عبدالقادر جوڻيجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عبدالقادر جوڻيجو
Abdul Qadir Junejo
پيدائش عبدالقادر جوڻيجو
(1945-09-13)سيپٽمبر 13, 1945
ڳوٺ جنهاڻٿرپارڪر ضلعو
وفات 30 مارچ 2020 (عمر 74 سال)
ڄامشورو
قلمي نالو عبدالقادر جوڻيجو
ڌنڌو ليکڪ، ڊائريڪٽر سنڌالاجي
ٻولي سنڌي، اردو، انگريزي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم اي سوشيالاجي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف ڪهاڻي، ڊراما، ڪالم، ناول
مُکيه ڪم ويندڙ وهي لهندڙ سج
سونو روپو سج
شڪليون
The dead river
ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي، لطيف اوارڊ، پي ٽي وي اوارڊ
ويبسائيٽ
abdulqadirjunejo.com

عبدالقادر جوڻيجو(انگريزي: Abdul Qadir Junejo) سنڌي ٻوليءَ، اردو ۽ انگريزي ٻولي جو نامور ناول نگار، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار هو. سندس ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ڊراما نشر ٿيل آهن ۽ سندس ڪتان پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

عبدالقادر ولد مُريد حسين جوڻيجو 13سيپٽمبر 1945ع تي ڏيپلو تعلقو ٿرپارڪر ضلعو جي ڳوٺ ”جنهاڻ“ ۾ جنم ورتو.[1][2]

تعليم[سنواريو]

عبدالقادر جوڻيجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم پنهنجي پيءُ سان گڏ رهي، ضلعي نوابشاهه هاڻ شهيد بينظيرآباد ضلعو جي مختلف اسڪولن ۾ ،ورتي ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڏيپلو مان 1962ع ۾ پاس ڪيائين. هن بي اي ۽ بي ٽي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالوجي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي.[1]

عملي زندگي[سنواريو]

عبدالقادر جوڻيجي عملي زندگي پرائمري استاد طور شروع ڪئي. بعد ۾ هن کي ايڇ ايس ٽي ڪري مڊل اسڪول فضل ڀنڀري جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. 1976ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ٿيو. پوء سنڌولاجي جو ڊائريڪٽر پڻ مقرر ٿيو.[1]

ادبي سفر[سنواريو]

عبدالقادر جوڻيجي پهرين اردو ادب جي مطالعي سان شروعات ڪئي پوءِ سنڌي ادب پڙهڻ لڳو. سندس پهرين ڪهاڻي 1964ع ۾ ”مٺ مٺ سورن“ رسالي ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپي. اڳتي عبدالقادر جوڻيجو سنڌي ڪهاڻي، ڊرامي، ترجمي ۽ شوبز جو وڏو نالو بڻجي. سندس ڪهاڻين جو اردو، هندي، گجراتي، پنجابي ۽ چيني ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو.[1]

ڪتاب[سنواريو]

  • واٽون راتيون ۽ رول[1]
  • ويندڙ وهي لهندڙ سج (1981ع)
  • سونو روپو سج
  • شڪليون، خاڪا، 1979ع
  • The dead river
  • وڏا اديب وڏيون ڳالهيون 1984ع
  • ايورسٽ تي چڙهائي، 1987ع
  • ڪرسي(1998ع
  • ڇو، ڇا ۽ ڪيئن, 1999ع
  • وڻ وڻ ڪاٺي 2003ع
  • خط ٻن اديبن جا 1999ع
  • ڇا لکان! 2005ع

۽*ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ 2010ع

ڊراما[سنواريو]

عبدالقادر جوڻيجي جو پهرين ريڊيو ڊرامو 1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو. سندس ٽيهن کان به وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿي چڪا آهن. 1976ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. سندس پهرين سنڌي سيريل ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ اردو ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ۽ بعد ۾ ساڳيو سيريل بي بي سي چئنل فور تان انگريزي ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جيڪو ڏکڻ ايشيا جو پهريون سيريل هو. ان کانسواءِ سندس ٻيو سنڌي سيريل ”خانصاحب“ اردو ۾ ”ڇوٽي سي دنيا“ جي نانءُ سان ٿيو. انهيءَ سيريل تي ”فري يونيورسٽي برلن“ جي ڪلچرل ائنٿر پالاجي ۾ ”ڊاڪٽر هيليني باسو“ ٿيسز لکي، جيڪا جرمن ٻولي کانسواءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪي آهي. سندس هڪ ٻيو اردو سيريل ”سيڙهيان“ تيرنهن ملڪن ۾ هلي چڪو آهي. تنهن کانسواءِ سندس هڪ سيريل ”پرانده“ ڪئناڊا ۽ ناروي ۾ پڻ هلي چڪي آهي. ائين عبدالقادر جوڻيجو شوبز جي حوالي سان عالمي سطح جو سنڌي ليکڪ آهي. مٿين کانسواءِ سندس ڪيترائي اردو ۽ سنڌي ٽي وي ناٽڪ ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن.[1]

اوارڊ[سنواريو]

عبدالقادر جوڻيجي کي علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. پي ٽي وي ايوارڊ 1984ع، نگار ايوارڊ 1984ع، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ 1985ع، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ 1989ع ۽ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي 1989ع شامل آهن.

وفات[سنواريو]

جوڻيجو 30 مارچ 2020ع تي وفات ڪري ويو.[3]

حوالا[سنواريو]