سنڌي شاعري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

شاعريءَ (Poetry) کي ڪويتا به چئبو آهي. شاعري جذبن جي اظهار جو نالو آهي، جيڪا دل سان ڪئي ويندي آهي. وليم وزڊس ورٿ چيو هو ته ”شاعري اندر جي اڌمن جو اظهار آهي.“ شاعري قدرتي ڏات هوندي آهي، جنهن سان اندر جي ترجماني ٿئي ٿي. شاعر جي ھڪ اھڙي تخليق جيڪا انسان جي جذبن ۽ احساسن سان واسطو رکي ٿي. پر ان ۾ خيال جي پرواز به اعليٰ هوندي آهي. شاعري انساني زندگيءَ جي تصوير ۽ اندروني ڪيفيتن جو اظھار آھي. شاعري قدرت جي دلفريب ۽ دلڪش منظرن جو عڪس به ڪري ٿي. سنڌي زبان ۾ شاعري عام طرح ٽن نمونن جو آهي جهڙوڪ: (1)قديم شاعري. (2) عروضي شاعري. (3) جديد شاعري. 1- سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صنف تمام قديم اھي. عربن جي زماني کان به گهڻو اڳ سنڌ ۾ شعر چيو ويندو ھو. قديم شاعري ۾ گنان، ڪبت (الف اشباع)، ڏوهيڙو، بيت، وائي، ڪافي ۽ سلوڪ، وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون هي صنفون هندي ڇند وديا ۽ موسيقيءَ جي ماترائن تي ٻڌل هونديون آهن. ۽ منجهن سٽون موزون ۽ قافيي واريون ٿينديون آهن. هن ۾ لوڪ، لوڪ-ڪلاسيڪل ۽ ڪلاسيڪل شاعري اچي وڃي ٿي. 2- عروضي شعر اهو آهي، جو علم عروض جي قانونن پٽاندڙ جوڙيل هجي؛ يعني شعر ۾ مصرعون نه رڳو وزن ۽ قافيي واريون هجن، پر ان سان گڏ اهي مقرر بحر جي وزنن ۽ ارڪانن موجب هئڻ کپن. اهڙي شعر ۾ قافيي سان گڏ ”رديف“ به ڪم آندو ويندو آهي. هن قسم جي شعر ۾، حمد، نعت، قصيدو، غزل، نظم، مثنوي، رباعي، قطعو، مستزاد، فرد، مسمط، ترجيع بند، ۽ ترڪيب بند، وغيره اچي وڃن ٿا.[1]

شاعري، قصيدي يا غزل جي شروعاتي يا پهرئين بند جي ٻن مصرعن کي ”منڍ“ يا ”پهريون بند“ (Starting Stanza) چئجي ٿو. اردو ۽ عربيءَ ۾ ان کي ”مطلع“ چيو وڃي ٿو. اصل ۾ ”مطلع“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معا آهي ،”اُڀرندڙ، ظاهر ٿيندڙ. اصلاحي معنا ۾ هن مان مراد اها آهي شعر جون ٻئي مصرعون قافيي واريون هونديون آهن؛ يا وري قافيي سان گڏ رديف به شامل هوندوآهي. خاص ڪري غزل ۾ ”پهريون بند“ يا مطلع جو هجڻ تمام ضروري آهي. باقي ٻين شعرن ۾ انهيءَ جي ايتري ضرورت نه هوندي آهي. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد</ref>

سنڌي ادب تي لکيل ڪتاب

سنڌي ادب جي شروعات ۽ ارتقاء بابت عالمن ۾ ڪجهه اختلاف آهن. ڪجهه عالمن جي اها راءِ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي شروعات عربن جي دؤر ۾ ٿي، پر ڪجهه عالمن جو اهو چوڻ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سومرن جي دؤر ۾ ٿي.

"اره بره ڪنڪره، ڪرڪري مندرا" يا ڪن روايتن موجب اهو جملو هيئن آهي؛ "اره اصره ڪڪرا. ڪي ڪره مندره"

هن جملي بابت چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي مائهو بغداد ويو ۽ اتي يحيى بن برمڪيءَ جي روبرو اهو جملو پڙهيائين. انهي جملي جي معنى هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي. "جڏهن اسان وٽ نيڪين جو ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي". هن جملي بابت ڪيترن ئي ماهرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماهرن جي اها راءِ آهي ته اهو جملو ڪنهن افريقي ٻولي جو آهي. جيڪو حضرت بلال رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ چيو هيو. بحر حال جيڪڌهن هن جملي کي سنڌي ڪري به مڃجي تڏهن هن دؤر کي "سنڌي ادب جو دؤر" نٿو چئي سگهجي. سنڌي ادب جي باقائده شروعات سومرن جي دؤر ۾ ٿي جنهن کي "سنڌي ادب جو اوائلي دؤر" به سڏيو وڃي ٿو. [2]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. شاعري | عباس ڪوريجو ويب