ننڍو کنڊ
| ايراضي | 4.4 ملين ڪ.م2 (1.7 ملين چورس مي) |
|---|---|
| آبادي | 1.710 billion (2015)[1] |
| آبادي گهاٽائي | 389/km2 |
| ديس | بنگلاديش ڀوٽان ڀارت مالديپ نيپال پاڪستان سريلنڪا |
ننڍو کنڊ (Indian Subcontinent) هماليه جي هيٺان، ايشيا جو هڪ طبعي علائقو آهي، جيڪو اوڀر ۾ بنگال جي نار ۽ اولھه ۾ عربي سمنڊ جي وچ ۾ هندي سمنڊ ۾ پروجيڪٽ ٿئي ٿو. اهو علائقو هاڻي بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ورهايل آهي. جئين "ننڍو کنڊ" ۽ "ڏکڻ ايشيا" جي اصطلاحون اڪثر ڪري هڪ وسيع علائقي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ متبادل طور استعمال ڪيو وينديون آهن، جنهن ۾ اضافي طور تي، ڀوٽان، مالديپ، نيپال ۽ سري لنڪا پڻ شامل آهن، پر "ننڍو کنڊ" جي اصطلاح، وڌيڪ ڪري، هڪ طبعي ارضياتي اصطلاح آهي، جڏهن ته "ڏکڻ ايشيا" اصطلاح وڌيڪ ڪري، هڪ سياسي جاگرافيائي اصطلاح آهي. "ڏکڻ ايشيا" جي تعريف ۾ اڪثر ڪري افغانستان کي به شامل ڪيو ويندو آهي، جئين ته ننڍي کنڊ جي ڦهليل استعمال ۾ به افغانستان کي ننڍي کنڊ جو حصو نه سمجهيو ويندو آهي.
ننڍو کنڊ ھڪ وڏي جزيري نما وانگر آھي، ھن علائقي کي ننڍو کنڊ ان ڪري چيو ويندو آھي، ته اها جاگرافيائي ۽ ارضياتي طور تي کنڊ جي ٻين علائقن کان مختلف آھي. ننڍي کنڊ ۾ عام طور تي ھيٺ ڄاڻايل ملڪ شامل آھن:
جاگرافيائي طور تي ننڍو کنڊ کي ھنن حصن ۾ تقسيم ورھائي سگھجي ٿو
- ھماليه ۽ ھماليائي رياستون
- گنگا ندي جو ميدان
- ڏاکڻي هندستان
- سنڌو درياھه جو ميدان
- ھندي سمنڊ ۾ ٻيٽ واري رياستون
جاگرافيائي تعريف
[سنواريو]
ننڍو کنڊ ڪنھن کنڊ سان واڳيل ھڪ پکڙيل علائقي کي چيو ويندو آھي پر ننڍي کنڊ جي ڪابہ واضع تعريف يا وصف نہ آھي. ننڍو کنڊ ڪنھن جابلو علائقي يا زميني تھَ ذريعي کنڊ کان جدا علائقي کي بہ چئي سگھجي ٿو بھرحال عام طور تي ننڍہ کنڊ جو مطلب ڏکڻ ايشيا يا ننڍو کنڊ پاڪستان ۽ ھندستان ورتو ويندو آھي.
قشر زمين جي ساخت جي علم جي مطابق ڪنھن ننڍي کنڊي تھَ کي ڪنھن وڏي تھَ سان ملڻ جي ھنڌ کي ننڍو کنڊ چئي سگھجي ٿو اھڙي طرح ننڍو کنڊ انڊين تھَ ۽ عربي تھَ تي موجود آھي ۽ ننڍو کنڊ سڏرائي سگھجڻ جي قابل آھي.
زميني تاريخ
[سنواريو]
ماضي ۽ مستقبل جي آبادي
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ماضي ۽ مستقبل جي حساب سان ملڪن جي آبادي جي فھرست
- ماضي ۽ مستقبل جي حساب سان ملڪن جي آبادي جي فھرست 1950ع، 2000ع ۽ 2050ع جي آبادي ٻڌائي ٿي، جڏھن تہ 2100ع لاءِ آبادي گڏيل قومن جي اندازن مان کنيل آھي.[حوالو گهربل].
| درجو | ملڪ | ايراضي (ڪ.م2) | 1950 | 2000 | 2050 | 2100 |
|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | ڀارت | 3,287,263 | 369,881,000 | 1,006,301,000 | 1,656,554,000 | 1,659,786,000 |
| 2 | پاڪستان | 881,913 | 40,383,000 | 152,430,000 | 300,848,000 | 364,283,000 |
| 3 | بنگلاديش | 147,570 | 45,646,000 | 132,151,000 | 201,249,000 | 169,541,000 |
| 4 | نيپال | 147,181 | 8,990,000 | 24,819,000 | 36,107,000 | 29,677,000 |
| 5 | سري لنڪا | 65,610 | 7,534,000 | 19,042,000 | 25,167,000 | 14,857,000 |
| 6 | ڀوٽان | 38,394 | 164,000 | 606,000 | 952,000 | 793,000 |
| 7 | مالديپ | 298 | 80,000 | 300,000 | 445,000 | 438,000 |
| ڪل | 4,568,229 | 480,829,000 | 1,358,111,000 | 2,294,996,000 | 2,297,013,000 | |
زمين ۽ پاڻيءَ جي ايراضي
[سنواريو]- اصل مضمون/مضمونن جي لاءِ ڏسو مخصوص معاشي علائقو ۽ ھندي وڏو سمنڊ
ھن فھرست ۾ طابع علائقا پنھنجي خودمختيار رياستن (جنھن ۾ غيرآباد علائقا بہ شامل آھن) ۾ ڏيکاريل آھن، انٽارڪٽيڪا تي دعوائون شامل ڪيل ناھن. EEZ+TIA مخصوص معاشي علائقو (EEZ) گڏوگڏ ڪل اندروني ايراضي (TIA) آھي جنھن ۾ زمين ۽ اندروني پاڻي شامل آھن.
| درجو | ملڪ | ايراضي (ڪ.م2) | EEZ | Shelf | EEZ+TIA |
|---|---|---|---|---|---|
| 1 | ڀارت | 3,287,263 | 2,305,143 | 402,996 | 5,592,406 |
| 2 | پاڪستان | 796,095 | 290,000 | 51,383 | 1,117,911 |
| 3 | بنگلاديش | 147,570 | 86,392 | 66,438 | 230,390 |
| 4 | نيپال | 147,181 | 0 | 0 | 147,181 |
| 5 | سري لنڪا | 65,610 | 532,619 | 32,453 | 598,229 |
| 6 | ڀوٽان | 38,394 | 0 | 0 | 38,394 |
| 7 | مالديپ | 298 | 923,322 | 34,538 | 923,622 |
| ڪل | 4,482,411 | 4,137,476 | 587,808 | 9,300,997 | |
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "World Population Prospects", United Nations: Population Division, 2017۔