ابن حيات پنھور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يارمحمد -ابن حيات پنهور-، 1920ع ڌاري ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ’کارڙي‘ ۾ ڄائو. پاڻ بهترين اديب ۽ مصنف هو. هن وقت تائين سندس 23 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ -ٻه ڪتاب- قلمي صورت ۾ موجود آهن. پاڻ 1949ع ڌاري اداره ادبي انجمن قائم ڪيائين. 1951ع ڌاري، پرهه ڦٽي پبليڪيشن قائم ڪيائين، جنهن هيٺ ڪتابي سلسلا منظرعام تي آندائين. -ابن حيات پنهور- سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي د‌ور جي ابتدائي ميمبرن مان رهيو آهي ۽ -ان- جون ڪيتريون ئي شاخون قائم ڪرڻ ۾ سرگرم حصو ورتائين. -ابن حيات پنهور- ابتدا ۾ پرائمري -استاد- هو، بعد ۾ اتان استعيفا ڏئي سنڌي ادبي بورڊ ۾ پروف ريڊر مقرر ٿيو ۽ ويهارو سال ادبي بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. -ان- کان سواءِ هن مختلف ڪتابن جا پيش لفظ، مهاڳ، ڪهاڻيون، افسانا، تاثر، تبصرا وغيره به لکيا. هيءُ ’-تاريخ- سنڌ- ڪلهوڙا دؤر‘ جي مترجمن مان آهي. نثر کانسواءِ شاعري به ڪيائين. ڇهين ڪلاس لاءِ سماجي اڀياس لکڻ ۾ به حصو ورتائين. ڪجهه عرصو سائين جي. ايم. سيد جي ’سنڌ متحده محاذ‘ جو حيدرآباد ۾ آفيس سيڪريٽري به رهيو. ’اسان جو ادب ۽ اديب‘ ۽ ’قومي گيت‘ (ترتيب)، ’پيئي -جن- پروڙ‘ ترجمو (ڪهاڻيون)، چار داڻا (ترجمو: ڪهاڻيون)، ’مارڪسي فلسفو‘، ’-بدوي- قومون‘ ۽ ’اڃا اڳاهون‘ سندس مشهور ڪتاب آهن. حيدرآباد جي ٽنڊي ميرمحمود ۾، محمدي مسجد لڳ ضعيفي جي حالت ۾، 13 -جنوري- 2003ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]