گنان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھن مضمون کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي. (ڊسمبر 2019ع)

گنان (Ginanغلام علي الانا مطابق ”گنان“ گيان لفظ مان نڪتو آهي، جنهن مان مراد آهي اهو نصيحت وارو علم ۽ ڪلام، جيڪو اسماعيلي داعين ۽ پيرن پنهنجن نومسلم مريدن کي اسلام جا اصول سيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ منظوم صورت يعني شاعريءَ واري صنف ۾ بيان ڪيو آهي.“ ”گنان“ اسماعيلي فرقي جي بزرگن جي شاعري آهي. اهي اسماعيلي فڪر جا داعي، ماڻهن کي مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ ويا. اهي بزرگ سومرن ۽ سمن جي دورَ ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ نومسلم ماڻهن جي دلين ۾ شعر ذريعي اسلامي عقيدن جو روح ڦوڪڻ لڳا. انهن بزرگن مان پير تاج الدين، پير نور الدين (وفات 1095ع)، پير شمش الدين (1156-1276ع)، پير صدرالدين (1290-1409ع) جا گنان وڌيڪ مشهور آهن. سٽاءَ جي لحاظ کان سڀني شاعرن جا گنان هڪ جهڙا نہ آهن. ڪن جا گنان دوهي جهڙا آهن. تہ ڪن جا سلوڪن مثل آهن ۽ ڪن جا وري ڪافيءَ سان مشابهت رکن ٿا، جن ۾ هر ٻن مصرعن جي بند کان پوءِ وراڻيءَ کي دهرايو ويندو آهي. گنان ۾ پيش ڪيل سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪثر ”ڪڇي“ ۽ ”لاڙي“ لهجا شامل آهن. جيئن تہ اهي اسماعيلي مبلغ شاعر سنڌ جي ”ڪڇ“ واري حصي ۾ رهندا هئا. ان ڪري سندن ڪلام تي گجراتي ۽ ملتاني ٻولين جو اثر نظر اچي ٿو. پير صدرالدين جي گنان جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو: شاھ جو مڃيئڙو تن، جيڪي صبوحڙي جاڳن، اُٿي الله نہ گهرين بندا، تون سـُتين سڄي رات، نڪا جهوري جِيوَ جي، نڪو سمر ساٿ-! شاھ جو مڃيئڙو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.