ڄامشورو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄامشورو
شھر ۽ يونين ڪائونسل
Jamshoro
ڄامشورو ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي المنظر وارو تفريحي ماڳ
ڄامشورو ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي المنظر وارو تفريحي ماڳ
جاگرافي بيهڪ: 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
حڪومت
 • ضلعو ڄامشورو
آبادي (2013)[1][2]
 • ڪل 80,000 approx

ڄامشورو (انگريزي: Jamshoro) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ڪوٽڙيءَ جو هڪ شهر ۽ يونين ڪائونسل آهي. هيءُ شهر پنهنجي تعليمي ادارن جي ڪري مشهور آهي. ۽ هن شهر کي تعليمي شهر پڻ سڏيو ويندو آهي. هن شهر ۾ هڪ پراڻو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو پڻ موجود آهي جيڪو انگريز زماني کان تعليم ڏيندو ٿو اچي.ڄامشورو اصل ۾ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد دوآٻي جي ديهه جو نالو آهي، جيڪا ديهه موجوده صوبائي وزير ڄام خان شورو جي ڏاڏي ڄام خان شورو جي نالي سان جوڙي وئي هئي

تاريخ[سنواريو]

ڄامشورو ميرن جي آخري دور ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جيڪو ڄام شوري نالي هڪ شخص ٻَڌايو هو. هي ڳوٺ ڪيترا ورهيه ضلعي ڪراچيءَ جي حدن ۾ رهيو، پر 1931ع ۾ جڏهن دادوءَ کي ڪراچيءَ کان ڪٽي ڌار ضلعو ٺاهيو ويو ته ڄام شورو، دادو ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي جي حدن ۾ اچي ويو، ۽ ڄام شوري کي هن تعلقي جي هڪ ديهه جي حيثيت ڏني وئي. سنڌ يونيورسٽي ۽ سپر هاءِ وي ٺهڻ کان اڳ ڄام شورو يونين ڪائونسل جو درجو رکندڙ شهر هو.

بيهڪ[سنواريو]

ڄامشورو، سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي حيدرآباد کان اُتر اوڀر ڪنڊ تي 18 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي 250 26' ڊگريون اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 20' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. ڄام شوري جي حدن مان نئشنل هاءِ وي ۽ پاڪستان ريلوي لائين گذرن ٿا. هتي سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن به آهي.

تعليمي ادارا[سنواريو]

ڄامشورو شهر، سنڌ صوبي توڙي پاڪستان جي اهم تعليمي درسگاهن: سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي ڪري به مشهور آهي. ان کان سواءِ هتي سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، بيورو آف ڪريڪيولم، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جهڙا ادبي ۽ علمي ادارا به موجود آهن. ڄام شوري شهر کان ڪجهه فاصلي تي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو واقع آهي، جتان ملڪ جي اعليٰ سياسي شخصيتن جناب آصف علي زرداري (صدر پاڪستان)، سيد جلال محمود شاهه (اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي)، سيد ضياء شاهه (SUP اڳواڻ) ۽ نوجوان دانشور جامي چانڊيي ۽ ٻين تعليم حاصل ڪئي آهي. سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي قومي اڳواڻن جي. ايم. سيد ۽ ميران محمد شاهه جي ڪوششن سان قائم ٿي هئي، 1951ع ۾ ان جي ڪئمپس پهرين حيدرآباد ۾ ۽ بعد ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ڪوششن سان ڄام شوري ۾ قائم ٿيو. 1881ع ڌاري انگريز دور ۾ ڄام شوري ۾ هڪ ميڊيڪل اسڪول قائم ٿيو هو، جيڪو 1942ع ۾ ڪاليج ٿيو. 1951ع ۾ هي ميڊيڪل ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ سان ملحق ٿي لياقت ميڊيڪل ڪاليج بڻيو ۽ هن وقت يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. (وڌيڪ ڏسندا: لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ايندڙ جلد) 1963ع ۾ انجنيئرنگ جي تعليم جي فروغ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ٿيو، جنهن کي 1977ع ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو مليو.

شخصيتون[سنواريو]

ڄامشوري شهر، ڪئمپس ۽ ڪالونيءَ ۾ ڪيترائي اديب ۽ عالم ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، امداد حسيني، سحر امداد، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، عبدالقادر جوڻيجو، محمد قاسم ماڪا، اياز عالم ابڙو، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، محمود مغل، نياز پنهور ۽ ٻيا رهن ٿا. مرحوم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مرحوم طارق عالم ابڙو به هتي رهندو هو.[3]

ڄامشوري ۾ قائم ٽي وڏيون يونيورسٽيون ۽ ٻيا ادارا آهن:

  1. سنڌ يونيورسٽي
  2. مهراڻ يونيورسٽي
  3. لياقت يونيورسٽي
  4. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
  5. سنڌي ادبي بورڊ

حوالا[سنواريو]