مواد ڏانھن هلو

ننڍو کنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ننڍو کنڊ
ايراضي 4.4 ملين ڪ.م2 (1.7 ملين چورس مي)
آبادي 1.710 billion (2015)[1]
آبادي گهاٽائي 389/km2
ديس بنگلاديش
ڀوٽان
ڀارت
مالديپ
نيپال
پاڪستان
سريلنڪا

ننڍو کنڊ (Indian Subcontinent) هماليه جي هيٺان، ايشيا جو هڪ طبعي علائقو آهي، جيڪو اوڀر ۾ بنگال جي نار ۽ اولھه ۾ عربي سمنڊ جي وچ ۾ هندي سمنڊ ۾ پروجيڪٽ ٿئي ٿو. اهو علائقو هاڻي بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ورهايل آهي. جئين "ننڍو کنڊ" ۽ "ڏکڻ ايشيا" جي اصطلاحون اڪثر ڪري هڪ وسيع علائقي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ متبادل طور استعمال ڪيو وينديون آهن، جنهن ۾ اضافي طور تي، ڀوٽان، مالديپ، نيپال ۽ سري لنڪا پڻ شامل آهن، پر "ننڍو کنڊ" جي اصطلاح، وڌيڪ ڪري، هڪ طبعي ارضياتي اصطلاح آهي، جڏهن ته "ڏکڻ ايشيا" اصطلاح وڌيڪ ڪري، هڪ سياسي جاگرافيائي اصطلاح آهي. "ڏکڻ ايشيا" جي تعريف ۾ اڪثر ڪري افغانستان کي به شامل ڪيو ويندو آهي، جئين ته ننڍي کنڊ جي ڦهليل استعمال ۾ به افغانستان کي ننڍي کنڊ ​​جو حصو نه سمجهيو ويندو آهي.

ننڍو کنڊ ھڪ وڏي جزيري نما وانگر آھي، ھن علائقي کي ننڍو کنڊ ان ڪري چيو ويندو آھي، ته اها جاگرافيائي ۽ ارضياتي طور تي کنڊ جي ٻين علائقن کان مختلف آھي. ننڍي کنڊ ۾ عام طور تي ھيٺ ڄاڻايل ملڪ شامل آھن:

جاگرافيائي طور تي ننڍو کنڊ کي ھنن حصن ۾ تقسيم ورھائي سگھجي ٿو

جاگرافيائي تعريف

[سنواريو]
انڊن ۽ يوريشين تھَ پاڪستان ۽ ڪشمير کان گذرن ٿيون جيڪ ھتي زلزلن جو سبب آھن.

ننڍو کنڊ ڪنھن کنڊ سان واڳيل ھڪ پکڙيل علائقي کي چيو ويندو آھي پر ننڍي کنڊ جي ڪابہ واضع تعريف يا وصف نہ آھي. ننڍو کنڊ ڪنھن جابلو علائقي يا زميني تھَ ذريعي کنڊ کان جدا علائقي کي بہ چئي سگھجي ٿو بھرحال عام طور تي ننڍہ کنڊ جو مطلب ڏکڻ ايشيا يا ننڍو کنڊ پاڪستان ۽ ھندستان ورتو ويندو آھي.

قشر زمين جي ساخت جي علم جي مطابق ڪنھن ننڍي کنڊي تھَ کي ڪنھن وڏي تھَ سان ملڻ جي ھنڌ کي ننڍو کنڊ چئي سگھجي ٿو اھڙي طرح ننڍو کنڊ انڊين تھَ ۽ عربي تھَ تي موجود آھي ۽ ننڍو کنڊ سڏرائي سگھجڻ جي قابل آھي.

زميني تاريخ

[سنواريو]
ننڍو کنڊ لکين سال اڳ مڊگاسڪر پليٽ سان ڳنڍيل ھيو. پوءِ ھوريان ھوريان ھي اتر جي طرفر ھلندو رھيو پوءِ وڃي ڪري يوروشين پليٽ سان مليو، ان ئي وجھ ڪري اڄ ڪلھ ھماليہ ۽ ڪراڪرم جا جبل موجود آھن

ماضي ۽ مستقبل جي آبادي

[سنواريو]
درجوملڪايراضي (ڪ.م2)1950200020502100
1ڀارت3,287,263369,881,0001,006,301,0001,656,554,0001,659,786,000
2پاڪستان881,91340,383,000152,430,000300,848,000364,283,000
3بنگلاديش147,57045,646,000132,151,000201,249,000169,541,000
4نيپال147,1818,990,00024,819,00036,107,00029,677,000
5سري لنڪا65,6107,534,00019,042,00025,167,00014,857,000
6ڀوٽان38,394164,000606,000952,000793,000
7مالديپ29880,000300,000445,000438,000
ڪل4,568,229480,829,0001,358,111,0002,294,996,0002,297,013,000

زمين ۽ پاڻيءَ جي ايراضي

[سنواريو]
اصل مضمون/مضمونن جي لاءِ ڏسو مخصوص معاشي علائقو ۽ ھندي وڏو سمنڊ

ھن فھرست ۾ طابع علائقا پنھنجي خودمختيار رياستن (جنھن ۾ غيرآباد علائقا بہ شامل آھن) ۾ ڏيکاريل آھن، انٽارڪٽيڪا تي دعوائون شامل ڪيل ناھن. EEZ+TIA مخصوص معاشي علائقو (EEZ) گڏوگڏ ڪل اندروني ايراضي (TIA) آھي جنھن ۾ زمين ۽ اندروني پاڻي شامل آھن.

درجوملڪايراضي (ڪ.م2)EEZShelfEEZ+TIA
1ڀارت3,287,2632,305,143402,9965,592,406
2پاڪستان796,095290,00051,3831,117,911
3بنگلاديش147,57086,39266,438230,390
4نيپال147,18100147,181
5سري لنڪا65,610532,61932,453598,229
6ڀوٽان38,3940038,394
7مالديپ298923,32234,538923,622
ڪل4,482,4114,137,476587,8089,300,997

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "World Population Prospects", United Nations: Population Division, 2017۔

سانچو:ابتدائی ترتیب:ھندستاني ننڍو کنڊ