مواد ڏانھن هلو

مخدوم جعفر بوبڪائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مخدوم جعفر بوبڪائي (Makhdum Ja'far Boobkaie)، مخدوم ميران جو پٽ هو. مخدوم، رمل ۽ نجات جي علم جو ماهر سمجهيو ويندو هو.[1] مخدوم جعفر جو خانداني پس منظر جي باري ۾ ڪن عالمن جي تحقيق موجب، بــُـوبڪن ۾ قديم زماني کان وٺي محمد صلی اللہ علیہ و سلم جي چاچي، عباس بن عبدالمطلب جي اولاد مان هڪ خاندان رهندو هو، جيڪو عباس جي نسبت سان ”عباسي“ ڪري سڏيو ويندو هو ۽ اهو خاندان اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. ساڳئي وقت، هيءُ خاندان پنهنجي علمي برتريءَ جي ڪري، عزت ۽ احترام وچان ”مخدوم“ جي نالي سان به سڏجي ٿو.[2] مخدوم جعفر، بــُـوبڪن جي انهيءَ معزز ”عباسي“ خاندان جو هڪ روشن چراغ هو. انهيءَ خاندان جي نسب جو سلسلو، عباس جي خاندان جي لــَـڙهيءَ جي هڪ بزرگ، مخدوم ابوبڪر سان ملي ٿو.[2] ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ جڏهن سن 949ھجری/1542ع ۾ مخدوم جعفر جي والد، مخدوم ميران وفات ڪئي، انهيءَ سال جي مناسبت سان ۽ پڻ انهيءَ حوالي جي اعتبار سان ته مخدوم جعفر سن 958ھجری/1551ع ۾ حج ڪيو، چئي سگهجي ٿو ته مخدوم جعفر سن 930ھجری/ 1524ع ڌاري ڄائو.[3] مخدوم جعفر ابتدائي تعليم جو درسُ پنهنجي والد، مخدوم عبدالڪريم عرف ميران کان سندس ئي مدرسي ۾ ”بــُـوبڪن“ ۾ حاصل ڪيو ۽ اعليٰ ديني تعليم ۽ ٻين مختلف علمن ۾ پڻ پنهنجي والد کان تحصيل ڪيائين، ۽ وٽانئس ئي مڪمل فارغ التحصيل ٿيو. ان کان سواءِ، پاڻ ضرور سنڌ جي ڪن ٻين وڏن عالمن ۽ مشائخن کان به ظاهري خواه روحاني علم جو استفادو ڪيو هوندائين.[2]! مخدوم جعفر سن 958ھجری/1551ع ۾ حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪئي. ان موقعي تي مخدوم صاحب مڪي معظمه ۾ اسلامي دنيا جي هڪ وڏي جيد عالم ۽ حديث جي فن جي وڏي ماهر، محمد بن محمد البڪري الشافعي سان ملاقات ڪيائين ۽ کانئس حديث جي فن ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين.[2][4] مڪي جي مشهور امام عبدالقادر بن ابراهيم بن محمد سان به مخدوم جعفر جون علمي ڪچهريون ۽ بحث مباحثا ٿيا.[2] مخدوم صاحب سن 961 ھجری/1554ع ڌاري مڪي شريف کان واپس پنهنجي وطن سنڌ ۾ ”بــُـوبڪن“ ۾ موٽي آيو.[2] بــُـوبڪن ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ، پاڻ پنهنجي والد جي قائم ڪيل ديني مدرسي ۾ اُستاد جي حيثيت ۾ پنهنجن شاگردن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.[2] ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مطابق ھن ٺٽي جي مدرسي ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو.[3] مخدوم صاحب حرمين شريفين جي سفر کان سواءِ، سنڌ ۽ هند جو به وڏو سير ۽ سفر ڪيو، ۽ ڪيترن ئي وقت جي عالمن، مشائخن ۽ روحاني بزرگن جي آستانن تي وڃي استفادو ڪيائين، پاڻ گجرات ۽ شاهجهان آباد (دهلي) جي طرف به ويو.[2] جيتوڻيڪ تصوف جي طرف مائل هو، پر شيخ محي الدين ابن عربيءَ جي تصوف جي ڪتابن پڙهڻ کان ٻين کي اڪثر منع ڪندو هو.[2] اها حقيقت سندس تاليف ڪيل ڪن ڪتابن مان ڀليءَ ڀت ظاهر ٿئي ٿي.[2] محمد غوثي شطاري مانڊويءَ مطابق: ”مخدوم جعفر بوبڪائي پنهنجي زندگيءَ جي پوئين دور ۾ منطق ۽ فلسفي جي ڪتابن کي پاسيرو رکي، سفر خواه حضر ۾ احياءُ العلوم، عوارف المعارف ۽ فصل الخطاب جهڙن تصوف جي ڪتابن جو گهڻو مطالعو ڪندو هو"[5][2]

شجرو

[سنواريو]

مخدوم جعفر جي نسب جو سلسلو، هن ريت بيان ڪيو وڃي ٿو[2]:

مخدوم جعفر بن عبدالڪريم عرف ميران بن يعقوب بن نــُـورالدين بن مرذوق بن شيخ قلندر بن مروه بن ميراه بن عاري بن شيخ توغان ابوبڪر بن شيخ محمد بن شيخ ابوبڪر بن سلطان خلجي خان بن سلطان ترڪ بن سالار خان بن بزدار خان بن سلطان اندسن بن ابوبڪر بن هاشم بن عبدالله بن عباس رضه بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبدالمناف.

ڪجهه عجيب و غريب حڪايتون

[سنواريو]

مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ ۾ مخدوم صاحب جي باري ۾ ڪجهه احوال دستياب ٿئي ٿو. مير ”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو:

مخدوم جعفر ولد مخدوم ميران - مخدوم نوح جو همعصر، ڪماليتن جو جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن مخدوم نوح عليه الرحمته فرمايو ته، ’مان خدا تعاليٰ کي هنن اکين سان ڏٺو آهي‘. مخدوم جعفر فرمايو ته، ’توهان هنن اکين سان ڪونه ڏٺو هوندو، هن حقيقت جي ظاهر ڪرڻ خاطر، توهان کي گهرجي ته جڏهن به توهان کي اهڙي حالت پيدا ٿئي، تڏهن ڪنهن خادم کي پنهنجين اکين بند ڪرڻ جو امر فرمايو. پوءِ به جيڪڏهن خداتعاليٰ جو ديدار قائم آهي، ته پوءِ يقين ڄاڻو ته اُها اَکِ هيءَ ظاهري اَکِ ۽ اُهو دِيدار هيءُ رواجي دِيدار نه آهي.‘ مخدوم نوح هن تجربي ڪرڻ کان پوءِ فرمايو ته، ’جي نه هجي ها جعفر، ته نوح ٿئي ها ڪافر.

— تحفته الڪرام[6]

”قانع“ سندس باري ۾ ڪي عجيب غريب حڪايتون لکيون آهن، جن کي هن دور ۾ شايد اعتبار جوڳيون نه ڄاتو وڃي. مثلاً، هڪ ڀيري مخدوم صاحب سنڌ کان دهليءَ وڃڻ جو ارادو ڪيو. راهه خرچ لاءِ جيڪي ڏوڪڙ ساڻ کنبا هئائين، سي لاهور پهچندي ئي ختم ٿي ويس. ڪنهن کان گهرڻ يا قرض وٺڻ تي دل نه ٿيس. تنهنڪري پنهنجي ’نير نجات‘ علم کان ڪم وٺي، شهر جي ٻاهران هڪڙو باغ تيار ڪيائين، جنهن ۾ ميويدار وڻ هئا. پوءِ ان باغ کي ڪنهن دولتمند وٽ گروي رکي، پيسا وٺي، دهليءَ پهچي ويو. موٽندي گرويءَ جي رقم ادا ڪيائين، ۽ پوءِ باغ کي نيست نابود ڪري ڇڏيائين[1] .

ٻئي هنڌ لکيل آهي ته هڪ ڀيري بادشاهه مهيني جي آخري تاريخن ۾ کانئس پڇيو ته چنڊ ڪڏهن ڏسبو. مخدوم سرسري طرح حساب ڪري تاريخ ٻڌائي. ٻين نجومين حساب ڪري، هڪ ڏينهن پوءِ جي تاريخ بيهاري. انهيءَ تي مخدوم ڪتاب ڪڍي باقاعدي حساب ڪيو، ته پنهنجو فيصلو غلط ۽ ٻين جو فيصلو درست لڳس. پنهنجي ايڏي ساري غلطي قبول ڪرڻ ۾ جيڪي سو گهٽتائي محسوس ٿيس، ان ڪري پنهنجيءَ ٻڌايل تاريخ مطابق، پنهنجي ’نير نجات‘ جي علم جي زور تي، هڪڙو نئون چنڊ آسمان تي چمڪائي ڇڏيائين! اصلي چنڊ وري ٻئي ڏينهن تي ظاهر ٿيو. ان ڳالهه تي ماڻهن ۾ جڏهن گهڻو چؤٻول پئجي ويو، تڏهن مخدوم سموري حقيقت ظاهر ڪري ٻڌائي[1] .

خاندان

[سنواريو]

مخدوم جعفر بلند مرتبي جي عالم، مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران (وفات: 949ھ/ 1542ع) جو فرزند هو جنھن وٽان نامور عالمن ۽ بزرگن علم حاصل ڪيو جن ۾ علامه طاهر بن يوسف پاٽائي، حڪيم عثمان بن عيسيٰ برهانپوري، مخدوم محمد عثمان درٻيلوي ۽ سنڌ جو حاڪم مرزا شاھ حسن ارغون (وفات: 962ھ/ 1555ع) پڻ هئا[2][7].

مخدوم عبدالڪريم عرف ميران جي باري ۾، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو:

”مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب، معقولي خواه منقولي علمن جو جامع هو. مرزا شاهه حسن کي به ڪجهه وقت تعليم ڏني هئائين. اڪثر طالب، علم جو نور سندس روشن طبع جي فانوس مان وٺندا هئا. سن 949هه ۾ گذاري ويو. ’علامه وارث الانبياء‘ سندس تاريخ آهي. هن جي مزار مڪلي ٽڪريءَ تي آهي.“

— [6]

اهڙيءَ طرح، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي ٻين ڪتابن، جهڙوڪ:مقالات الشعراء ۽معيارِ سالڪانِ طريقت ۾ پڻ مخدوم ميران جو اهو ساڳيوئي”تحفته الڪرام“ وارو احوال بيان ڪيو آهي. مير ”قانع“ ٺٽويءَ مخدوم ميران کي ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن ۾ شمار ڪري، سندس مدفن مڪلي ٽڪريءَ تي ڄاڻايو آهي. دراصل، مخدوم ميران جو تعلق ”ٺٽي“ سان نه، بلڪ ”بــُـوبڪن“ سان هو. مخدوم ميران ديني ۽ فقهي مسئلن جي بحث مباحثي جي سلسلي ۾ ٺٽي جي عالمن وٽ ايندو رهندو هو. ان دوران مخدوم صاحب جي وفات ٺٽي ۾ واقع ٿي ۽ کيس مڪلي ٽڪريءَ تي مدفون ڪيو ويو[2].

سندس اولاد مان وڏا عالم ۽ ڪماليت جا صاحب ٿي گذريا آهن. مخدوم صاحب کي پنج فرزند ٿيا[2]:

  1. مخدوم عبدالله
  2. مخدوم نصيرالدين يا نصيرمحمد

مخدوم عبدالعليم جنھن کي وري مخدوم صلاح الدين نالي فرزند هو. .

  1. مخدوم نورالدين
  2. مخدوم نجم الدين: بـُـوبڪن جي شهر ۾ اتر - اوڀر ۾ سندس تعمير ڪرايل مسجد آهي، جتي سندس آخرين آرام گاه آهي[2].

مير علي شير قانع مخدوم عبدالغني جو پڻ ذڪر ڪيو آهي جنھن 1169ھ (1756ع) ۾ وفات ڪئي جيڪو مخدوم جعفر جي پشت مان ھو[2]. ”قانع“ وفات جي تاريخ هن قطعي ۾ چئي:

مخدومِ پاک سيرت عبدالغني ڪـہ بـود،

در عــلـم شـرع مـصـطـفـوي محـزن نـهـفـت؛

هاتف بہ روز رفتن ولآ در جنان ز غيب،

”فيها علي الارائکِ نعم الثواب“ گفت

— [1]

[8]

[9]

تصنيفون

[سنواريو]

مخدوم جعفر تي مشهور عالم حافظ ابن تيميه جو وڏو اثر هو ۽ اهو مخدوم صاحب جي تصنيفات مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو[2][10]. مخدوم صاحب پنهنجو مشهور تعليمي سکيا وارو ڪتاب”حاصل النهج“ سن 976ھ/1568ع ۾ تاليف ڪيو[2]. ”گلزار ابرار“ جو مؤلف، مسيح الزمان شيخ عيسيٰ بن قاسم پاٽائيءَ جي زباني روايت ڪري ٿو ته مون حڪيم عثمان بوبڪائيءَ کان ٻـڌو، ته مخدوم جعفر آخري عمر ۾ منطق جا ڪتاب درياء ۾ لوڙهي ڇڏيا هئا[2][5]. مخدوم صاحب جون تصنيفون ھيٺ ڏجن ٿيون:

  1. نهج التعلم
  2. حاصل النهج
  3. مـَنهـَجُ العمـَال
  4. عــُـجالته الطالبين في انتقاد الحافظين في بيان الاحاديث الموضوعات
  5. فتح الدارين
  6. اِرشاد الصادقين
  7. ڪشف الحق للصادق المـُـنصف المــُـحـِـق بالدلائلِ الـِـتي هي بالتقدِيم اَحريٰ و اَحـَـق
  8. مـَـعـَـاقـِـدُ العقائد المعروف بـِـالمــُـڪالـَـمـَـاتِ
  9. مـِـنهـِـياتُ المڪالمات والاشارات
  10. اَقلُ و اَعدَلُ ڪلمات في حــُـڪــُـم فـُـصـُـوص الحـِـڪم و الفتوحات
  11. المتانـته في مرمـته الخزانته
  12. الحــُـجـَـتهُ القويته في جواب الرسالـته الحلفيته
  13. حــَـلُ الــُـعقود في طلاق الــُـسنود
  14. قـَـرنـهَ في حڪم الحلف بالمرنـه والپرنه
  15. الــَـتنمـِـيقُ في توقيت المـَـرءَه في التطليق
  16. البيانُ المــُـبرم في قولِ الـــُـسنود
  17. ڪـَـمـِـيـَـتهُ الواقع
  18. اِستفـِـتاءٌ
  19. البصارهِ في العمل بـِـالاِ شارهِ
  20. شرح ميزانِ الصرف (عربي/علم صرف)
  21. بـَـدَ ايته النحو (علم نحو)
  22. اهـَـمُ النـَـحو (عربي/علم نحو)
  23. حواشي شرح الجامي (عربي/علم نحو)
  24. بـُـنيته البـَـيان(عربي/علم المعاني والبيان والبديع)
  25. بيانُ البـُـنيته (عربي/علم المعاني والبيان والبديع)
  26. العـُـراضته في علم العروض والقافيته (عربي/علم العروض والقافيه)
  27. عرض العـُـراضته في علم العروض والقافيته (عربي/علم العروض والقافيه)
  28. مـِـعيارُ النـَـظـَـر(عربي/علم المنطق)
  29. نـَـهجُ المـُـناظرهِ (عربي/علم المباحثه)
  30. عجاله الوقت (عربي/حديث)
  31. مختصر فتح الدارين (فارسي/اوراد و وظائف)
  32. نفيُ الاعـِـتسافِ فيُ سـنه الاعـِـتڪافِ(عربي/ فـقه)

وفات

[سنواريو]

حڪيم عثمان بوبڪائيءَ سن 1008ھ/1600ع ۾ رحلت ڪئي، انهيءَ لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته مخدوم جعفر يارهين صدي هجريءَ جي ابتدائي سالن ۾ 1008ھ/ 1600ع کان اڳ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي هوندي[2]. اصل ۾ مخدوم جعفر جي وفات 15 ذي القعد 1002ھ تي ٿي ۔ سندس وفات جو قطعو آھي ”جدا کرد ما ز مخدوم جعفر“ سال 1043ھ مان 41 گھٽ ڪبا ته سال 1002ھ ملندو۔ ڏسو ڪتاب، حاصل النھج۔ مخدوم صاحب کي وفات کان پوءِ ”بــُـوبڪن“ ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 مقالات الشعرا“، ص 173
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 [ ڪتاب جو نالو؛ مقالات خانائي؛ مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي؛ ايڊيشن: پهريون 2006ع؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ]
  3. 3.0 3.1 {بلوچ نبي بخش خان ، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو سنڌ، ڇاپو ٽيون 1990ع، ص 339}
  4. {قاسمي غلام مصطفيٰ علامه، “مخدوم محمد جعفر بوبڪائي(مضمون)، ڏسو ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد سنڌ، نومبر - ڊسمبر 1988ع، ص 30}
  5. 5.0 5.1 {مانڊوي محمد غوثي شطاري، ”گلزار ابرار“ (اردو)، مترجم: فضل احمد جيوري، اسلامڪ بوڪ فائونڊيشن ، لاهور، 1395ھ/ 1975ع، ص 375}
  6. 6.0 6.1 {مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”تحفته الڪرام“ (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1975ع، ص 537}
  7. {رحماني عبدالعزيز خطيب: ”مقالات رحماني ياتذڪرهء بزرگان“ (اردو)، ڪتبخانه قلندريه رحمانيه، ڪراچي سنڌ، 1975ع، ص 80}
  8. ”مقالات الشعرا“، ص 159-160
  9. ڪتاب؛ تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون (جلد-2)، ليکڪ؛غلام الرسول ”مهر“، ڇاپو؛ پهريون 1964ع
  10. {مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مقالات الشعراء“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 152}