محمد عثمان ڏيپلائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
محمد عثمان ڏيپلائي
پيدائش جون 13 1908(1908-06-13)ء
ڏيپلو، ٿر پارڪر ضلعو، سنڌ، برطانوي ھندستان (ھاڻوڪو پاڪستان)
وفات فيبروري 07 1981(1981-02-07)ء
قلمي نالو محمد عثمان ڏيپلائي
ڌنڌو ناول نگار، افسانہ نگار، صحافي ، ڊراما نويس، مترجم
ٻولي سنڌي ٻولي، اردو
شهريت Flag of Pakistan.svg پاڪستان پاڪستاني
مُکيه ڪم سانگھڙ
گلستان حسن
اسلام تي مقدمو
گمراھ مسافر
مجاھد ڪشمرر
بلبل ايران
ايوارڊ صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي

محمد عثمان ڏيپلائي (Muhammad Usman Diplai)) (پيدائش: 13 جون، 1908ع - وفات: 7 فيبروري، 1981ع) پاڪستان سان لاڳاپو رکندڙ سنڌي ۽ اردو جو مشھور ناول نگار، افسانہ نگار، ترجميڪار، ڊراما نويس ۽ صحافي ھو، جنھن سنڌي ٻولي ۾ جڳ مشهور ناول سانگھڙ لکيو۔

زندگي[سنواريو]

محمد عثمان ڏيپلائي 13 جون، 1908ع تي ڏيپلو، ٿرپارڪر ضلعي، سنڌ، برطانوی ھندستان, (ھاڻوڪي پاڪستان) ۾ پيدا ٿيا.[1][2]۔ ھو ڪنھن درسگاھ جو فارغ التحصیل نه ھو پر ننڍپڻ کان ئي ھن کي علم حاصل ڪرڻ جي لگن ھئي۔[2]

ادبي خدمتون[سنواريو]

محمد عثمان ڏيپلائي ننڍپڻ کان ئي سنڌي ۽ اردو زبان ۾ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪري ڇڏيون۔ ھن لاتعداد علمي ۽ ادبي مضمون ۽ سو جي لڳ ڀگ تاريخي ناول تحرير ڪيا جن ۾ انھن جو ناول سانگھِڙ شھرۂ آفاق جي حيثيت رکي ٿو۔ ھن ناول ۾ سنڌ صوبي ۾ انگريز سامراج جي خلاف پير صبغت اللہ شاھ راشدي ۽ ان جي حوارين جي آزادي جي لاءِ جدوجھد کي موضوع بڻايو ويو آھي۔[2]

محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي جي ھڪ اخبار روزاني عبرت جو باني ھو۔ ھن صحافت جي آزادي لاءِ قيد تڪليفون به سَٺيون پنھنجي آخري زماني ۾ ھو ھڪ ماھوار ادبي رسالي ساڻيھه (وطن) سان گڏ انگريزي ڊيلي سنڌ ٽائيمز جو ايڊيٽر به ھو۔[2]

ڏيپلائي عالمي ادب جي سگهاري تحريڪ جو سنڌ جهڙي نظر انداز ٿيل پرڳڻي جو ميمبر هو، هو رڳو پنهنجي ضمير جو پوئلڳ هو. اُهو ضمير، هن جو منشور هو، هن جي سياست هو. منڍ کان وٺي، هن جي لکڻين ۾ ڪيئي لاها چاڙها ۽ ذهني ۽ فڪري تضاد نظر اچن ٿا. پر اُنهن تضادن ۽ عمر جي مختلف منزلن ۾ اختيار ڪيل، سندس لاڙن ۾ ڪنهن به ذهني ۽ فڪري بدديانتيءَ جو عنصر نظر نٿو اچي. اُن ڪري هن پنهنجي ضمير جي روشنيءَ ۾ هلندي، ڪڏهن به سرڪار يا سَرنديءَ وارن طبقن جو راضپو حاصل نه ڪيو. هن ڪيتريون ئي تڪليفون سٺيون، ذهني گهاءَ کاڌا، مالي قربانيون ڏنيون، جيل ياترائون ڪيون، اخبارون ۽ پريسون ضبط ڪرايون، پر پنهنجي ضمير جي پيروي نه ڇڏي. اُها ضمير جي پوئلڳي ئي هئي، جنهن ٿر جي هڪ گمنام ڇوڪري مان، سنڌي ادب جي آسمان تي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪايو ۽ عزت، شهرت ۽ حيثيت ڏيارائي. پر اُنهيءَ سڀ ڪجهه ملڻَ کان پوءِ به سندس طبيعت ۾ هٺ ۽ وڏماڻهپائي نه پيدا ڪئي ۽ هو پنهنجي سڀاءَ ۾ آخري گهڙيءَ تائين، ڏتڙيل، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي گهڻائيءَ جو ئي پاڻ کي فرد سمجهندو رهيو. هو هڪ بيڊپو انسان هو. سادگي هن جي زندگيءَ جو حصو هئي، جيڪا هن جي کاڌي ۽ لکڻ ۾ بنهه ظاهر پئي ٿيندي هئي. [3] [4]


لکڻيون[سنواريو]

  • سانگھڙ (ناول)
  • گلستان حسن (ناول)
  • اسلام تي مقدمو (ڊرامو)
  • گمراھ مسافر (ناول)
  • مجاھد ڪشمیر (ناول)
  • بلبل ايران (ناول)
  • عيد جو چنڊ (ناول)
  • درد جو شھر (افسانا)
  • سنگدل شھزادي (ناول)
  • آخري اميد
  • وطن فروش (ڪھاڻي)
  • شاھ جي رسالي جو رھبر (لطيفيات)
  • مجاھد مصر (ناول)
  • غازي اورنگ زيب عالمگير
  • درگاھ شريف

ايڊيٽري[سنواريو]

  • روزانہ عبرت (سنڌي) حيدرآباد
  • روزانہ سنڌ ٽائيمز (انگريزي) حيدرآباد
  • ماھوار ادبي جريدو سانٽريھہ (وطن)

محمد عثمان ڏيپلائي جي فن ۽ شخصيت تي ڪتاب[سنواريو]

اعزاز[سنواريو]

محمد عثمان ڏيپلائي کي حڪومت پاڪستان جي طرفان ھن جي وفات کان بعد صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي جي اعزاز سان نوازيو ويو۔[2]

وفات[سنواريو]

محمد عثمان ڏيپلائي 7 فيبروري، 1981ء تي وفات ڪري ويو۔[1][2]