بغداد
بغداد | ||
---|---|---|
ميٽروپولس, گادي جو هنڌ | ||
مٿان کان هيٺ گھڙيالي چڪر ۾ : بغداد جي گرين زون جو فضائي منظر؛ المستنصر يونيورسٽي؛ القضيميه مسجد؛ فتح جو يادگار قادسيه جون تلوارون؛ عراق جو قومي ميوزيم مٿان کان هيٺ گھڙيالي چڪر ۾ : بغداد جي گرين زون جو فضائي منظر؛ المستنصر يونيورسٽي؛ القضيميه مسجد؛ فتح جو يادگار قادسيه جون تلوارون؛ عراق جو قومي ميوزيم | ||
| ||
عرفيت: مدينة السلام [1] | ||
Location of Baghdad within Iraq | ||
جاگرافي بيهڪ: 33°20′N 44°23′E / 33.333°N 44.383°Eمڪانيت: 33°20′N 44°23′E / 33.333°N 44.383°E (33°20′N 44°23′E / 33.333°N 44.383°E) | ||
ملڪ | ![]() | |
گورنري | بغداد گورنري | |
قيام | 762ع | |
قيام | المنصور | |
حڪومت | ||
• قسم | ميئر ڪائونسل | |
• مجلس | بغداد شھر جي صلاحڪاري ڪائونسل | |
پکيڙ | ||
• ڪل | ٢٠٤٫٢ ڪ.م٢ (٧٨٫٨ ميل٢) | |
بلندي | ٣٤ ميل (١١٢ ft) | |
آبادي | ||
• ڪاٿو
2018 |
٦,٧١٩,٥٠٠ |
بغداد(انگريزي: Baghdad ) عراق جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏي من وڏو شھر ء عرب ملڪن ۾ ٻيون نمبر وڏو شھر جيڪو درياء دجله جي ڪناري تي واقع آھي.
تاريخ[سنواريو]
ھن شھر جو بنياد 762 عيسويءَ ۾ عباسي خلافت جي ٻئين نمبر خليفي ابو جعفر المنصور وڌو[2]. لفظ بغداد فارسي ٻوليءَ جي بن لفظن بغ ۽ داد مان ورتل آهي جنھن جي معني خدا جو تحفو آهي. خليفي منصور خلافت مان لڳ ڀڳ ھڪ لک مزدور، ڪاريگر ۽ عمارتساز گھرائي ان جي تعمير ڪرائي اسلامي عمارتسازي جو شاھڪار قائم ڪيو. اھو نئون شھر گولائيءَ ۾ ٺاھيو ويو [2]. ھي شھر چئن سالن ۾ 764 کان 768 تائين ٺھي راس ٿيو[3].

ھارون رشيد جي پٽ العباس عبدالله المامون اتي ھڪ بيت الحڪمت (حڪمت جو گھر) ٺھرائي جيڪا علم جو مرڪز ھئي جتي دنيا جا عالمن گڏ ٿي سائنس جي مختلف شاخن ، انجنيئرنگ، فلسفي، رياضي، فلڪيات ۽ ادب جا ڪتاب عربي ۾ ترجما ڪيا[2]. بيت الحڪمت ان وقت تمام وڏي اڪيڊمي ھئي[4]. بغداد ۾ ان دؤر ۾ چار وڏيون لائبريريون قائم ٿي چڪيون هيون جن ۾ سڀ کان وڏي لائبريري مامون رشيد جي قائم ڪيل ھئي. انھن ۾ ھڪ لائبريري صبور ابن اردشير نالي ھڪ عالم جي ھئي جيڪا قائم ٿيڻ کان 70 سال پوء سلجوقين ساڙي تباھ ڪري ڇڏي[5]. ترجمن جي ڪم جي شروعات خليفي منصور ڪرائي جيڪو مامون جي وقت تائين جاري رهندو آيو[6]. بغداد ۾ نظاميه مدرسو تعليم جو مرڪز ھيو جتي 10000 کان 20000 تائين شاگرد عالمن، فقه جي ماھرن ۽ فلسفين کان تعليم پرائيندا هئا. امام غزالي ان مدرسي جو پرنسپال رھيو[2]. اھو مدرسو سلجوقي سلطان جي ھڪ فارسي وزير نظام الملڪ ٺھرايو ھيو[5]. اھو مدرسو منگولن واري حملي جي تباھي کان پوء بہ قائم رھيو جنھن ۾ مستنصر لائبريري قائم ڪئي ھئي[5]. امام ابو حنيفه حنفي فقه جو بنياد پڻ ان شھر رکيو[2]. ھن شھر جي آبادي وڌي ڏھ لکن کان بہ مٿي ٿي وئي ھئي[7].الف ليلي جون اڪثر ڪھاڻيون ان دؤر ۾ بغداد ۾ ٺھيون ھيون. 1055 ۾ بغداد تي سلجوقي سلطان تغرل بيگ قبضو ڪيو. 1058 ۾ فاطمين بغداد تي قبضو ڪيو[8]. 1258 ۾ منگولن ھن شھر تي حملو ڪري تباھ ڪري ڇڏيو. اھو حملو چنگيز خان جي پوٽي ھلاڪو خان 10 فيبروري 1258 ۾ ڪيو، جنھن بغداد جو گھيرو ڪيو ھيو[9].
منگولن خليفيالمعتصم کي بہ ماري ڇڏيو. شھر جي مختلف رھائشي حصن کي ساڙيو ويو، ڦرلٽ ڪئي وئي پر رڳو سني مسلمانن کي دشمن سمجھي ماريو ويو. شيعه ۽ عيسائي آبادي کي نشانو نہ بڻايو ويو[10]. شھر جي تقريباً اڌ آبادي مارجي وئي[2].1401 ۾ تيمور لنگ ھن شھر کي ڦري لٽي تباھ ڪيو[11]. ھي شھر لاڳيتو ٻاھرين حملي آورن جي قبضي ۾ رھيو جن ۾ صفوي (1507 کان 1523 تائين)، عثماني ترڪ (1534 کان 1917 تائين) ۽ پوء برطانيا (1917 کان 1932 تائين) شامل ھيو[2].
ابن بطوطه ان تباهيءَ بعد ھن شھر ۾ آيو ھو ۽ ھن پنھنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته تباھي کان پوء بہ ھي شھر وڏن شھرن منجھان ھيو جنھن جا شھري اڪثر حنبلي فقه سان تعلق رکندڙ ھيا. ان شھر ۾ ابو حنيفه جي قبر پڻ واقع ھئي جتي ھڪ مسجد ۽ ھڪ ھجرو پڻ ٺھيل ھئا. ان وقت سلطان ابو سعيد بھادر خان بغداد جو حاڪم ھيو جيڪو تاتاري بادشاھ ھيو ۽ مسلمان ٿيو ھو. [12] 1932 ۾ عراق انگريزن کان آزاد ٿيو تہ 1957 ۾ بغداد ۾ ٽي جديد يونيورسٽيون قائم ٿيون[2]. 1970 ۽ 1980 وارن ڏھاڪن ۾ ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي نيون عمارتون ۽ يادگار تعمير ٿيا[2].
حوالا[سنواريو]
- ↑ Petersen, Andrew. "Baghdad (Madinat al-Salam)". Islamic Arts & Architecture. وقت 16 September 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 August 2016. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 82,
- ↑ Corzine, Phyllis (2005). The Islamic Empire. Thomson Gale. p. 69.
- ↑ When Baghdad was centre of the scientific world. The Guardian. Retrieved 16 February 2019.
- ↑ 5.0 5.1 5.2 Mackensen, Ruth Stellhorn . (1932). Four Great Libraries of Medieval Baghdad. The Library Quarterly: Information, Community, Policy, Vol. 2, No. 3 (July 1932), pp. 279-299. University of Chicago Press.-
- ↑ Gordon, M.S. (2006). Baghdad. In Meri, J.W. ed. Medieval Islamic Civilization: An Encyclopedia. New York: Routledge.
- ↑ Matt T. Rosenberg, Largest Cities Through History. آرڪائيو ڪيا ويا 27 May 2005 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Virani, Shafique N. The Ismailis in the Middle Ages: A History of Survival, A Search for Salvation, (New York: Oxford University Press, 2007), 6.
- ↑ Central Asian world cities آرڪائيو ڪيا ويا 18 January 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., George Modelski
- ↑ Bosworth, C.E.; Donzel, E. van; Heinrichs, W.P. et al., eds (1998). Encyclopaedia of Islam, Volume VII (Mif-Naz). BRILL. p. 1032. ISBN 9789004094192.
- ↑ Ian Frazier, Annals of history: Invaders: Destroying Baghdad آرڪائيو ڪيا ويا 7 June 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., The New Yorker 25 April 2005. p.5
- ↑ Battuta, pg. 75