قافيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو

قافيو (Rhyme) شعر جي ھر بند جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳئي وزن وارو لفظ، مختلف معنيٰ سان، رديف کان اک ڪم ايندو آهي. جيئن تہ: ظلم ايڏو تہ چشم يار نہ ڪر، قتل ھڪ وار سان ھزار نہ ڪر، هن شعر ۾ يار ۽ هزار قافيو آهي. قافيي جو پويون اکر جيڪو وري وري اچي ٿو تنھن کي ”حرک روي“ چئبو آهي. مٿين ڏنل مصرعن ۾ ”ر“ اکر روي آھي. ڇاڪاڻ تہ ٻنھي مصرعن جي قافين جي آخر ۾ رديف ”نہ ڪر“ کان اڳ آيو آهي، ۽ قافيہ جو مدار ان تي آهي. سنڌي بيت ۾ قافيو ڪڏهن بيت جي پھرين سٽ ۾ ايندو بہ آهي، پر بيت جي آخري سٽ ۾ لازمي طرح وچ ۾ ايندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.