو پڻ آهي، جيڪو 1978ع ۾ قائم ٿيو هو.[5]

حوالا

[سنواريو]
  1. Shackle, Christopher (1980). "Hindko in Kohat and Peshawar". Bulletin of the School of Oriental and African Studies 43 (3): 482. doi:10.1017/S0041977X00137401. ISSN 0041-977X. http://www.journals.cambridge.org/abstract_S0041977X00137401. Retrieved 2018-11-25. آرڪائيو ڪيا ويا 2019-12-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. Pike, John. city.htm "Attock City Cantonment". www.globalsecurity.org (انگريزي ۾). 2018-03-09 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Check |url= value (مدد)
  3. Everett-Heath, John (2017-12-07). The Concise Dictionary of World Place Names (انگريزي ۾). Oxford University Press. ISBN 9780192556462.
  4. Everett-Heath, John (2017-12-07). city%20campbell&f=false The Concise Dictionary of World Place Names (انگريزي ۾). Oxford University Press. ISBN 9780192556462. {{cite book}}: Check |url= value (مدد)
  5. اٽڪ : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-09 تي محفوظ ڪيل, 2019-12-17 تي حاصل ڪيل